ادا توهان جي انهن سوال جو جواب هي آهي. ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي جيڪو اسان ڪيبورڊ جي مدد سان لکون ٿا. اهو ڪمپيوٽر جي ميمري ۾ فانٽ جي صورت ۾ موجود آهي. هر هڪ اکر ۽ انگ کي هڪ ڪوڊ ڏنل آهي. جنهنجو نالو آهي ASCII Code انهن جي لميٽ آهي. 256 ڪوڊ. 0 کان 255 نمبرن تائين. جنهن ۾ پهريان 32 ڪوڊ نانپرنٽ ڪريڪٽر آهن. انگريزن جي الفابيٽ ۾ 26 سمال ۽ 26 ڪيپيٽل آهن. جيڪي 52 ٿيا سنڌي جيترا پر جئين سنڌي لکڻ وقت اکر پنهنجي شڪل تبديل ٿا ڪن. مثال تو ڪمپوٽر ۾ ”ب“ جون 4 شڪلون آهن. هڪڙي هي ب ۽ 3 هي پاڻ ۾ مليل آهن ”ببب“ پهري، وچ ۾ ۽ آخر ۾ اچڻ سان پنهنجي شڪل کي تبديل ٿي ڪري. اهڙي طرح ”د“ واري اکرن جون وري ڪمپوٽر ڪوڊ (فونٽ) ۾ 2 شڪليون آهن. اهڙي طرح 52 مان 41 اکر آهن 4 شڪل وارا ۽ 11 اکر آهن 2 شڪلن وارا. ڪل ٿا 182. مطلب سنڌي جي الف ب کي ڪمپيوٽرتي 182 ۽ ان کان علاوه ”آ“ ۽ زير زبرن لا جائي الگ ڪپي. اهو هو اصل مسئلو. پر هاڻ Unicode انهن کي هل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي گنجائش 65،000 وڌيڪ آهي.