پنهنجي ڪمپيوٽر تي مڪمل ائنڊروئيد آپريٽنگ سسٽم هلايو،صرف 30 ڏينهن جي لاءِ.

'سنڌي ٽيڪنيڪل سکيا' فورم ۾ فاروق سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2015۔

  1. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مان اڳ ۾ به ائنڊروئيد کي پنهنجي ڪمپيوٽر يا ليپ ٽاپ تي هلائڻ جو طريقو موڪليو هو،پر اڄ مان ان کان وڌيڪ بهترين سافٽوير توهان سان شيئر ڪندس،جنهن سان توهان پنهنجي ڪمپيوٽر تي مڪمل ائنڊروئيد سسٽم هلائي سگهو ٿا.
    هي ٽوٽريل خاص انهن جي لاءِ جنهن وٽ ائنڊروئيد فون ناهي.

    سڀ کان پهرين DuOS نالي سافٽوير کي انسٽال ڪرڻ مهل توهان پنهنجي سسٽم جي ريڪائرمينٽ چيڪ ڪريو ته هن سافٽوير کي هلائڻ لاءِ هيٺ ڏنل شيون پوريون ڪري ٿو.
    x86 processor
    opengl 3.0
    32/64 bit جي ونڊوز سيون يا 8.
    2gb ram
    هاڻي duos کي ڊائونلوڊ ڪريو.ان مهل 30 ڏينهن جو لائنسس معاهدو کي قبول ڪريو کي ڪلڪ اهو سافٽوير ڊائونلوڊ ٿيندو.

    [​IMG]

    هاڻي ڊائونلوڊ ٿيل فائيل ڊاٽ msi کي ڊبل ڪلڪ ڪري انسٽال ڪريو.انسٽال ڪرڻ دوران انٽرنيٽ ڪنيڪشن هجڻ گهرجي.

    هاڻي انسٽال ٿي ويندو پوءِ اهو duos آئڪن ٺهيل هوندو ان کي ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان اهو کلندو.کلڻ مهل پهريون دفعو فري لائنسسن جو آپشن هوندو،ان کي ڪلڪ ڪرڻ سان هاڻي 30 ڏينهن جو مزو وٺي سگهو ٿا

    [​IMG]
    يعني مڪمل ائنڊروئيد جو مزو پنهنجي ڪمپيوٽر تي وٺي سگهوٿا،جيئن موبائيل ۾ هوندو آهي، بلڪل انهي طرح جو.

    [​IMG]
    ائنڊروئيد Apk کي ڊاريڪٽ ونڊوز تي ذريعي انسٽال ڪرڻ جو طريقو

    ڪوبه ائنڊروئيد سافٽوير يا گيم ڊائونلوڊ ڪريو.پوءِ ان Apk کي رائٽ ڪلڪ ڪري Apply to DuOS کي ڪلڪ ڪريو

    [​IMG]

    هاڻي اهو انسٽال ٿيل(.apk) ٽاسڪ بار ۾ نظر ايندو.ان کي هلائڻ لاءِ ڊبل ڪلڪ ڪرڻ سان کلندو.بس هاڻي اهو هلايو،

    نوٽ:ڪوبه(.apk) کي انسٽال ڪرڻ وقت DuOS کليل هجڻ گهرجي.

    اميد ته توهان کي هي منهنجو ٽوٽريل سمجه ۾ اچي ويو هوندو.
    وڌيڪ ڪو مسئلو هجي ته اهو هن ئي موضوع ۾ شيئر ڪريو.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ضرورت ته ڪافي آهي پر گهٽ اسپيڊ هجڻ ڪري ڊائونلوڊ ڪرڻ کان لاچار آهيان... اميد ته باقي سنگت آزمائي پنهنجا ريمارڪس ضرور پيش ڪندي... هميشه وانگي بهترين ليک
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بس ادا اسان ايڪس پي يوزر ڇا ڪيون ؟؟؟؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ادا مونوٽ پهريان کان بليو اسٽيڪ انسٽال ٿيل آهي ، جيڪا ڪڏهن ڪڏهن استعمال ڪندو آهيان ، بليو اسٽيڪ هلائڻ مهل ڪمپيوٽر ڪافي ڍرو ٿي وڃي ٿو ، ڇا اوهانجو هي سافٽويئر انسٽال ڪرڻ کان پهريان بليو اسٽيڪ رِمووُ ڪريان؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    آئون ڪوشش ۾ آهيان ته انسٽال ڪريان، پر اهو مسلسل ڪافي ايرر پيو ڏئي،
    پهرين ايرر آيو ته توهان جي اسڪرين ريزوليشن گهٽ آ، اها سيٽ ڪيم،
    پو ڊاٽ نيٽ جو 4 کان مٿي وارو ورزن گهُري پيو، اهو انسٽال ڪيم ته هاڻ هي ايرر پيو ڏئي..
    وري به ڪوشش ڪريانس پيو.

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    سائين هاڻي ته پَچَرَ (جِند) ڇڏيو ايڪس پي جي، اها ته ڪافي پُراڻي ٿي چُڪي آ.. ونڊوز 10 به اجها ته آئي.. ! :)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڀلي اهو ريمو نه ڪريو.پهريان منهنجو ڏنل سافٽوير انسٽال ڪري ڏس ته ٿي ٿو ته صحيح نه ته پوءِ بليو اسٽيڪ ئي صحيح آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    مٺا توهان جو گرافڪ ڪارڊ هن سافٽوير کي نه ٿو هلائي سگهي.تنهنڪري opengl 3.0 هجڻ گهرجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    نه ڪم نه ٿيو..! :(
    اڄ ضرورت آهي تمام گهڻي .. بليو اسٽاڪ انسٽال ٿو ڪريانس.
     
  11. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ۽ هاڻي خيرن سان بليواسٽاڪ انسٽال ٿي ويو..
    تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي .. :) :) :) :)
     
  12. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ايڪس پي لاءِ به ته ٻڌايو.....
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ايڪس پي جي پچڙ ڇڏيو.ونڊوز 10اچڻ واري آهي.توهان اڃا ايڪس پي ۾ ڦاٿل آهيو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادا اسان جو ڪپميوٽر سپورٽ نه ٿو ڪري ايڪس پي کان علاوه...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو