آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي، مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين

غزل

روبينه ابڙو

مون ۾ مند لٿي هئي رات انڌاريءَ ۾،
سهسين گل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.

آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي
مالهڻ جا سڀ گل سُڪي ويا کاريءَ ۾.

ٻُوڙي ۾ ها ماڪ ڦُڙا هن جي مُک تي،
رنگ سوين ڄڻ جرڪي پيا ها ڪاريءَ ۾.

جوت اکين ۾ جرڪِي جگنو جاڳي پيا،
ٻارن چنڊ ڏٺو ٿي رات تغاريءَ ۾.

عشق جو سارو تاڪيو ٿي ويو بي ڪارج،
تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.

پيار سدائين دوکي جي آ دار چڙهيو،
ٻاجهارو مون روپ ڏٺو هو ماريءَ ۾.

نينهن جي مينهن ڀِڄائي آ هيءَ ڀونءِ وري.
ڦول ڦٽي پيا اوسيئڙي جي ٻاريءَ ۾.


oG4FcZ.jpg

 
Back
Top