اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏3 جون 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون​


    محمد ابراهيم جويو

    [​IMG]


    واشنگٽن جي فرمانروا! اسان کي چورائي موڪليو آهي ته هو اسان کان اسان جي ڌرتي خريد ڪرڻ ٿو گهري، هن اسان جي قبيلي جي ماڻهن لاءِ پنهنجي دوستيءَ ۽ نيڪ نيتي جذبن جو اظهار پڻ ڪيو آهي. اها سندس مهرباني. اسين اها ڳالھ ڀلي ڀت ڄاڻو ٿا ته کيس اسان جي دوستي جي ڪا به ضرورت ناهي. پر پوءِ به اسين سندس اهڙي آڇ تي ٿڌيءَ دل سان سوچينداسين. ڇو ته اسين اهو به ڄاڻو ٿا اسان جيڪڏهن کين پنهنجون زمينون نه به وڪڻي ڏنيون، تڏهن به گورا بندوقون کڻي ايندا ۽ اسان کان اسان جون زمينون زوريءَ کسي وٺندا. اوهين ڌرتيءَ ۽ آڪاش جي گرمائش کي ڪيئن ٿا وڪڻي ۽ خريد ڪري سگهو، اها ڳالھ ئي اسان لاءِ عجب جهڙي ۽ ڀوائتي آهي. هوا جي تراوت ۽ پاڻيءَ جي اڇ جيڪڏهن اسان جي ملڪيت ئي ناهن ته پوءِ اهي اسان کان اوهين ڪيئن ٿا خريد ڪري سگهو؟.

    هن ڌرتيءَ جو گوشو، هن مٽيءَ جو ذرو ذرو اسان جي قبيلي وارن لاءِ مقدس شيءَ جي حيثيت رکي ٿو. ديال جي هر وڻ جا نوڪدار، چمڪدار پن، سمنڊ جو هر وارياسو ڪنارو، گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ ڇانيل ڌنڌ، انهن جي گهاٽي ٿڌي ڇانوهن ڌرتيءَ جو هر ميداني علائقو ۽ ڀون ڀون ڪندڙ ڀونئر ۽ ڀڻ ڀڻ ڪندڙ پوپٽ، هر جيت جڻيو، اسان لاءِ مقصد آهي. وڻن جي ٽارين ۽ پنن ۾ جيڪو رس گردش ڪري ٿو. سو اسان جي قبيلي جي ماڻهن جي ياد ۽ تجربي موجب اسان ڳاڙهن انڊين لوڪن جي يادگيريءَ جو دفتر آهي.

    گورا ماڻهو مرڻ پڄاڻان پنهنجي جنم ڀوميءَ کي وساري ويهن ٿا. اسان جا ماڻهو مرڻ کان پوءِ به هن سدا ملوڪ سهڻي ڌرتيءَ کي نه ٿا وسارين، ڇو ته اها اسان ڳاڙهن لوڪن جي جيجل ماءُ آهي. اسين هن ڌرتيءَ جو جز آهيون. ان جا حلالي پٽ آهيون ۽ اها اسان جو جز آهي. هن چمن جا سهڻا ساھ سيباڻا گل، من موهيندڙ خوشبوئن ڀريل اسان جا ڀائر آهن. هرڻيون، گهوڙا، عظيم عقاب وغيره، انهن سڀني کي اسين پنهنجا ابي امان ڄاوا سمجهون ٿا. پهاڙن جون بلند چوٽيون، چراگاهن جي ماڪ، گهوڙن جي جسم جي گرمائش ۽ ماڻهو، اسين سڀئي هڪ ڪٽنب آهيون.

    تنهن ڪري واشنگٽن جي سردارن جڏهن اسان کي چورائي موڪليو ته هو اسان جون زمينون ڳنهڻ گهري ٿو ته ڄڻ ته هن اسان کان گهڻو ڪجھ گهري ورتو آهي!. هن اهو به چورائي موڪليو آهي ته هو اسان جي رهڻ ڪهڻ لاءِ ڪجھ علائقو مخصوص ڪرائي ڇڏيندو ته جيئن اسين اتي، ان علائقي ۾ آسودگيءَ سان رهي سگهون. سندس تجويز موجب ان علائقي ۾ رهڻ سان اسين سندس رعايا ٿي وينداسون ۽ هو اسان جو سردار هوندو، مالڪ هوندو.

