آپا مريم سلطانا نوحاڻي : هڪ شفيق استاد ۽ مثالي عورت

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جون 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    آپا مريم سلطانا نوحاڻي : هڪ شفيق استاد ۽ مثالي عورت

    اعجاز لغاري

    سنڌ ڌرتيءَ جتي شمس العلماءَ علامه دائودپوٽو، شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ، استاد بخاريءَ جهڙن باصلاحيت مثالي مردن جنم ورتو آهي، اتي مائي بختاور، شهيد راڻي محترمه بي نظير ڀٽو جهڙن مثالي ۽ جدوجهد سان ڀرپور ڪردارن کي پڻ جنم ڏنو آهي. ائين سنڌو درياءَ جي ڪپ تي واقع، حيدرآباد شهر جي ٿڌي مٽي تي علم، ادب، تعليم، صوفياڻي طرز جي مالڪ، ام الڪلام جو لقب حاصل ڪندڙ شخصيت، آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي پڻ جنم ڏنو آهي. پيار ۽ محبت جي علامت بڻيل، ان شخصيت ۱۹ جون ۱۹۳۲ع ۾ سنڌ جي روايتي بلوچ قبيلي جي فرد، رئيس غلام قادر خان نوحاڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. رئيس غلام قادر خان نوحاڻي، نه فقط هڪ ذميوار شخص هو پر ان سان گڏ صحافي پڻ هو. جنهن بطور صحافي، پنهنجي زندگيءَ جو ڪجهه حصو ان شعبي کي ڏنو.
    بلوچ خاندان ۾ جنم وٺڻ ۽ ان فرد جي گھر ۾ جيڪو بظاهر ته ذميوار هو پر علم، ادب ۽ صحافت سان پڻ لڳاءُ ھئس، آپا مريم نوحاڻيءَ لاءِ وڏي خوشنصيبي هئي. سندس شادي به هڪ ماهر ۽ باصلاحيت، زرعي تعليم يافته ۽ ۱۹۶۲ع ۾ صدارتي ايوارڊ يافته شخصيت عبدالرحمان نوحاڻي سان ٿي. آپا وارا پاڻ ۾ ٻه ڀيڻ ڀاءُ هئا؛ ھڪ پاڻ ۽ ٻيو سندس ڀاءُ عبدالستار نوحاڻي. پر پنھنجي والد رئيس غلام قادر نوحاڻي طرفان پنهنجي ڀاءُ، نواز بلوچ جا ٻه پٽ؛ فريد نواز بلوچ ۽ نظير نواز بلوچ، پنهنجي سرپرستي ۾ وٺڻ سبب هميشه چار ڀيڻ ڀاءُ يعني هڪ ڀيڻ ۽ ٽي ڀائر سڏيا ويندا آهن.
    پرائمري تعليم، نيو ماڊل گرلز اسڪول گاڏي کاتو مان حاصل ڪيائين. ان بعد مدرسة البنات مان ميٽرڪ ڪيائين. بي اي (آنرس) مسلم هسٽري، ايم اي اسلامڪ ڪلچر ۽ رليجن مولانا محمد هاشم فاضل شمسي کان ۸ سال قرآن پاڪ، حديث پاڪ جي تعليم حاصل ڪيائين.
    پاڻ ۱۹۵۳ع ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ اسلامڪ هسٽري جي مضمون جي ليڪچرار مقرر ٿي. ۱۹۵۸ع ۾ ترقي ماڻي اسٽنٽ پروفيسر ٿي. ۲۴ اپريل ۱۹۷۰ع کان ۲۱ مئي ۱۹۷۱ع تائين گورنمنيٽ گرلز ڪاليج سکر جي پرنسپال رهي. مئي ۱۹۷۱ع کان آڪٽوبر ۱۹۷۲ع تائين بيورو آف ڪريڪيولم ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور رهي. آڪٽوبر ۱۹۷۲ع کان آڪٽوبر ۱۹۷۳ع تائين گورنمينٽ گرلز ڪاليج ۾ پروفيسر طور درس ۽ تدريس سان وابسته رهي. وري هڪ ڀيرو گرلز ڪاليج سکر ۾ پرنسپل مقرر ٿي. ۸ مئي ۱۹۷۴ع کان ۳ مئي ۱۹۸۳ع تائين ڊپٽي ڊائريڪٽر ڪاليجز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن مقرر ٿي. ۱۹۸۳ع کان ۱۹۹۰ع تائين گرلز ڪاليج حيدرآباد ۾ پرنسپل رهي. ۲۵ سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ ڊائريڪٽر ڪاليجز ايجوڪيشن حيدرآباد ريجن رهي.
