• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شاٽ يا فريمنگ ٽرمانالاجي جي نالي سان هي ڊائريڪٽر شپ سکڻ لاءِ هي ٻيو سلسلسو هلايون ٿا .

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
ڊائريڪٽر لاءِ پهريون سبق لازمي فريمنگ جو سمجهڻ آهي ۽ پوءِ لائٽنگ جو !(ٻئي ڏينهن جو سبق) انهن لاءِ جيڪي سنڌي ميڊيا ۾ ڊائريڪشن سکڻ چاهين ٿا.

ته دوستو جيئن چئي آيا آهيون ته ڊائريڪٽر شپ سکڻ لاِ لازمي ناهي ته توهان ڪنهن پروفيشنل اداري ياڪنهن به ٽي وي چئنل تي ڪم ڪندڙ آهيو ۽ توهان لاءِ اهو به لازمي ناهي ته توهان وٽ پروفيشنل ڪئمرا يا هاءِ ڊينسٽي هينڊي ڪئمرا به هُجي پر مقصد ٽيڪنڪ سمجهڻ آهي. ان لاءِ توهان پنهنجي عام هينڊي ڪئمرا (جي آهي) نه ته موبائل ڪئمرا کي استعمال ڪري به صلاحيتون حاصل ڪري سگهو ٿا ۽ هن سنڌي ميڊيا فين ڪلب جو حصو بڻجي سگهو ٿا ۽ اهو به لازمي ناهي ته توهان وٽ هڪ مڪمل سنڌي لکيل اسڪرپٽ هُجي توهان ڪو به پنهنجو هڪ سين ايوينٽ يا لطيفو ٺاهي ، ڪردار لاِ پنهنجن دوستن کي انوالو ڪري به ڊائريڪٽر شپ سکي سگهو ٿا. بس توهان کي فلحال ڪئمرا فريمنگ ۽ ان جو مقصد سمجهڻ جي ضرورت اهي. ته دوستو هي جيڪو فريم ورتل آهي ان کي Two-Shot فريم چئبو جيڪو SOLO فريم ۽ MD SHOT آهي.

ته دوستو هتي هڪ فريم ۾ اسان ٻن ڪردارن کي گڏ ڪري سندن سولو فريم ورتو آهي مٿيان پهرئين سلسلي جا بُنيادي فريم توهان ياد ڪري سمجهي ويا هوندئو ته هي ڪهڙو سولو فريم ورتل آهي.
2-shot.jpg
 
(OSS) Over-the-Shoulder Shot or Frame (Looking from behind a person at the subject.)
ته دوستو اسان هي جيڪو فريم ورتو آهي ڪي ڊائريڪٽر ان کي OT به چوندا آهن پر حقيقت ۾ هن فريم جو اصلي نالو OSS Frame آهي
11401368_842359495813588_825456778798149608_n.jpg

جيڪو درحقيقت هڪ هڪ ٻئي ڪردار جي مٿي کان وڃي پهرئين ڪردار جي سولو فيس کي ڏيکاريل آهي. درحقيقت ڪي دوست ڊائريڪٽر تعليم يافه نه هُئڻ ڪري يا استادن کان سين باءِ سين سکڻ جي ڪري ان کي OT Frame چوندا آهن. پر اوٽي فريم اُهو آهي جيڪو ڪنهن جي ڪلهن کان ورتو ويو هُجي نه ڪي مٿي کان. اهي ٻئي فريم جُدا اينگل رکن ٿا مڪس سڏجڻ نه گهرجن.
 
Noddy Shot
Usually refers to a shot of the interviewer listening and reacting to the subject.
دوستو هي ناڊي فريم آهي توهان عمومن ڪنهن نيوز چئنل تي ڪنهن پارليامينٽرين کي گفتگو ڪندي ٻُڌو هوندو جيڪو رپورٽر جي ڳالهه يا سوال ٻُڌي پنهنجي خيال جو اظهار ڪندو آهي
noddy.jpg

ته انٽرويو ڏيندڙ شخصن جي اهڙي ريمن کي (نوڊي شاٽ يا فريم) سڏبو آهي
 
Point-of-View Shot (POV)
Shows a view from the subject's perspective.
دوستو هي فريم (پوائنٽ آف ويو شاٽ) سڏبو آهي جنهن ۾ سبجيڪٽ ڪنهن آبجيڪٽ طرف اشارو ڪري،
pov-racetrack_240x135.jpg

ان آبجيڪٽ کي ڏيکارڻ چاهيندو آهي مطلب ته اهو منظر يا فريم جيڪو آبجيڪٽ جي مرضيءِ سان نشاندهي ڪري (پي او وي فريم) سڏبو آهي.
 
Weather Shot
The subject is the weather. Can be used for other purposes, e.g. background for graphics.
هن فريم ۾ جيئن ته موسم يا جهڙ جي نشاندهي ڪيل آهي ته هي شاٽ ويدر شاٽ سڏبي.
weather.jpg

ڪُجه ايڪسٽرا شاٽ به وٺبا آهن جيڪي درحقيت ڊائريڪتر جي سوچ جي بهترين عقا صس ڪندا آهن، ممڪن آهي ته آوهي اسڪرپٽ ۾ لکيل نه هُجن پر ڊائريڪٽر ڪهاڻي جي سوچ ۽ تخليق سان اهي ايڊيشنل شاٽ وٺي اسٽوريءَ ۾ ٽُئسٽ پئدا ڪندو آهي، جهڙوڪ سج چڙهڻ ۽ لهڻ جا سين، پکين جي اُڏام وغيره
 
Back
Top