محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن
هي ڪنهن جو موت هو؟
آڪاش انصاري جو هي نظم سنڌ جي شهيدن جي نالي!
آڪاش انصاري جو هي نظم سنڌ جي شهيدن جي نالي!
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي،
سموري سنڌ جي،
پکين پڇاڙيو ۽ پوپٽن ڀريا سڏڪا
ماڻهپي جي اکين جي اوٽ ۾
پکڙيل بادل
مينگهه جي مند کان اڳ برسي پيا
ڳلن تي گرم لڙڪ پلٽي پيا
گلن تي ماڪ رُني،
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي سموري سنڌ جو
عذاب ڦٿڪي پيو
ڊيل کان چال ۽ هرڻين کان ڇال وسري ويا
سموري سنڌ جي
تاريخ جي استادن کان
زوال لازوال جا سوال وسي ويا
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن جي تي سموري سنڌ جي
لوفرن، ڪار منهن، بدمعاشن،
پنهنجي بي هوده ڪامراني تي
وڄايون بغلون ۽ خوشفهمين جا ٽهڪ ڏنا
هزارين روشني کي ويڻ ڏيئي
ٿي ڇتا، سج تي بڇيائون ڪتا
جيڪي ڳڀي جي موهه ۾
پنهنجي هم نسل کي
ڇڏيندا چيري ۽ ڦاڙي آهن.
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي سموري سنڌ جي
وحشين، رهزنن، ۽ جلادن
نفرتن ، ذلتن ۽ خواريءَ جي
آخري جام کي تجويز ڪيو،
پنهنجي تا ابد شڪستن جي نالي!
جنهن تي،
سموري سنڌ جي،
پکين پڇاڙيو ۽ پوپٽن ڀريا سڏڪا
ماڻهپي جي اکين جي اوٽ ۾
پکڙيل بادل
مينگهه جي مند کان اڳ برسي پيا
ڳلن تي گرم لڙڪ پلٽي پيا
گلن تي ماڪ رُني،
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي سموري سنڌ جو
عذاب ڦٿڪي پيو
ڊيل کان چال ۽ هرڻين کان ڇال وسري ويا
سموري سنڌ جي
تاريخ جي استادن کان
زوال لازوال جا سوال وسي ويا
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن جي تي سموري سنڌ جي
لوفرن، ڪار منهن، بدمعاشن،
پنهنجي بي هوده ڪامراني تي
وڄايون بغلون ۽ خوشفهمين جا ٽهڪ ڏنا
هزارين روشني کي ويڻ ڏيئي
ٿي ڇتا، سج تي بڇيائون ڪتا
جيڪي ڳڀي جي موهه ۾
پنهنجي هم نسل کي
ڇڏيندا چيري ۽ ڦاڙي آهن.
هي ڪنهن جو موت هو؟
جنهن تي سموري سنڌ جي
وحشين، رهزنن، ۽ جلادن
نفرتن ، ذلتن ۽ خواريءَ جي
آخري جام کي تجويز ڪيو،
پنهنجي تا ابد شڪستن جي نالي!