    اسلامڪ هسٽري ۾ ثقافت تي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي تعليم جي زيور کان آراستا ڪيائين. سندس چوڻ آهي ته؛ اسلام اعتدال پسند مذهب آهي. اسلام ۾ انتها پسندي جو ڪٿي به ذڪر نه آهي.
    سال ۱۹۶۲ع ڌاري حضرت خديجة الڪبره ايوارڊ حاصل ڪيائين. پاڻ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ڏنل درس مطابق عورتن ۾ اسلام جي اهميت ۽ عشق مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي عظمت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهي. سندس اهڙن مذهبي درسن ۾ نه فقط مسلمان پر غير مسلمان نياڻيون به ويهي اسلام ۽ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وسلم جي عظمت بابت معلومات حاصل ڪنديون هنيون ۽ اهڙن مذهبي محفلن جو مقصد ڪنهن کي به زيردستي اسلام قبول ڪرائڻ نه پر اسلام جي ڄاڻ ڏيڻ هو.
    آپا مريم نوحاڻي ان دور جي هڪ تعليم يافته ۽ باشعور استاد هئي جنهن وقت هندستان جو ورهاڱو ٿي رهيو هو. انهي دور ۾ هڪ طرف اسان جون قبيلائي رسمون ۽ رواج هئا ته ٻئي طرف ملڪ جو ورهاڱو. انهيءَ ڪشمڪش واري دور ۾ نوحاڻي قبيلي جي چشم و چراغ صحافي ۽ ذميوار غلام قادر خان نوحاڻيءَ پنهنجي نياڻي آپا مريم کي پنهنجي خانداني مخالفت باوجود، تعليم ڏياري اعليٰ مقام تي پهچايو. جتي نوحاڻي قبيلي جي واحد نياڻي پھتي ۽ ام الڪلام جو لقب پڻ حاصل ڪيو. آپا مريم نوحاڻي جتي وڏي تعداد ۾ ايوارڊ حاصل ڪيا، اتي انسانيت جي بنياد تي پنهنجي هم عصر ۽ باشعور بيگم عزيزان قاضي محمد اڪبر، مسز فاطمه شيخ حاجياڻي ۽ ٻين، پاڪستان ٺهڻ دوران هندستان ڇڏي پاڪستان ۾ داخل ٿي حيدرآباد ۾ آيل مهاجرن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. انهن لاءِ امدادي ڪئمپ لڳايا ۽ انهن جي تعليم تربيت ۽ کاڌ خوراڪ لاءِ بندوبست ڪيا.
    هن ٻڌايو ته؛ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ سيرت ڪانفرنس ۾ مقالا پڙهڻ، حضرت خديجة الڪبرا ايوارڊ هڪ ذميوار ۽ ايماندار شخصيت جو ايوارڊ بهترين مقالا نگاري جا ايوارڊ سميت سوين ايوارڊ حاصل ڪيائين. هن ٻڌايو ته؛ ضياءُ دور، سيرت ڪانفرنس دوران اسلامي معاشري ۾ ماءُ جي ڪردار جي عنوان تي مقالو پڙهڻ جو موقعو مليو. انهيءَ مقالي ۾ مان حضرت بي بي فاطمہ ۽ بي بي زينب رضوان اللھ عليھم اجمعين جي سيرت پاڪ کي سامهون رکي ان وقت جي يزيدي دور جي ڪردار کي بيان ڪيو ته هڪ مقام تي ان وقت جي صدر پاڪستان ۽ وقت جي آمر ضياءُ الحق منهنجي مقالي جي جملن کي پنهنجي دور سان ڳنڍيندو ڏسي، تقرير اڌ ۾ پوري ڪرڻ لاءِ چٺي موڪلي ۽ تقرير روڪرائي ڇڏي. ڇو جو جنرل ضياءَ جا ڀٽو خاندان ۽ ملڪ جي عوام سان ورتاءَ ۽ يزيدي دور جا واقعا، هڪ ٻي سان مناسبت رکن پيا. شايد کيس ڊپ هو ته متان مقرر، يزيدي دور کي منهنجي دور تي آڻي، مناسبت نه پيش ڪري. حالانڪ منهنجو اهڙو ڪو به ارادو نه هو. کيس پنهنجي اندر جو خوف هو. جنهنڪري منهنجي تقرير کي اڌ ۾ روڪرائي ڇڏيائين.
    آپا مريم نوحاڻي نه فقط هڪ سٺو استاد، بلڪ هڪ شفيق ماءُ، دعائون ڏيندڙ ۽ معاشري لاءِ همت آور با ڪردار شخصيت ثابت ٿي آهي. جنهن جي قديم ۽ جديد قول ۽ فعل کي سامهون رکي ڪو به انسان هڪ متوازن زندگي کي گذاري سگهي ٿو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آپا مريم نوحاڻي : فخر سنڌ

    عطيه علي ٻرڙو

    انسانيت هزارين ورهيه پهرين پهاڙن کان انهن جي بُلندي، آبشارن کان انهن جو ترنم ۽ مکڙين جي معصوميت، گلن کان انهن جو تبسم، فرشتن کان انهن جو نور ۽ پوءِ رب ذوالجلال جي قدرت کي جڏهن يڪجا ڪيو ته ان مان جنهن خوبصورت رشتي جنم ورتو. اهو هو ”امڙ“ يعني ماءُ جو رشتو. اهڙي عظيم نياڻي سنڌ ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ اهڙي مان واري ماءُ جي باري ۾ مان ڇا؟ اوهان دوستن کي ٻڌايان جيڪا علم ۾ ڏاهپ ۾ سمجهه فڪر ۾ جيڪا عالم، اديبه، تاريخدان، مفڪر، سٺي صلاحڪار، ممتاز تعليمي تدريسي ماهر محترمه اُمه الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي آهي، جيڪا اسان ڪم عقل ۽ ناسمجهه جهيڙن لاءِ هڪ مڪمل درسگاهه آهي.
    سنڌ جي هيءَ خوبصورت اپسرا نياڻي کي جڏهن زبيده ڪاليج ۾ سنڌ امڙ جو خطاب تحفن سان ڏنو پئي ويو ته ڄڻ ائين لڳي رهيو هو ته ڪا يونان جي شهزادي ملڪه هجي، جيڪا پنهنجي تخت تي ويٺل آهي. هن شهزادي جي هڪ نظر کي ڏسڻ لاءِ ماڻهو بي تاب هجن. اهو منظر ائين لڳي رهيو هو ڄڻ ته آپا مريم جي محنت جي معراج هجي ۽ معراج جي معنيٰ آهي بُلندي ۽ هي بُلندي ماءُ ۽ پيءُ جي دعائن کانسواءِ نٿي ملي سگهي. آپا جي والد صاحب جون دعائون ئي هيون جو هميشه آپا جي لاءِ چوندو هو ته مريم منهنجو مان آهي ۽ جڏهن به آپا جي زندگيءَ ۾ اهي لمحا ايندا رهندا، ان وقت به ان لمحي ۾ آپا جو والد جي آمد ضرور ان لمحي ۾ هوندي.
    پنهنجي نياڻيءَ کي دعا ڏيڻ لاءِ ڇو جو هي اهو وقت هوندو آهي، جنهن ۾ ڌاريا رشتا به احترام ۾ اٿي بيهن ۽ تعظيم ۾ نظرون هيٺ ڪري سلام ڪن ته پوءِ سڄي زندگيءَ جي ٿڪاوٽ لهي ويندي ۽ آپا جو چهرو به ڏسڻ وٽان هو. هن معاشري جا گزيٽيڊ آفيسر به آپا کي پيرن ۾ جڏهن جتي پارائي تحفو پيش ڪيو ته ڄڻ سڄي سنڌ فخر ۽ شان مان چئي رهي هئي ته اهڙين نياڻين کي ئي فخر سنڌ چيو ويندو آهي پر اڄ جي دور ۾ صرف سنڌ جون نياڻيون ثقافت جي نالي ٽوپيون پائي بس ڊانس ڪنديون گهر کان نڪرن ٿيون ۽ سنڌ جي ثقافت جا نعرا هڻن ٿيون. اسان جي ڌرتي جو وڏو مان آهي ان کي خدارا سڃاڻو ۽ اها سڃاڻپ صرف تعليم ۽ محنت سان ملندي آهي.
    آپا مريم جڏهن پنهنجو تعليمي سفر ختم ڪري تدريسي سفر شروع ڪيو ته آپا جو حُسن ڏسڻ وٽان هو. جهڙي آپا جي صورت رب پاڪ ٺاهي، اهڙي سيرت ۾ سرهاڻ هئس.
    آپا جا شاگرد اڄ مختلف ملڪن ۾ موجود آهن ۽ اتان فون ڪري چوندا آهن ته آپا سڀ خيريت آهي بس توهان جو آواز ٻڌڻ لاءِ فون ڪيو آهي.
    آپا جي زندگيءَ جو خوبصورت دور شروع ٿيو، جنهن ۾ آپا جو زندگيءَ جو ساٿي سندن ور قابل احترام عبدالرحمان نوحاڻي شامل ٿيو، جنهن نه فقط آپا کي پيار جا دريا تحفي ۾ ڏنا پر پنهنجي زندگي ۾ ڪنهن ڪوهنور هيري جيان هميشه آپا کي پنهنجي ساهه سان سانڍي رکيو ۽ هميشه اهو چوندو هو ته مريم توکي ڪهڙي خبر ته تون ڇا آهين؟
    آپا جي محبت ۽ چاهتن ۾ هر وقت آپا سان گڏ رهيو. پنهنجي والد جي دعائن ۽ پنهنجي جيون ساٿي جي پيار ۽ ساٿ سان اڳيان منزلون ماڻيندي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن جي پوسٽ تي اچي پنهنجن شاگردن لاءِ مشعل راهه بڻجي وئي ۽ غريب شاگردن جي لاءِ دل سان مدد ڪندي رهي جيڪا هن پنهنجي استادن ۽ شاگردن کان سکيو. آپا ننڍي عمر ۾ ئي تدريسي سفر شروع ڪيو هو، ان وقت به آپا جا شاگرد آپا کي امڙ ڪري مخاطب ٿيندا هئا جو آپا ۾ سنڌ جي سورمين جي جا رنگ موجود هئا. آپا جي شخصيت ۾ نوري جهڙي نڙوت ۽ مارئي جهڙي پنهنجي وطن سان محبت رهي آهي. آپا هڪ معروف خطيب پڻ رهي آهي پنهنجي خطاب سان ٻڌندڙن ۾ جادوئي اثر رکندڙ آپا کي جڏهن سنڌ جو جيئڻ مرحوم عالم مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي چيئرمين شاهه ولي الله اڪيڊمي پراثر تقرير ٻڌي ته بي ساخته چئي ڏنو ته منهنجي مان واري ڀيڻ تون ته اُم الڪلام آهين. اهو اعزازي لقب سند سان عربي ۾ لکي آپا کي ڏنو ويو. اهڙي طرح اسلام آباد جي شهر ۾ آمريت جي هوا هلي رهي هئي، جنهن ۾ ڪنهن کي به حق جي ڳالهه ڪرڻ جي به اجازت نه هئي. ان آمريت جي دور ۾ ضياءَ جي بادشاهي ۾ جڏهن اسلام آباد جي هوائن ۾ هن سنڌ جي نياڻي اسلامي معاشري ۾ ماءُ جو ڪردار تقرير پيش ڪري رهي هئي ۽ پاڻ مثال ۾ بيبي زينب سلام الله عليه جي ڪردار تي روشني وجهندي ته بيبي سانئڻ جو يزيد جي درٻار ۾ خطبو پيش ڪرڻ تي ايترو چيو ته بنتِ علي جي لهجي ۾ قدرتي طاقت هئي جنهن سان يزيد جي دربار جي ڀت ۾ ڏار پئجي ويا ته حال ۾ موجود ضياءَ جي ڪابينا پريشان ٿي وئي ته مريم ڪنهن جي ڳالهه ڪري رهي آهي ۽ هڪدم ضياءَ پرچي لکي موڪلي ته مريم کي اسٽيج کان هيٺ ويهاريو وڃي پر هن سنڌ جي سورمي پنهنجي تقرير بغير ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي پنهنجي پوري ڪئي. جنهن تي نه صرف آپا کي امتيازي سنڌ گولڊ ميڊل ڏنو ويو پر ان سان گڏ عمري جي ٽڪيٽ به ڏني وئي، جنهن سا ڄڻ ته سنڌ جي عزت ۽ ثقافت کي چار چنڊ لڳي ويا.
    لاهور ۾ خديجته الڪبريٰ ايوارڊ پڻ ڏنو ويو. آپا جمعي جي ڏينهن اسان کي ياد آهي ته جمعي جو خطبو پيش ڪندي هئي زبيده گرلس ڪاليج ۾ جنهن سان شاگردياڻين ۾ ذهني شعور پيدا ٿيندو هو ان وقت جون شاگردياڻيون ڪنهن به قسم جو لساني ۽ نسلي فرق نه رکنديون هيون، ڪنهن به قسم جي قومپرستي ڪاليج جي اندر نه هئي ۽ اهي صرف آپا جي ايدمنسٽريشن ۽ تربيت سبب ئي گڏ رهنديون هيون.
    پروفيسر ظفر ڪاظمي ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن تمام گهڻو مهربان انسان ۽ قابل احترام شڪيل احمد کي صلاح ڏني ته زبيده گرلس ڪاليج جي لائبريري آپا مريم سلطانه نوحاڻي جي نالي سان منسوب ڪئي وڃي، جنهن ۾ سڀني حاضرين کي اها تجويز پيش ڪئي وئي. اهڙي طرح آپا کي قدرت واري هڪ اعزاز پڻ ٻيو ڏنو ته پروفيسر شاهجهان پنهور اها رٿ پيش ڪئي ته ٽنڊو ڄام وارو نئون گرلس ڪاليج اُم الڪلام آپا مريم جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي.
    تمام گهڻي ضرورت آهي اهڙين عورتن جي جيڪي مشعل راهه هجن. اسان جي معاشري ۾ هر گهر ۽ اسڪول ۾ آپا مريم جهڙيون نياڻيون کپن، جيڪي اڳيان هلي سنڌ جون امڙ ٿي سگهن ۽ انهن هستين جا انٽرويوز وٺڻ گهرجن ۽ ميڊيا کي گهرجي ته خاص پروگرام پيش ڪيا وڃن.
    آپا جي زندگيءَ ۾ پنهنجي مذهبي سرگرمين کي به وڏي اهميت ڏيندي آهي، اهي محفل ميلاد شريف جي هجي درس جي هجي يا پنجتن پاڪ جي هجي. وڏي عقيدت ۽ چاهه سان انهن ۾ شامل ٿيندي آهي. وڏي جوش سان قران جي تفسير ۽ حديث نبوي جي اهڙي ته تشريح ڪندي آهي جو ٻڌڻ وارا چوندا آهن ته رات گذري وڃي ۽ هي محفل ختم نه ٿئي ۽ الله جون رحمتون ائين پيون نازل ٿينديون رهن. شايد آپا جون اهي ئي عبادتون آهن جو آپا جي نصيب کي چورائڻ تي دل چوندي آهي پر ڪنهن جو نصيب چورائي نٿو سگهجي. مذهبي محفل هجي يا دنياوي سرگرميون هجن پر گلاب جا هار آپا جي لاءِ لازمي هوندا آهن ۽ هر هٿ آپا کي هار پارائڻ لاءِ بي تاب هوندو آهي. تڏهن ته اسان به چوندا آهيون ته ”آپا مريم تو کي ڪهڙي خبر ته تون ڇا آهين؟“
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو

    غلام حسين خاصخيلي

    سنڌ اها ڌرتي آهي، جنهن پنهنجي مٽيءَ مان ڪيتريون ئي اهڙيون املهه ماڻڪ شخصيتون پيدا ڪيون آهن، جن پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪو نه ڪو اهڙو ڪم ڪيو آهي جو سندن نالو جيئري ئي مڃتا ماڻڻ سان گڏ وڇڙي وڃڻ کانپوءِ سونهري لفظن سان تاريخ ۾ لکيل آهي. اهڙين ئي املهه ماڻڪ شخصيتن مان آپا مريم نوحاڻي به هڪ هئي. آپا مريم نوحاڻي پنهنجي سموري زندگي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندي گذاري ڇڏي. آپا مريم نوحاڻي نياڻين جي تعليم لاءِ تمام وڏو ڪردار ادا ڪيو. آپا مريم نوحاڻي 72 سالن جي ڄمار ۾ ڪالهه هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. سندس وڇوڙي واري خبر تي سڄي سنڌ ڏکاري آهي. آپا مريم نوحاڻي هاڻ اسان وٽ جسماني طور موجود ناهي پر سندس ڪيل خدمتن عيوض پاڻ ايستائين زنده رهندي، جيستائين هيءَ دنيا قائم آهي. اهڙين ئي املهه ماڻڪ شخصيتن لاءِ سنڌ جي سداحيات شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ هن طرح ڀيٽا ڏني آهي ته:

    ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.

    آپا مريم نوحاڻي 19 جون 1932ع تي حيدرآباد ۾ جنم ورتو. اسلامڪ ڪلچر ۽ مسلم هسٽري جي ليڪچرار طور خدمتون سرانجام ڏيندي تعيلم کاتي ۾ مختلف وڏن عهدن تي رهي. تعليم جي ميدان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏيندڙ ۽ سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ پاڻ ارپيندڙ ام الڪلام آپا مريم سلطانه نوحاڻي 50 سالن تائين تعليم جي حوالي سان خدمتون سرانجام ڏنيون. آپا مريم سلطانه نوحاڻي سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم، جديد ۽ روشن خياليءَ لاءِ پنهنجي زندگي ارپي ڇڏي هئي. سندس شاگردياڻين ۾ مهتاب اڪبر راشدي، سلطانه صديقي، آپا خورشيد ميمڻ، سحر امداد ۽ ٻيون سون جي تعداد ۾ آهن، جن آپا جي تربيت سبب ملڪ گير شهرت ماڻي. آپا حيدرآباد جي زبيده ڪاليج جي انتظاميه ۾ به شامل رهي. پاڻ ڪاليج جي پرنسپال رهڻ کان وٺي ڪاليج جي ڊائريڪٽر طور به خدمتون سرانجام ڏنائين. ميلاد پڙهڻ جي حوالي سان آپا مريم نوحاڻي به تمام گهڻي مڃتا ماڻي. نعت پڙهڻ جي حوالي سان آپا مريم دلشاد مرزا جهڙي نعت خوان شاگردياڻي پيدا ڪئي. آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي ڪجهه ڏينهن اڳ تعليم جي حوالي سان 50 سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيڻ جي خدمت ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان سونو تاج پڻ پارايو ويو هو. آپا مريم سلطانه نوحاڻي کي خوش گفتار هجڻ ڪري ام الڪلام جي لقب سان نوازيو ويو هو. مرحومه مذهبي لاڙو رکندڙ هئي. ميلاد چوندي هئي. هن ايوان صدر توڙي وزيراعليٰ هائوس ۾ به ميلاد جون محفلون منعقد ڪيون. وفات کان ٻه ڏينهن اڳ حيدرآباد ۾ هڪ مذهبي تقريب ۾ پڻ هن ميلاد پڙهي هئي. ورهاڱي کانپوءِ سنڌ ۾ نياڻين جي اعليٰ تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ بنيادي تعليمدان عورتن آپا ڊاڪٽر شمس عباسي، دادي ليلان کانپوءِ آپا مريم سلطانه نوحاڻي جو نالو اچي ٿو، جنهن انهن وانگر تعليم جي ميدان ۾ نياڻين لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پاڻ ڪاليج ۾ ادبي، علمي ۽ ثقافتي تقريبون ڪرائڻ سان گڏ ميلاد به ڪرائيندي هئي. آپا مريم نوحاڻي تعليم جي ميدان ۾ خدمتون ڪندي محنت سان ڊائريڪٽر ڪاليجز جي عهدي تائين پهتي.

    هوءَ ماهر تعليم هئي ۽ ميلاد جي محفلن ۾ شاندار گفتگو ڪرڻ تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کيس پاڻ وٽ ميلاد لاءِ گهرائيندي هئي. سنڌ ۾ نياڻين جي حوالي سان تعليم جي تمام گهڻي کوٽ واري صورتحال کي ڏسندي نياڻين جي تعليم کي گهر گهر پهچائڻ لاءِ آپا مريم نوحاڻي تمام وڏي جدوجهد ڪئي. سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڳو‎‎ٺ هئا، جتي نياڻين کي تعليم نه ملندي هئي ۽ اُتي نياڻين جي اسڪولن جي به کوٽ هئي. آپا مريم نوحاڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومتي دورن ۾ سنڌ جي مختلف ڳوٺن جي نشاندهي ڪري ڏني ۽ پوءِ اُتي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حڪم تي نياڻين جا اسڪول قائم ٿيا ۽ انهن اسڪولن ۾ نياڻين تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. آپا مريم نوحاڻي جنهن جذبي سان تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون. ٻين عورتن کي به گهرجي ته اهي به آپا مريم نوحاڻي وانگر تعليم جي ميدان ۾ خدمتون سرانجام ڏين. نياڻين جي تعليم لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ گهرجن. سنڌ جي جنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ڳوٺ ۾ نياڻيون نه پڙهنديون هجن ۽ اسڪول نه هجي ته اُتي تعليم کولرائڻ لاءِ آپا مريم نوحاڻي وانگر جدوجهد ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. اسان سڀني جي مٿان اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اسان تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڀرپور نموني سان خدمت ڪريون. جيڪڏهن اسان جون نياڻيون تعليم جي ميدان ۾ اڳتي هونديون ته اسان جو معاشرو ڀرپور نموني سان ترقي ڪري سگهندو. پڙهيل لکيل نياڻي بهترين طريقي سان گهر کي هلائڻ سان گڏوگڏ پنهنجي ٻارن جي پالنا ۽ ملڪ جي بهتري لاءِ خدمتون سرانجام ڏئي سگهي ٿي. آپا مريم نوحاڻي جو وڇوڙو ڏکائيندڙ آهي پر هن دنيا ۾ جنهن ماڻهو جو جنم ٿيو آهي،

    ان کي هڪ نه هڪ ڏينهن هيءَ دنيا ڇڏڻي آهي. ان ڪري هر ماڻهو کي اهو ڪم ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سندس نالو مرڻ کانپوءِ زنده رهي. جيڪو انسان هن دنيا ۾ بهتر ڪم ڪري ٿو ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ، تعليم لاءِ يا ٻئي ڪنهن انسان جي ڀلائي لاءِ جيڪو به سماجي ڪم ڪري ٿو، ان جو نالو جيئري به مڃتا ماڻي ٿو ۽ وڇوڙي کانپوءِ به سندس نالو سونهري لفظن سان تاريخ ۾ لکيل رهيل ٿو ۽ ماڻهن جي زبان تي به رهي ٿو. آپا مريم نوحاڻي جنهن جذبي سان تعليم جي ميدان ۾ نياڻين لاءِ خدمتون سرانجام ڏنيون، انهن کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهون ۽ اسان اها ئي اُميد ڪريون ٿا ته سنڌ جون نياڻيون آپا مريم نوحاڻي وانگر تعليم لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪنديون ۽ سندن اهڙو ئي جذبو دنيا ۾ ثابت رهيو ته اهي آپا مريم نوحاڻي وانگر خدمت ڪري سنڌ جو نالو روشن رکنديون.


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو