سنڌ وڻ وڻ ڪاٺي هڪ ٻئي جي آمهون سامهون ڪرائي ڇا هاڻ برمي پناهگير به سنڌ ۾ وسائبا؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏11 جون 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    جي تون پاڻ کي سنڌي سڏائين ٿو ۽ جي توکي سنڌ سان پيار آهي ۽ تون ڇڪي هڪ ساهيءَ سان سنڌ جا نعرا به هڻين ٿو ۽ گڏوگڏ ته تون جنهن به اداري يا اسڪول يا پروفيشنل ڪاليج يا يونيورسٽيءَ يا روينيو کاتن ۾ نوڪر آهين ، ڪلرڪ آهين يا پٽيوالو يا ڪو ٻيو اسٽاف ۽ آفيسر ته ان اداري ۾ يقينن ڌاريان به ڪوڙن سنڌ جي ڊاڪومينٽس سان تُنهنجي حقن تي قبضو ڪري سنڌ جا ڪوڙا يا سچا يا ٻٽا ّرشوت ڏئي شناختي ڪارڊن، ڪوڙن ڊوميسائلن سان نوڪر ٿيا هوندا ۽ سنڌ جي بجلي ڪنڊن سان، پاڻي پائيپ ٽوڙي ۽ گئس ۽ ٻين ذريعي سان ۽ ٻيا گهڻائي ريسورسز استعمال ڪرائيندا هوندا ته تون انهن کي وائکو ڪرڻ لاِءِ ثبوت ڇو نٿو ڳولين ۽ سوشل ميڊيا جو استعمال ڪري انفارميشن پبلڪ ڇو نٿو ڪرين جيئن تو گهوسڙو استاد ۽ اسڪول وائکا ڪيا جي خوف اٿئي ته اسانکي موڪل اسان ڪنداسون ۽ سنڌ بچائينداسون ! سنڌ جي عملي خدمت لاءِ ميدان تي اچو سنڌ تي قبضا خورن جيڪي هنن (هندستاني، برمي، بنگالي، بهاري، بنگلايشي، سائوٿ افريقي وغيره) ملڪن مان سمگل سنڌ ۾ وسايا ويا آهن ۽ خاص طور ڪراچي ۽ حيدر آباد ۾ ۽ انهن جي پُڇڙيءَ وارن علائقن ۾ زمينن تي قبضا ڪرائي ۽ انهن جي ڪاروباري مارڪيٽن ۾ پرائويٽ(خانگي) انڊسٽريز ۽ ڪارخانن ۾ سيٽل ڪيا ويا آهن ته جيئن گهڻي ۾ گهڻا پناهگير آڻي سنڌين کي اقليت ۾ ڪري سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪيو وڃي.

    يا سنڌ جا ٻه اڌ ڪري هڪ اڌ کي يعني ڪراچي ۽ حيدرآبد يا اهي سنڌ جا شهر جيڪي هندستان جي بارڊرن سان ملن ٿا کي (را )جي سرگرمين ڦهلائڻ لاِ قطب آندو وڃي ۽ اهو سڀ ڪُجه اي غيرتمند سنڌي تُنهنجي نڪ هيٺان ئي پيو ٿئي ۽ توکي پنهنجن سان مُنهن اٽڪائي مشغول ڪيو پيو وڃي . ۽ پويان مُسلمانيت جي نٿي وري برمي پناهگير پيا سنڌ ۾ آباد ڪيا وڃن.

    پنهنجي ميرٽ سنڌيءَ جي لتاڙ ڪندي به جي ٻيو ڪُجهه نٿو ڪري سگهين ، لاچار ۽ بيوس بڻيل آهين، بُک ۽ مفلسيءِ تي رشوت وٺڻ تي مجبور آهين ته هر اداري ۾ هر ڌارين قوم جو صحيح تعداد ئي ته ڳڻي ٻُڌاِءِ سگهين ٿو نه ته اسٽيٽڪس جو رڪارڊ ٺاهي ڪري بالا حڪام کان سوال ڪري سگهجي ته سنڌ جا اصل باشندا سنڌ ۾ گهٽ تعداد ۾ ڇو ۽ رُڳو ڌاريان هر تعليمي اداري، فني يا پروفيشنل ادارن ۾ ۽ رُڳو سنڌ ۾ ڇو ! ۽ پوءِ به سڀ ڪُجه هڙپ ڪري هٿ ۾ رکي ، مفاهمت ۽ مصلحت پاليسيءَ آڌار تي سنڌي مڻهن کان کسي پوءِ به متعصب اڙدو ميڊيا تي دانهون ته حق غضب پيا ٿين، (مارين به پاڻ پيو ۽ دانهون به پاڻ پيو ڪرين) ته هوشيار ٿي وڃو اي وڻ وڻ ڪاٺي بڻيل سنڌ ، هڪ ٿي هڪ ٽارگٽ پوري ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌو! جو هاڻ سوال آهي سنڌ جو ! نه تُنهنجو ۽ نه مُنهنجو !

    ۽ ها اهم ڳاله ته موالي بنائڻ جا ڪارخانا (اوتارا) ۽ موالي جيسين ختم نه ٿيندا سنڌ ۾ سڌارو ممڪن ناهي ته گڏوگڏ پنهنجي صفن مان موالي هٽائو مهم به شروع ڪر نه ته اهو موالي اندران ئي اندرا سنڌ وڪڻندو ويندو ! ڇو جو نشي جي علت پوري ڪرڻ لاءِ هو سنڌ ڇا ! ماءُ ۽ ڀيڻ به وڪڻي سگهي ٿو، هن جي غيرت تي پڙدو اچي وڃي ٿو ته هو ڪنهن به صورت ۾ اعتبار جي لائق ناهي هوندو. اڀياس ڪر هر ميرٽ سنڌيءَ جي ناڪاميءَ پويان موالي سنڌيءَ جو ئي هٿ ئي ملندئي ! ياد رک اڄ جي ويڙه انفارميشن شيرنگ ۽ اعصاب جي ويڙه آهي، تون بغير هٿيار کڻي سنڌ دشمنن کي نيست و نابود ڪري سگهين ٿو جيڪو ڏينهن ۾ امير ٿي سنڌ جو خريدار بڻيو آهي ۽ پويان ضرور ڪو ڏوهي هوندو. اهو به ياد ڪر ته بحريه ٽائون جي مڪمل فنانسنگ دبئي مان سابق ميئر ڪراچي مصطفيٰ ڪمال ئي پيو ڪري.

    شايد ئي ڪو سنڌي هُجي جنهنکي پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار نه هُجي سواءِ ڪنهن واپاريءَ جي يا ڪنهن سنڌي مواليءَ جي يا ڪنهن وڏيري جاگيردار جي جيڪو سنڌ وڪڻي پئسا ڪمائڻ چاهيندو آهي جنهن سان پوءِ ڀلي اها ڪمائي نشي جي علت پوري ڪرڻي هُجيس يا حڪومت جي نشي جي يا غريب سنڌين کي غلام بڻائي پُڇ ۾ لُڇ لُڇان ڪرائڻ جي يا ڌاڙيلگيري ڪري خوف ڏئي ڳوٺ لڏائڻ ۽ سندن گهرن ۽ زمينن تي قبضي ڪرائڻ جي ۽ ائين ئي ٿيندو آهي پوءِ ڌارين قومن کي هاوي ٿيڻ جو موقعو ملندو آهي جڏنهن رشوت تي کين سنڌ جي زمينن جا ڪاغذ تيار ٿي ملندا آهن، جڏنهن بُرائي ڦهلائڻ لاءِ اوتارا ٺاهي منشيات وڪڻبي آهي ۽ منٿلي يا روزمره ملندو آهي، يا رشوت تي سنڌ جا شناختي ڪارڊ، ڊوميسائل ، پي آر سيز يا ٻيا تعليمي ڪاغذ ٺهي ملندا آهن يا ڪوڙا نوڪرين جا آرڊر لکن ۾ پنهنجن يا ڌارين کي وڪڻبا آهن ته جڏنهن گهر جا پنهنجا ڀاتي گر جو پنهنجو سامان چوري ڪري ڀڳڙن مُٺ وڪڻي پوءِ اچي گهر ۾ واويلا ڪري ته گهوڙا ڙي چوري ٿي وئي ، ڪي شاهينگ آيا سڀ ڪُجه لُٽي ويا ۽ پوءِ مختلف خيالن سان (يعني هڪڙا ڪن کي سڌو پڪڙين ۽ ٻيا مُسافحت ڪري هٿ ورائي پوءِ پڪڙين) ۽ هڪ ٻئي لاءِ پاڻ ۾ اڻ سهپ ڪري ڌار ڌار ۽ وڻ وڻ ڪاٺي ٿي وڃن ته ڌاريان ڇو نه قبضو ڪندا
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏11 جون 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو