”ڀاڙيو ڪونه ٿيندس“ ... عاجز شهزاد

'ڪهاڻيون' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2015۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,307
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ”ڀاڙيو ڪونه ٿيندس“
    عاجز شهزاد

    دادا رام رام...
    بابلا رام رام...
    دادا ڪهڙا حال آهن؟
    بابلا ڌڻيءَ جي ڪرپا آهي.
    پيرسن ليلا رام ڪاشي رام پل تي حلوائي روشن لال سان مخاطب هو، دادا ليلا رام جڏهن به ڪاشيرام پل تان گذرندو هو ته سوا گهڙي روشن لال جي دڪان آڏو ساهي پٽيندو هو ۽ ٻنهي وچ ۾ رام رام بعد مختصر احوال به ٿيندو هو. دادا ليلا رام چوڻ لڳو،
    بابلا! ٻڌو آهي ته ڪرپال وارا انڊيا لڏي ويا آهن، اسان به جتي رهون پيا اها جاءِ ڇڏي هاڻي شڪارپوري حويلي ۾ اچي ويٺا آهيون.
    ها دادا ڪرپال جي خبر پئي، ويچارو گهر ۾ ڌاڙي لڳڻ بعد ڏاڍو پريشان هو، پر تو ڇو جاءِ مٽائي؟
    بابلا سينيما روڊ تي هڪ ڪاسائي اچي دڪان کوليو آهي، گانءِ ماتا جي هتيا ڏسي نه پئي سگهياسين، تڏهن بهتر سمجهيو ته هاڻي پاڙو مٽائجي.
    دادا ليلا رام وڏي ارمان ۽ سسڪي ڀرڻ واري انداز ۾ چيو، روشن وراڻيس.
    ڀلو ڪئي دادا، پر ڇا ڪجي اسان کي به هن ئي ملڪ ۾ رهڻو آهي نه، اهو خيال ته اڪثريت کي ڪرڻ گهرجي نه ته اقليت جا به ڪي مذهبي جذبا آهن.
    هائو بابلا صحيح ٿو چوين، پر ڏاڍي جي اڳيان ڪير ڪڇي؟ پاڻ ڏٺئي ته ڪرپال جي گهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو گهڙي ڌاڙو هڻي ويچارين نارين سان ڏاڍو غلط هليا ۽ سندن ٻانهن ۽ ڳلي ۾ پاتل زيور به بيدردي سان لاهي ورتائون. ويچاري ڪرپال کي ڏاڍو صدمو رسيو. ويچارو مجبورن انڊيا هليو ويو، ماڻهو گهر ۾ به محفوظ نه هجي ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهي؟
    ها دادا ائين ته آهي، ياد نه اٿئي ته ڪجهه سال اڳ قائد اعظم روڊ تي شريف گهٽي ۾ ڪجهه ڦورن پوڄا پاٺ ڪندڙ نارين کي يرغمال بڻائي سڀني کان زيور ڦري فرار ٿي ويا، ڪو داد فرياد ئي ڪونه ٿيو. هن ملڪ ۾ محفوظ ته ناهيون، پر هاڻي پنهنجو وطن سنڌ ڇڏي به وڃون ته ڪيڏانهن وڃون، هتي ڪاروبار آهي پنهنجائپ آهي پر بدامني ساهه سڪائي ڇڏيو آهي.
    روشن لال جي اکين ۾ خوف جون ريکائون چٽيون ظاهر هيون، جن کي محسوس ڪندي دادا ليلا رام چيو.
    هائو بابلا! مٿان وري اغوا وارداتن ڪم لاهي ڇڏيو آهي، ڪڏهن ٻارڙا ٿا اغوا ٿين ته ڪڏهن بلوچستان مان وڏا به کڄيو وڃن، پوءِ اهي ڀوتارن آڏو گيسيون آهن، آخر ڀنگ بنا ته ڪوبه واپس نٿو ٿئي.
    ها دادا اها ڳالهه به صحيح آهي، پر دادا تو وارو ڇوڪرو چوي پيو ته توهان به انڊيا وڃڻ جو سوچيو پيا.
    روشن لال جي ڳالهه تي دادا ليلا رام کي پنهنجو ساهه مٺ ۾ ايندي محسوس ٿيو پر سندس اکين ۾ هڪ مشعال ٻري پئي ۽ چوڻ لڳو.
    ادا زيادتيون برابر آهن پر سنڌ منهنجو اباڻو وطن آهي، انهي جي مٽي مان جڙيو آهيان ۽ اها ئي منهنجي جنم ڀومي آهي، سنڌ منهنجي ڌرتي آهي، سنڌ ڇڏڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. مان مرندس ته سنڌ ۾ مرندس، منهنجا چتا به سنڌ ۾ سڙندي، منهنجي راک به سنڌو جي پاڻي ۾ لڙهندي، سنڌ کي ڇڏي ڀاڙيو ڪونه ٿيندس.
    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌ ۾ اها ڄاڻايل ويڌن صرف هندن سان نه آهي بلڪه مسلمانن سان پڻ آهي ، دعا ڪيو ته ڪو مانجهي مرد ميدان ۾ اچي !
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو