• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا اسان هي ٽيڪنيڪل سکيا جو رستو وٺي سنڌ سڌار ۾ مدد ڪرڻ جا ساٿي بڻيل آهيون؟هي رستو ڪيئن ٿو لڳي؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڇا اسان هي ٽيڪنيڪل سکيا جو رستو وٺي سنڌ سڌار ۾ مدد ڪرڻ جا ساٿي بڻيل آهيون؟هي رستو ڪيئن ٿو لڳي؟
ڇا اسان هي رستو وٺي سنڌ سڌار ۾ مدد ڪرڻ جا ساٿي بڻيل آهيون؟ هي رستو ڪيئن ٿو لڳي؟ ، پنهنجا ڪامينٽس ڏيڻ نه وساريندا. پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تي.

دوستو! رُڳو ميڊيا وانگر گورنمينٽ تي ڀاڙڻ ۽ الزم تراشي ڪرڻ يا ڪنهن رشوت خوريءَ جي اشوز تي احتجاجن ٻاهر نڪري گڏ ٿي ۽ خالي نعره هڻي ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پُهچائڻ کان بهتر ناهي ته پنهنجي چوڌاري ۽ پنهنجي صفن ۾ لڪيل بُراين کي وائکو ڪري سڀني علتي موالين جو خاتمون آڻجي جيڪي سنڌ ۾ هر بُرائيءَ جي پويان آهن ۽ جيڪي پنهنجي ذاتي لذت، ٺرڪ، فاحشيت جي تسڪين لاءِ ۽ علت پوري ڪرڻ لاءِ رشوت وٺي سنڌي سماج تباه و برباد ڪري رهيا آهن .

ته هر سنڌي شخص جنهن کي قدرت ڪا نه ڪا پازيٽو ڪلا ڏني آهي قومي خدمت ۽ فرض ڄاڻي ، سوشل ميڊيا جو بهتر استعمال ڪري ۽ پنهنجو شيئر وجهي ڇو جو اڄ جو اُڀرندڙ سنڌي نسل رهنمائي گهري ٿو نه ته جيئن ڏسجي پيو هي خوبصورت پڙهيل لکيل يا اڻ پڙهيل ، امير جو يا غريب جو ، عالم جو يا جاهل جو، راشي ڪاموري جو يا عزت واي آفيسر جو يا مزدور جو ٻچڙو ، لاپرواه ماءُ پيءُ جي ڪري ، ڪن ٺرڪين جي صحبت ۾ ۽ وس چڙهي ڇڙواڳ ٿي، تيزيءَ سان موالي ڪلچر ۾ گهسندو وڃي. ۽ شراب، شباب، عاشق، معشوقي، غليظ شاعري پاڻ لاءِ اسٽيٽسڪو سمجهي اپنائي پيو جنهن سان يقينن سنڌيءَ جو ميرٽ بڻجڻ مشڪل ٿي پوندو. سنڌ ۾ لوفر پائي ۽ بُڇڙائي عام ٿي پوندي.

ته اها ڳالهه مد نظر رکي اسان به پنهنجي سائنسي ڪلا دلچسپ مضمونن سان شيئر ڪيون پيا ته ان بگڙجندڙ سنڌي نسل ۾ شوق اُڀاري واڳ ورائي سگهون ۽ موالي پڻ ۾ رُڪاوٽ وجهون. هر سنڌي ماڻهون جي تباهيءَ جو ڪارڻ موالي هُجڻ يا موالين لاءِ استعمال ٿي هلڻ آهي. جنهنجو پهريون ۽ بُنيادي عنصر وڏيرن جي ڳوٺن ۾ گهوسڙو اسڪولن ۽ اُستادن جو بُنياد پوڻ ۽ پوءِ انهن ئي اسڪولن کي موالين جي اوتارن يا وٿاڻن ۾ تبديل ٿيڻ آهي. توهان به دير نه ڪريو ۽ سنڌي ماڻهن جي موالي ناسور مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ اڳتي وڌي اچو . ڇو جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو !
 
Back
Top