رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
هو ادا ڏيندو رهيو
______________________
هو ادا ڏيندو رهيو هو سدان پيئندو رهيو
مستي هئي ڪا موج جي سرڪ سمونڊ ٿيندو رهيو
قرب هو يا ڪرشمو قدرتي ۽ قيمتي
محبتن ۾ يار ماڻهو پيار پياس وڌندو رهيو
جيون جسو جنسار ٿيو سڪ مٿان سڀ سوار ٿيو
حجتن ۾ حاجتون ڪو ڏسي روئندو رهيو
ڪين هئي ڪا ڪمي قرب بي شمار جي
بارشن جيئن هي بره ٿي مٿا وسندو رهيو
روح ۾ راحتن جي ڪا رنگين رات هئي
ڪجه نظر بس ڪين هو بس دوبدو ٿيندو رهيو
خوشبو هئي افلاڪ ۾ ۽ زيور زمين پاتل هئي
هي نظارو سارو پيارو پيار ۾ ايندو رهيو
هاءِ هن جو خوب رو خاصو دلاسو دلبريون
هو مٿي سڀ کان مٿي افلاڪ ڄڻ چڙهندو رهيو
رسول بخش دائودپوٽه
______________________
هو ادا ڏيندو رهيو هو سدان پيئندو رهيو
مستي هئي ڪا موج جي سرڪ سمونڊ ٿيندو رهيو
قرب هو يا ڪرشمو قدرتي ۽ قيمتي
محبتن ۾ يار ماڻهو پيار پياس وڌندو رهيو
جيون جسو جنسار ٿيو سڪ مٿان سڀ سوار ٿيو
حجتن ۾ حاجتون ڪو ڏسي روئندو رهيو
ڪين هئي ڪا ڪمي قرب بي شمار جي
بارشن جيئن هي بره ٿي مٿا وسندو رهيو
روح ۾ راحتن جي ڪا رنگين رات هئي
ڪجه نظر بس ڪين هو بس دوبدو ٿيندو رهيو
خوشبو هئي افلاڪ ۾ ۽ زيور زمين پاتل هئي
هي نظارو سارو پيارو پيار ۾ ايندو رهيو
هاءِ هن جو خوب رو خاصو دلاسو دلبريون
هو مٿي سڀ کان مٿي افلاڪ ڄڻ چڙهندو رهيو
رسول بخش دائودپوٽه