    زمين جي خريداريءَ يا ان جي وڪري بابت اوهان جي تجويز تي اسين سوچ ويچار ڪنداسون. پر اهو معاملو ايڏو ڪو هلڪو يا سوکو ڪونهي،ڇو ته اسان لاءِ هي ڌرتي مقدس آهي. نهرن ۽ درياهن ۾ وهندڙ، جرڪندڙ ۽ چلڪندڙ پاڻي محض رڳو پاڻي ئي ناهي پر اهو اسان جي نظر ۾ پنهنجي هيءَ ڌرتي اوهان وڪڻي به کڻي ڏيون، تڏهن به ياد رکجو ته اها مقدس آهي ۽ اوهين پنهنجي اولاد کي اهو ضرور ٻڌائجو ته ” هيءَ ڌرتي مقدس آهي.“

    ڍنڍن جي اجري جر ۾ نظر ايندڙ هر هڪ ڌنڌلو پاڇولو منهنجن ماڻهن جي يادن ۽ انهن سان لاڳاپيل واقعن جو داستان ٻڌائي ٿو. درياهن جي وهندڙ پاڻيءَ جي گڙگڙاهٽ ڄڻ ته منهنجي بزرگن جي آوازن جو پڙاڏو آهي.

    درياھ اسان جا همراھ آهن، ساٿي آهن. اهي اسان جي اڃ اجهائين ٿا، اسان جون ٻيڙيون انهن ۾ ترن ٿيون. اهي اسانجي ٻچن جي کاڌ خوراڪ، پيٽ گذر ۽ جياپي جو ذريعو آهي. جيڪڏهن اسين پنهنجون زمينون اوهان کي وڪڻي به ڏيون ته اها ڳالھ ياد رکجو ۽ پنهنجن ٻچن کي ٻڌائجو ته درياھ اسان جا ساھ آهن ۽ اوهان جا به، ۽ اڄ کان پوءِ اوهين به درياهن کي اهائي شفقت ڏجو جيڪا اوهين پنهنجي ساھ کي ڏيندا آهيو.

    ريڊ انڊين قبيلي جي ماڻهن اڳرائي ڪندڙ ۽ اڳتي وڌندڙ گورن اڳيان سدائين ايئن ڀاڄ کاڌي آهي، جيئن صبح جي وقت اڀرندڙ سج جي ڪرڻن اڳيان پهاڙن جو ڌنڌ غائب ٿي ويندو آهي. پر اسانجن ابن ڏاڏن جي رک مقدس آهي. انهن جون قبرون اسان لاءِ مقدس آهن ۽ بلڪل اهڙيءَ ئي ريت هي جبل، هي وڻ، ڌرتيءَ جو هيءُ حصو، جنهن تي اسين رهون ٿا. اسان لاءِ مقدس آهي. اسين ڄاڻو ٿا ته گورا اسان جي روايتن کان اڻواقف آهن. انهن جي نظر ۾ زمين ته مڙئي زمين آهي. سندن نظر ۾ زمين به ڄڻ ڪا خريد و فروخت ٿيندڙ شيءِ آهي. زمين جو ٽڪرو يا حصو يا ڪو علائقو ڪنهن ٻئي علائقي جهڙو محض ڪو زمين جو ٽڪرو يا علائقو آهي. ڌرتي ماءُ جهڙي املھ، مقدس ۽ ٻاجهاري وستيءَ سان سندن اها روش فقط ان ڪري آهي، جو اهي ان جي افاديت کان اڻ وقف آهن. کين ڪهڙي خبر ته ڌرتيءَ جو رشتو ڇا کي چئبو آهي. اهي ته ان اجنبيءَ يا ڌارئي ماڻهو وانگر آهن. جيڪو رات جي اونداهيءَ ۾ ڪنهن چور وانگر اچي ٿو ۽ زمين مان کيس جيڪي ڪجھ وڻي ٿو، سو ڇني وٺي ٿو. ان جي نظر ۾ ڌرتي سندس سرتي نه پر ڄڻ ته سندس ڪا دامني هوندي آهي. هو ان سان ويريءَ وارو ورتاءُ ڪري ٿو ۽ جڏهن ان کي فتح ڪري پنهنجي زيربار ڪري ٿو وٺي ته پوءِ وري ڪنهن ٻيءَ ڌرتيءَ کي فتح ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي ماتحت ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي ٿو. هو پنهنجن ابن ڏاڏن جون قبرون اتي ئي ڇڏي، اڳتي وڌي ٿو وڃي ۽ وري ڪڏهن ڀلجي به انهن جي ڪا سار سنڀال نه ٿو لهي. هو ڌرتيءَ کي ان جي پيٽ ڄاول سڳن پٽن وٽان زور زبردستيءَ سان کسي، يرغمال بنائي ٿو ڇڏي. کيس ان جو ذرو به خيال نه ٿو رهي. هو ان جي ڪا به پرواھ نه ٿو ڪري. هو پنهنجن ابن ڏاڏن جي قبرن کي ۽ پنهنجن ٻچن جي پيدائشي حقن کي به وساري ڇڏي ٿو. هو ڌرتي ماءُ کي ۽ آڪاش کي خريد ڪيل شين جيئن سمجهي ٿو. هو ان ڌرتيءَ تي لٽ مار ڪري ٿو. ان کي اجاڙي، برباد ڪري ٿو ڇڏي ۽ پوءِ ڪنهن رڍ ٻڪريءَ وانگر يا چمڪندڙ نيڻن وانگر ان کي وڪڻي ڇڏي ٿو. سندس هٻڇ ۽ هوس ۽ توسيع پسندي ڌرتيءَ جي زرخيزي ۽ مال متاع کي ڳيهي ۽ ڳڙڪائي ٿي ڇڏي. هو ڌرتي ۽ ماڻهو مارڻ جو ماهر آهي. ان تي هو فخر ڪري ٿو.

    مون کي وڌيڪ ته خبر ناهي، البته، اسان جون روايتون اوهان جي روايتن کان مختلف آهن. اوهان جي شهرن جون رونقون اسان ڳاڙهن هندستانين جي اکين کي تڪليف پهچائين ٿيون. ٿي سگهي ٿو ته اهو ان ڪري هجي جو ريڊ انڊين جهنگلي ماڻهو آهن، اهي اوهان جي رمزن ۽ ريتن کي سمجهي نه ٿا سگهن.

    اوهان گورن ماڻهن جي شهرن ۾ ڪا به جڳھ سانتيڪي نه آهي. انهن شهرن ۾ اهڙي ڪا به جڳھ نه ٿي سجهي جتي بهار جي خوبصورت ۽ من موهيندڙ رت ۾ نسرندڙ پنن جي ڪا سرسراهٽ، ڪا سرگوشي ٻڌي سگهجي يا شوخ ۽ چنچل ۽ رنگ به رنگي پوپٽن جي نرمل ۽ ڪومل پرن جي سرڙاٽ کي محسوس ڪري سگهجي پر آئون اهي ڳالهيون شايد ان لاءِ ڪري رهيو آهيان جو مان هڪ جهنگلي ماڻهو آهيان، ۽ اوهان سڌريل ماڻهن جي زندگيءَ جي ” مهذب آدابن“ کي سمجهي نه ٿو سگهان، اوهان جي شهرن جو هيءُ بي سرو هل هنگامو سچ پچ ته ڪنن کي کائي ٿو، اها ڪهڙي زندگي چئبي، جنهن ۾ اسان ڪنهن ڪوئل جي اداس ڪوڪ ئي نه ٻڌي سگهي؟ يا سانجهي ٽاڻي پاڻيءَ جي تلائن ۾ موجود ڏيڏرن جي سر جا آواز به ٻڌي نه سگهي؟ اها ڪهڙي زندگي چئبي؟.

    آءُ ڳاڙهن هندستانين جي نسل سان تعلق رکندڙ آهيان ۽ مون ۾ ڪا به سڌ ٻڌ يا ساڃاھ ڪانهي. آءُ اوهان جي ٻچڙائپ، مهذب پڻي کي سمجهي نه ٿو سگهان. آءُ جاهل، اياڻو ۽ ڄٽ قسم جو ماڻهو آهيان. مون ۾ ڪا به سمجھ ڪانهي! سرخ رو انڊين نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهو فطرت جو عاشق هوندو آهي. هو ڍنڍ جي مٿاڇري تي گهلندڙ ٿڌڙي هير جي جهيڻي آواز کي ٻڌڻ ۽ ان جي هڳاءُ کي محسوس ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو. اسان جي نظر ۾ هوا هڪ قيمتي شيءِ آهي، ڇو ته هن ڪائنات ۾ موجود سڀئي ساهوارا انسان توڻي حيوان، پکي پکڻ توڻي جيت جڻيا، سڀئي ان هوا وسيلي ئي ساھ کڻن ٿا ۽ جيئرا رهن ٿا ۽ تنهن ڪري هو سڀئي ساھ جي هڪ لڙي ۾ پويل آهن. پر هڪ سفيد رو گورو، جنهن هوا مان ساھ کڻي ٿو تنهن جي قدر و قيمت کان اڻ واقف هوندو آهي. اسين جيڪڏهن هي زمين اوهان کي وڪڻي به ڏيون ته ياد رکجو ته هن مٽيءَ جي فضا ۾ موجود هوا، نهايت ئي قيمتي وٿ آهي. هيءَ اها هوا آهي جنهن ۾ اسان جي ابن ڏاڏن پهرين ساھ کنيو هو ۽ ان ئي هوا ۾ آخري پساھ پڻ کنيا هئا. هن هوا کي اسان جن ٻچن ۾ به زندگيءَ جو روح اوتڻو پوندو. اسين جيڪڏهن پنهنجيون زمينون وڪڻي ڇڏيون ته اوهين ايترو سو ضرور ڪجو جو ان ڌرتيءَ کي پاڪ پوتر رکجو، ان کي مقدس سمجهجو، هڪ اهڙيءَ جڳھ مثل سمجهجو جنهن جي هوا ۽ فضا ۾ موجود چراگاهن جي گلن جي سرهاڻ ۽ ميٺاج جو لطف گوري نسل سان تعلق رکندڙ ماڻهو به ماڻي سگهي ٿو.

    اسين اوهان جي ان آڇ ته توهين اسان کان اسان جي ڌرتي خريد ڪرڻ گهرو ٿا، تنهن تي سوچ ويچار ڪنداسون ۽ جيڪي اوهين گهرو ٿا جيڪڏهن اسان ايئن ڪيو به ته اهو هڪ شرط تي ڪنداسون ۽ اها شرط هيءَ هوندي ته اوهين گورا ماڻهو هن ڌرتيءَ جي ساهوران پسوئن توڻي پکين سان پنهنجي ڪٽنب جي ڀاتين وانگر پيش ايندئو.

    آءُ هڪ جهنگلي آهيان. مون ۾ ڪا به سمجھ ڪانهي، پر هن وسيع ميدانن ۾ هزارين پاڏا ۽ مينهون مئل ۽ ڳريل سڙيل حالت ۾ ڏٺيون آهن جيڪي اوهان گورن جي تيز رفتار ريل گاڏين جي ٽڪر ۾ اچي مري ويون آهن. آءُ جهنگلي ماڻهو آهيان، مون ۾ ايڏي سمجھ ڪانهي جو آءُ اهو سمجهي سگهان ته نيٺ به هڪ دونهو اڏائيندڙ تيز رفتار لوهي گهوڙو ڪنهن جيئري جاڳندي جيو، پاڏي يان مينهن کان وڌيڪ، ايترو اهم ڇو آهي. اسين جيڪڏهن انهن ساھ وارن جو شڪار ڪيون ٿا ته به فقط پنهنجي ساھ لاءِ، پنهنجي جياپي لاءِ. اوهان ته بنا سبب جي ۽ هروڀرو انهن قيمتي ۽ ڪارائتن جانورن جي هتيا ڪندا ٿا وتو! اها ڳالھ منهنجي سمجھ کان مٿڀري آهي.

    جانور جيڪڏهن نه هجن ها ته جيڪر انسان ڪهڙي حال ۾ هجي ها! جيڪڏهن سڀئي پسون پکي ختم ٿي وڃن ته انسان جيڪر هڪ عظيم اڪيلائپ ۾ ويڳاڻو ٿي مري وڃي! ڪنهن زخم، ڪنهن گهاءُ جو ايذاءُ جهڙو انهن گگدام ساسين، پسونئن، پکين کي ايندو آهي تهڙوئي اهو انسان کي به ايندو آهي، ڇو ته هيءَ سموري مخلوق هڪ ئي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي.

    اوهان پنهنجي اولاد کي اهو ضرور سيکارجو ته هيءَ ڌرتي جيڪا اوهان جي پيرن هيٺيان آهي، سا اسان جي ابن ڏاڏن جي خاڪ آهي. اهو سيکارڻ۽ ذهن نشين ڪرائڻ ان ڪري به ضروري آهي ته جيئن اهي هن ڌرتيءَ جو احترام ڪن. اوهين پنهنجي اولاد کي اهو ٻڌائجو ته هيءَ ڌرتي اسانجي نسل وارن ماڻهن جي زندگين سان آباد آهي. ۽ ها! اوهين پنهنجي اولاد کي اهو به درس ڏجو ته، جيڪو درس اسان پنهنجن ٻچن کي ڏنو آهي، ته ”هيءَ ڌرتي، اسان جي ماءُ آهي“ هن ڌرتيءَ سان جيڪو ڪجھ سلوڪ ڪيو وڃي ٿو، ان تي جيڪي ڪجھ گذري ٿو، وهي واپري ٿو، تنهن جو اثر هن ڌرتيءَ جي حلالي پٽن تي پوي ٿو. اسان جو ته عقيدو آهي ته جيڪو ماڻهو هن ڌرتيءَ تي ٿڪ اڇلائي ٿو سو حقيقت ۾ سچ پچ ته پنهنجي ئي منهن تي ٿڪ اڇلائي ٿو. اسان کي اها چڱيءَ ريت خبر آهي ته ڌرتي ماڻهوءَ جي ملڪيت ناهي. پر هڪ ساھ سڱيڻي ماڻهوءَ جو ڌرتي سان سڌو تعلق آهي. ڌرتي سان ئي ماڻهو سڃاپجي ٿو. اسان کي خبر آهي ته جيئن رت ڪنهن خاندان يا قبيلي کي ڳنڍي ٿو، تيئن ئي سڄي مخلوق هڪ ٻئي سان ڳنڍيل ۽ جڙيل آهي.

    جيڪي ماڻهو هن ڌرتيءَ تي زيادتي ڪن ٿا، زور ذبردستي ۽ ظلم ڪن ٿا سي حقيقت ۾ هن ڌرتيءَ جي سچن سپوتن سان زيادتي ڪن ٿا. زندگيءَ ڪا پوري ماڻهوءَ جي اڻت ناهي. ماڻهو ته ان ۾ شامل انيڪ ڌاڳن منجها هڪ ڌاڳي مثل هوندو آهي. زندگيءَ جي ڄار سان کيڏڻ ذريعي ماڻهو ڌرتيءَ سان جيڪو سلوڪ ڪري ٿو. جيڪا هلت هلي ٿو. سا حقيقت ۾ هو پنهنجي پاڻ سان هلي ٿو.

    پر اسين اوهان جي ان آڇ تي به سوچ ويچار ڪنداسين ته اسان جا ماڻهو اوهان پاران تجويز ڪيل مخصوص علائقي ۾ منتقل ٿي وڃن ۽ ان علائقي تائين ئي محدود رهن. اسان سڀني کان الڳ ٿلڳ، ڪنهن ڪنڊائتي گوشي ۾ ۽ ڌار رهنداسون ۽ امن سان رهنداسون. اسين پنهنجي حيات جا باقي ڏهاڙا ڪيئن گذارينداسين. تنهن ڳالھ جي ڪهڙي اهميت آهي! ڪائي ڪانهي! ان بابت ڪير ڳڻتي ڪندو! ڪير اسان جي آئيندي بابت سوچيندو ۽ فڪرمند ٿيندو! اسان جي نسل وارن پنهنجن وڏن کي اڳرائي ڪندڙ، زورآور دشمن هٿان شڪست کائيندي انهن جي آڏو پنهنجا ڪنڌ جهڪائيندي ڏٺو آهي. اسان جا جوڌا ۽ پهلوان اهڙين شڪستن تي هميشه شرمسار ٿيا آهن، ۽ شڪست کائڻ کان پوءِ پنهنجي ازلي ويرين کان پلاند وٺي کين جوڳي سيکت ڏيڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران پنهنجا باقي ڏينهن سستيءَ ۽ ڪاهليءَ ۾ گذارين ٿا ۽ ائين پنهنجي بهادريءَ تي ڪلنگ لڳائين ٿا ۽ پاڻ کي، پوري قبيلي ۽ نسل کي غلاميءَ جي ذلت ڀرئي اوڙاه ۾ ڌڪي ڇڏين ٿا. اهي سڻڀا، سوادي ۽ مٺاس سان ڀرپور کاڌا ۽ نشي آور شراب پي، پنهنجن جسمن کي بگاڙي ۽ گندو ۽ غليظ ڪري ٿا ڇڏين. مڌ ۽ مايا جي موھ ۾ مست بڻجي، غلامي جي سک ڀري ننڊ جا هيراڪ بڻجي ويندا آهن، ۽ ائين پنهنجن ماڻهن سان پنهنجيءَ بيوفائي جي نتيجي ۾ اسان جي قبيلي جا ماڻهو نڌڻڪا ۽ بيواها ۽ موڳا بڻجي، نراسائيءَ جي عالم ۾ پنهنجو جيون گهارين ٿا. انهن جي ڪنهن کي به ڪا چنتا، ڪا اون، ڪا ڳڻتي ڪانهي، اسين پنهنجي زندگيءِ جا باقي ڏينهن ڪٿي گذارينداسين، تنهن ڳالھ جي ڪهڙي اهميت، اسان جي حياتي جا اهي ڏينهن ڪٿي گهڻا ته ڪو نه آهن، چند ڪي پهر، ڏينهن، ٻه ٽي وڌيڪ سيارا.... ۽ پوءِ، ۽ پوءِ، بس! انهن عظيم قبيلن جي نسل مان جيڪي ڪنهن زماني ۾ هن ڌرتيءَ تي رهندا هئا. باقي ڪو به ڪو نه بچندو، يا وري جيڪي هاڻي ننڍن ننڍن گروهن يا ٽولن جي صورت ۾ جهنگن ۽ ٻيلن ۾ ڀٽڪندا ۽ رلندا ٿا وتن، سي ئي وڃي، انهن ماڻهن جي قبرن تي ماتم ڪرڻ لاءِ بچندا، جيڪي ڪنهن دور ۾ ايترائي طاقتور ۽ پر اميد هئا جيترا هن وقت اوهين آهيو.

    پر آءُ پنهنجي ماڻهن جي ايئن، ان ريت ويچارپ جي حالت ۾ مٽجي، فنا ٿي وڃڻ جو ڇو ڀلا ويهي ماتم ڪريان؟ قبيلا ڇا هوندا آهن؟ رڳو ڪجھ ماڻهن جي ئي رنگ، نسل، ٻوليءَ ۽ سڀاءَ سان تعلق رکندڙ ۽ ڪجھ هڪجهڙين ريتن رسمن کي مڃيندڙن جي هن ٽڪري زمين جي هڪڙي ڪنهن مخصوص گوشي ۽ فطري طرح گڏجي رهڻ ڪهڻ سان قبيلا وجود ۾ اچن ٿا. ماڻهو هن سنسار ۾ هڪڙا اچن ٿا ٻيا وڃن ٿا. بلڪل ائين ئي جيئن سمنڊ جي مٿانڇري تي هڪڙيون ويرون اچن ٿيون ۽ ٻيون وڃن ٿيون. اهو فطرت جو قانون آهي، جنهن کان اڇي منهن وارا گورا به جن سان سندن دعوى موجب سندن خدا ايئن اٿي، ويهي، هلي فري ۽ ڳالهائي ٿو جيئن ڪو دوست پنهنجي دوست سان هلندو فرندو ۽ ڳالهائيندو آهي، فطرت جي ان قانون کان مٿڀرا يا آزاد ناهن.

    هڪ ڳالھ جي اسان کي البته خبر آهي، جيڪا ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن گورا به ڄاڻي وٺندا ته سڀني جو خدا ساڳيو ئي آهي، ٿي سگهي ٿو ته اوهين هن وقت ائين سوچيندا هجو ته خدا به اوهان جي ايئن ئي ڪا ذاتي ملڪيت آهي، جيئن اوهين اسان جي ڌرتيءَ کي پنهنجي ملڪيت بنائڻ گهرو ٿا. پر اوهان جا اهي جهل نه ڏيندڙ پاڻ، سرا ارادا ۽ عزائم ڪڏهن به پورا ڪو نه ٿيندا، اوهين خدا تعالى جهڙي ٻاجهاري هستي کي جيڪا سڀني رنگن، نسلن ۽ ٻولين وارن ماڻهن تي هڪجھڙي مهربان آهي. پنهنجي زرخريد ملڪيت بنائي نه ٿا سگهو، ڇو ته خدا بحرحال هر انسان جو خدا آهي، ۽ اوهان جي نظر ۾ جيترو هو اوهان گورن لاءِ مهربان آهي، اسان جي نظر ۾ اهو اسان ڳاڙهن هندستانين لاءِ پڻ اوتروئي مهربان آهي. هيءَ ڌرتيءَ جيڪا ان ٻاجهاري ڌڻيءَ کي بيحد پياري آهي، تنهن کي ڪنهن قسم جو ڇيهو پهچائڻ ڄڻ ته ان جي خالق، ان جي سرجڻهار جي بي ادبي ڪرڻ برابر آهي. گوري نسل وارا ماڻهو به ائين ئي هن ڌرتيءَ جي نقش تان مٽجي، ميسارجي ۽ فنا ٿي ويندا، جيئن ٻيا ۽ شايد تمام سگهو ئي، ٻين سڀني نسلن جي قبيلن جي فنا ٿيڻ کان به اڳ ۾ اوهين جيڪا مدائي، جيڪو زهر، هتي هن ڌرتيءَ تي پکيڙي رهيا آهيو، تنهن جي زهريليءَ فضا ۾ اوهين به هڪ ڏينهن نيٺ گهٽجي، ٻوساٽجي مري ويندئو.

    پر اوهين پنهنجي مرڻ يا فنا ٿيڻ تي جيڪي روشن ٿي ويندا، خدا جي طاقت سان سرمشار ٿي ويندا، جنهن اوهان کي ڌرتيءَ تي ڪنهن خاص مقصد جي حاصلات لاءِ نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهين هن ڌرتيءَ مٿان ۽ اسان ڳاڙهن هندستانين مٿا پنهنجي ناجائز حاڪميت مسلط ڪري سگهو. اوهان جي هٿان اسان جي محڪوميت شايد اسان جي تقدير ۾ لکيل آهي، ڇو ته اڃا تائين اسين اهو به سمجهي نه سگهيا آهيون ته نيٺ به سچي ماهئي مال کي ڇو حلال ڪيو وڃي ۽ جهنگلي گهوڙي کي پالتو جانور بنايو وڃي! پر پوءِ به، هن جهنگلي يا ٻيلي جا پر اسرار ۽ ڳجها گوشا، ڪنڊ پاسا انيڪ ماڻهن جي خوشبوءَ سان انهن جي سڳنڌ سان واسيل آهن ۽ اها ڳالھ به اسان جي سمجھ کان ٻاهر آهي، گھاٽن وڻن جا جهڳا جيڪي ڪنهن زماني ۾ بي شمار ۽ اڻکٽ هوندا هئا سي اڄ ڪٿي آهن؟ ڇا اهي سدا لاءِ ختم ٿي ويا؟ انهن وڻن جون ٽاريون جيڪي اوچيون ۽ گھاٽيون ۽ پنن سان ڀرپور هونديون هيون. ڪيڏاهن ويون؟ ڇا اهي به ختم ٿي ويون؟!! باز پکي جيڪي اسان ۾ عزم ۽ حوصلا اوتيندا هئا. منزل جي تلاش لاءِ ادم ۽ اتساھ جاڳائيندا هئا. سي باز، تن جي اڀ مٿي لامارا اڄ نظر نه ٿا اچن. اهي باز پکي ڪيڏانهن ويا؟ ڇا هي به ختم ٿي ويا؟!! ته پوءِ باقي بچيو به ڇا آهي؟ تيز رفتار گهوڙن جون ڪهڙيون ويهي ڳالهيون ڪجن. سڀڪجھ ته ختم ٿي ويو آهي، لٽجي چڪو آهي!! ته پوءِ باقي بچيو به ڇا آهي؟ زندگيءَ جو سمورو لطف، سڀئي البيلايون ۽ رنگينيون ته ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻي ته بس رڳو جيئڻو ئي آهي. ڪنهن زندھ لاش وانگر. پر نه، اتان کان ئي، ان نقطي کان ئي جيئڻ جي امنگ جاڳي ٿي. جيئڻ جي نئين سر سڪ اٿي ٿي. شروعات ٿئي ٿي. خوشگوار، باوقار، آزاد زندگيءَ جي ماڻڻ ۽ ان لاءِ جيئڻ جي سڪ ۽ ان جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي شروعات.

    ته ڳالھ اها آهي ته اسين اوهان جي انهيءَ پيغام جنهن ۾ اوهان چورائي موڪليو آهي ته اوهين اسان جون زمينون خريدڻ گهرو ٿا. تنهن تي سوچ ويچار ڪنداسون. جيڪڏهن اسان اوهان جي ڳالھ مڃي ورتي ته شايد جنهن مخصوص علائقي ڏيڻ جو اوهان اسان سان واعدو ڪيو آهي سو ته شايد اسان کي ملي وڃي. جتي اسين پنهنجي قبيلي جي وجود جا باقي ڪي ٿورڙا ڏينهن جيئن اوهين چاهيو ٿا تيئن گذاري سگهون پر ياد رکجو ته جڏهن سرخ رو هندستانين جي نسل جو آخري ماڻهو هن صفحي هستيءَ تان مٽجي ختم ٿي ويندو ۽ ان نسل جي ماڻهن جي ياد محض ايئن وڃي باقي بچندي جيئن کليل ميدانن مٿا ڪو هيڪلو رولاڪ بادل گذري هليو ويندو آهي. يا ٿي سگهي ٿو ته اوهان اسان بابت سڀ ڪجھ وساري ڇڏيو ۽ اوهان کي ڪجھ به ياد نه رهي. پر پوءِ به ياد رکجو ته هنن سامونڊي پٽين ۽ ساحلن مٿان ۽ جھر جهنگ ۽ ٻيلن ۾ اسان ماڻهن جا ارواح ڀٽڪندا رهندا، ڇو ته اسين پنهنجيءَ هن جنم ڀوميءَ، ڌرتي ماءُ سان ايئن محبت ڪريون ٿا جيئن ڪو ابهم ٻار پنهنجي ماءُ جي دل ڌڙڪن سان پيار ڪندو آهي. تنهن ڪري جيڪڏهن اسين پنهنجيون زمينون اوهان کي وڪڻي به ڏيون، تڏهن به اوهين ان سان ايئن ئي محبت ڪجو جيئن اسين ان سان ڪندا آهيون، يا جيئن اسان ان سان ڪئي آهي. هن ڌرتيءَ جي ايئن سار سنڀال لهجو، جيئن اسان ان جي ڪئي آهي. اڄ جنهن حالت ۾ اوهين اسان کان هي زمينون خريد ڪريو ٿا، تنهن جو نقش پنهنجن ذهنن ۾ چڱي طرح چٽي ڇڏيو ۽ هن ڌرتيءَ جو خيال پنهنجيءَ ڪل سگھه سان پنهنجي پوري دل ۽ دماغ سان ۽ پوري توجھ ۽ تن من سان، ان جو خيال رکجو ته جيئن اوهان جا ايندڙ نسل به هن ڌرتيءَ سان ايئن ئي پيار ڪن جيئن خدا تعالى اسان سڀني سان پيار ڪري ٿو.

    اسين رڳي هڪ ئي ڳالھ چئون ٿا ته اوهان جو خدا ۽ اسان جو خدا هڪ ئي آهي، ساڳيو آهي، ڪو ٻيو ناهي. هيءَ ڌرتي هن کي نهايت پياري آهي.سڀني انسانن، سڀني قومن جو جيڪو حشر ٿيڻو آهي، گورا ان کان ڇٽل ناهن ۽ ايئن به ٿي سگهي ٿو ته اسين پاڻ ۾ ڀائر هجون. اهو ته اسين ايندڙ وقت ۾ ئي ڏسنداسون ته توهين ڪهڙيءَ راھ جي چونڊ ٿا ڪريو. ڀائپيءَ واري يا ڪا ٻي، ۽ اوهان جو حشر، اوهان جي نسلن جو حشر، ڪهڙو ٿو ٿئي. سو به ڏسڻو آهي ته ڏسي رهبو
     
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون

    [​IMG]
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون

    جيئي سنڌ سدا جيئي
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,887
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسين پنهنجي ڌرتيءَ جو سودو نه ٿا ڪري سگهون

    تمام اونهو ۽ گهري معني رکندڙ ليک آهي ۔۔۔ ڌرتي جي اهميت ۽ ان سان محبت تي سهڻا لفظ لکيل آهن ۔۔۔ محترم ابراهيم جوئي کي جڏهن به ڏسندو آهيان ته سنڌ جو سائين جيئم ياد ايندو آهي ۔۔۔ اهڙا ڏاها سنڌ هميشه پئدا ڪيا آهن ۽ ڪندي رهندي ۔۔۔ جن جو دين ڌرم عالميت آهي، جي سڀني کي پنهنجو سمجهن ٿا ۔۔۔۔
    الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو