ڪامپيوٽر جي ماهرن کان هڪ بنيادي سوال

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ Dr. Asif Jamal Charan طرفان آندل موضوعَ ‏21 جون 2015۔

  1. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    بهتر رهندو ته ان سوال جو تفصيلي جواب به پنهنجي ڪيل بهترين ريسرچ سان پيش ڪريو ته جيئن پڙهندڙ لاڀ حاصل ڪري بحث کي اڳتي وڌائي سگهن... !
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو ان تي الڳ سان بحث ٿيڻ گهرجي ۽ ان ۾ به مون جهڙا حوالي نه پر ڪمپيوٽر جا ماهر شامل هجن.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    ڪمپيوٽر ته اڄ به بائنري ليگويج کي ئي سمجهي سگهي ٿو. اسين ڪمپيوٽر کي جيڪا به اِنپُٽ ڏيون سان پروسيسر تائين وري به بائينري جي صورت ۾ ئي پهچي ٿي.

    هيٺ ڏنل تصويرن تي غور ڪريو. هيٺين ٽيبل کي ايسڪِي ٽيبل چوندا آهن.

    هيٺ ڏنل ٽيبل ۾ هر نشاني پنهنجي پنهنجي بائينري ڪوڊ جي سامهون لکيل آهي.
    ASCII stands for American Standard Code for Information Interchange.

    [​IMG]
    [​IMG]

    بائينري ٽرانسليٽر جي ويب سائيٽ تي وڃي بائينري ڪلڪيوليٽر کي هلائي ڏسو ۽ اندازو لڳايو ته
    اسان ڪمپيوٽر کي جيڪا انفارميشن فراهم ڪيون ٿا سا پروسيسرتائين ڪهڙي صورت ۾ ٿي پهچي؟
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. محمد ابراهيم نظاماڻي

    محمد ابراهيم نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    سوفٽ وئير انجينر ۽ زميندار
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    ادا توهان جي انهن سوال جو جواب هي آهي. ڪمپيوٽر جي اسڪرين تي جيڪو اسان ڪيبورڊ جي مدد سان لکون ٿا. اهو ڪمپيوٽر جي ميمري ۾ فانٽ جي صورت ۾ موجود آهي. هر هڪ اکر ۽ انگ کي هڪ ڪوڊ ڏنل آهي. جنهنجو نالو آهي ASCII Code انهن جي لميٽ آهي. 256 ڪوڊ. 0 کان 255 نمبرن تائين. جنهن ۾ پهريان 32 ڪوڊ نانپرنٽ ڪريڪٽر آهن. انگريزن جي الفابيٽ ۾ 26 سمال ۽ 26 ڪيپيٽل آهن. جيڪي 52 ٿيا سنڌي جيترا پر جئين سنڌي لکڻ وقت اکر پنهنجي شڪل تبديل ٿا ڪن. مثال تو ڪمپوٽر ۾ ”ب“ جون 4 شڪلون آهن. هڪڙي هي ب ۽ 3 هي پاڻ ۾ مليل آهن ”ببب“ پهري، وچ ۾ ۽ آخر ۾ اچڻ سان پنهنجي شڪل کي تبديل ٿي ڪري. اهڙي طرح ”د“ واري اکرن جون وري ڪمپوٽر ڪوڊ (فونٽ) ۾ 2 شڪليون آهن. اهڙي طرح 52 مان 41 اکر آهن 4 شڪل وارا ۽ 11 اکر آهن 2 شڪلن وارا. ڪل ٿا 182. مطلب سنڌي جي الف ب کي ڪمپيوٽرتي 182 ۽ ان کان علاوه ”آ“ ۽ زير زبرن لا جائي الگ ڪپي. اهو هو اصل مسئلو. پر هاڻ Unicode انهن کي هل ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي گنجائش 65،000 وڌيڪ آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏23 جون 2015
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين رشيد صاحب ...

    مان ته ٻاتاهو آهيان ته سڄي سنڌ کي اها رسرچ ڏيکاريان پر سائين اها رسرچ مون سنڌي لينگئيج اٿارٽي ۾ جمع ڪرائي آهي ته جيئن ان بابت يونيڪوڊ ڪنزورشيم وارن ساڻ ڳالهائي سگهجي سو جيسيتائين اتان اها ثابت ٿي نٿي اچي تيستائين ڪنهن پرنٽ ميڊيا تي آڻي نٿي سگهجي باقي ان جو ڪجھ حصو جلد ئي توهان آڏو رکبو ته جيئن دوست ان تي پنهنجون پنهنجون تجويزون ڏئي سگهن. اهو حصو ان رسرچ جو اصل متن آهي. ائين سمجهو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين سليمان صاحب ...

    توهان صحيح سمجهو آهي. سچ پچ ته مون اهو سوال هتي رکيو ئي ان ڪري آهي ته جيئن سڀ ساڄاھ وند دوست ان تي مڪمل بحٽ ڪري ڪو نتيجو اخذ ڪن ته جيئن ان باري ۾ سڀني کي ڄاڻ پوي ته سنڌي ٻولي جو ڪامپيوٽر تي مڪمل اچڻ ڪيترو ضروري آهي. مان ان بابت فيس بڪ تي به گهڻو بحث ڪيو آهي. اميد ڪيان ٿو ته اسانجي سنڌ سلامت جا ڪل ميمبر ان ۾ پنهنجو پنهنجو حصو شامل ڪري اسان جي ڄاڻ ۾ واڌارو آڻيندا ...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan


    سائين نظاماڻي صاحب...
    منهنجي پوسٽ کي چڱي ريت پڙهو سهڻا سائين پو موٽ ڏيو.. توهان سٺي ونڊ ڪئي آهي پر اها موٽ منهنجي سوال جو جواب ناهي پيارا.
    منهنجو مقصد يونيڪوڊ يا آسڪي ڪوڊ بابت ڄاڻ نه هئي.
    منهنجو سوال ڳاڙهن اکرن ۾ پوسٽ ۾ موجود آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. محمد ابراهيم نظاماڻي

    محمد ابراهيم نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    سوفٽ وئير انجينر ۽ زميندار
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    ادا توهان جو سوال جيڪو ڳاڙهن اکرن ۾ اهو هي آهي، ”انگريزي ٻولي مان ڪهڙا ۽ ڪيترا اکر حزف ڪيا ويا هئا؟“ انهن جو جواب توهان کي يقين اندو هوندو. پر ان سان
    گڏ توهان هن سٽ جي مٿان ۽ هيٺا هڪ داستان به لکي آهي. جيڪا اصل سبب ٿي آهي. سوال جو. هاڻ يوني ڪوڊ کان پو توهان جو سوال سوال نه رهيو آهي.
    ڇو جو هن وقت اسان يوني ڪوڊ ۾ سنڌي هر جائي تي لکي رهيا آهيون. باقي اها ٻئي ڳاله آهي ته توهان هن جي جواب ۾ اسان کي پنهنجي ريسرج ڏکارڻ ٿا چاهيو ته ڀلي ڏيکاريو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,645
    ورتل پسنديدگيون:
    5,647
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    توڙي جو مون وٽ هن وقت بهتر نيٽ جي سهولت موجود نه آهي .. ۽ موبائيل جي 2جي انٽرنيٽ کي ليپٽاپ سان ڳنڍي استعمال ڪري رهيو آهيان پر... توهان جي آندل هن موضوع ۾ دلچسپي رکڻ ڪري سوال کي سامهون رکي ڪجهه ڳولا ڪئي... جنهن کان پوءِ مواد جي سڀ کان وڏي زخيري وڪي پيڊيا ٻڌايو ته 1689 ۾ جيڪي اهم ٻوليون هن ڌرتي تي لکيون ۽ پڙهيون ٿي ويون انهن جي الفابيٽ گهڻي قدر مختلف نه هئي.. اهڙين ٻولين جو هڪ تقابلي عڪس هيٺين تصوير ۾ ڏسي سگهجي ٿو...

    [​IMG]

    ڪافي پوئتي وڃڻ سان خبر پئي ته اڳوڻي انگريزي الفابيٽ جيڪا 5 صدي ۾ استعمال ٿي رهي هئي ۽ جنهن کي Anglo-Saxon futhorc طريقي ڪار تحت سڃاتو پيو وڃي ڪافي مختلف هئي اهڙي طريقي ڪار جي تصويري ٽيبل حاضر آهي...

    [​IMG]

    جيئن جيئن ٻولي جديديت ڏانهن سفر ڪيو ۽ لفظن جو ذخيرو ختم ٿيڻ لڳو .. تيئن تيئن الفابيٽ مختصر ٿيندي وئي.. ۽ 1011 عيسوي تائين Byrhtferð ان الفابيٽ ۾ ڪافي ردو بدل آندي ۽ الفابيٽ کي 24 اکرن تائين مختصر ڪري ورتو... جيڪي هن طرح هئا...

    A B C D E F G H I K L M N O P Q R S T V X Y Z & ⁊ Ƿ Þ Ð Æ​

    پر 1714 تائين The Saxon Alphabet پنهنجي 24 اکرن جي شڪل کي ٻيهر تبديل ڪيو... جيڪا هن تصويري عڪس مطابق وڃي بچي...

    [​IMG]

    اهڙي طرح 17 صدي ۾ William Shakespeare ۽ King James Bible جي ليکن کي سامهون رکندي جديد انگريزي ٻولي جنهن کي الزابيٿن الفابيٽ پڻ چون ٿا.. وجود آيو ...
    انگريزي ٻولي جي هسٽري بابت هي ڪتاب به اهم معلومات ڏئي ٿو.. جي وقت هجي ته نظر مان ضرور گذاريندا..
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    720
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    نياز عرض سڀني دوستن کي

    منهنجي مٿي ڪيل پوسٽ جي عيوض جيڪي جيڪي جواب دوستن ڪيا آهن سي تمام بهترين ۽ لاڀائتا آهن. مان ته حيرت ۾ آهيان ته توهان سڀ دوست اڻ هوند ۾ به ڪيترو نه بهترين ڪم ڪري رهيا آهيو. پر سڀني دوستن کي اهو ٻڌائيندو ھلان ته مون جيڪا پوسٽ ڪئي آهي سا آسڪي ڪوڊ يا يونيڪوڊ يا انگريزي ٻولي جي تاريخ بابت بنھ ڪونه هئي ۽ هاڻ سمجهان ٿو ته متان مان ئي پنهنجي ڳالھ سمجهائي ناهيان سگهيو. تنهن هوندي به مان ان پوسٽ کي وري سمجهائڻ جي هڪ ڪوشش ڪيان ٿو ۽ تنهن کانپوءِ انتظار ڪبو ته دوستن جي ڇا راءِ آهي منهنجي موقف جي باري ۾.

    منهنجي پوسٽ جا ڪل ٽي حصا آهن . جيڪي هن ريت آهن

    1. انگريزي ٻولي جو ڪامپيوٽر تي اچڻ

    2. ڪامپيوٽر تي اچڻ مهل ۽ ان کان پهرين انگريزي ٻولي جي صورت

    3. سنڌي ٻولي جي هم آواز اکرن، اعرابن، وڏي يي ”ے“ جو مسئلو


    1. انگريزي ٻولي جو ڪامپيوٽر تي اچڻ

    منهنجي پوسٽ ۾ پهرين حصي ۾ اهو واضع آهي ته ڪامپيوٽر تي پهرين انساني ٻولي انگريزي آندي وئي. ڪيئن آندي وئي، سا به سڀني ڪامپيوٽر ماهر دوستن کي ڄاڻ آهي ته آسڪي ڪوڊ جو استعمال ڪيو ويو جنهن کي ڪامپيوٽر جي اصلي ٻولي ٻٽ انگائي (Binary)ٻولي ۾ مٽائي اکر اسڪرين تي آندا ٿي ويندا هئا (آهن). آسڪي ڪوڊ جي جديد شڪل يونيڪوڊ آهي اها به سڀني ماهر دوستن کي ڄاڻ آهي.


    2. ڪامپيوٽر تي اچڻ مهل ۽ ان کان پهرين انگريزي ٻولي جي صورت

    اتي اهو واضع ڪندو هلان ته ڪامپيوٽر تي آڻيندي انگريزي ٻولي مان ڪو به لفظ حزف (Exclude) نه ڪيو ويو هو. اها به توهان سڀني دوستن کي ڀلي ريت ڄاڻ آهي. ڪل 26 اکر هئا ۽ اڄ تائين موجود آهن. اتي منهنجي چوڻ جو مقصد هرگز اهو ناهي تي ڪامپيوٽر کان پهريان انگريزي ٻولي ارتقا جا ڪيترا دور ڏٺا. يقينن ٻولي هڪ بحر آهي ۽ اها پنهنجي شڪل قدرتي طور مٽائيندي رهندي آهي. ان کي هٿرادو مٽائڻ وارا به رهيا ۽ سندن اها ٻولي به رهي اها به تاريخ آهي. ان ڪري مون ڪامپيوٽر ماهرن جي سامهون پهريان اهو سوال اٿاريو آهي ته انگريزن ، پنهنجي انگريزي ٻولي کي ڪامپيوٽر تي آڻڻ مهل ڪيترا ۽ ڪهڙا اکر حزف ڪيا هئا ؟؟؟


    3. سنڌي ٻولي جي هم آواز اکرن، اعرابن، وڏي يي ”ے“ جو مسئلو

    هاڻ اچو منهنجي پوسٽ جي آخري حصي تي جنهن ۾ مون پاران اهو ئي ساڳيو سوال سنڌي ٻولي لاءِ ڪيو ويو آهي. ڪجھ سنڌي ڪامپيوٽر ماهرن اڄ ڪالھ سوشل ميڊيا تي سنڌي ٻولي جي ھم آواز لفظن جهڙوڪ ز، ذ، ض يا س، ث، ص وغيره توڙي اعرابن جي حزف ڪرڻ لاءِ وڏا وڏا مثال پي ڏنا آهن ۽ ان تي بحث مباحثه به ٿين ٿا ته اهي اکر عربي ۽ فارسي ٻولي جي مهرباني آهي اسان تي باقي انهن جو فائدو ناهي ۽ اهي سان لاءِ ٻولي کي جديد ڪرڻ ۾ رڪاوٽ ٿا وجهن. اها رڪاوٽ ڪٿي ٿي اچي ؟؟؟ اها رڪاوٽ ڪامپيوٽر جي جديديت ۾ ٻن جڳهن تي ٿي اچي. هڪ جڏهن اسان ڪامپيوٽر کي آواز وسيلي (اُچاري) ڪجھ لکرائينداسين ( جنهن کي Speech to Text Method (STT) چيو ٿو وڃي) ته ڪامپيوٽر اهو ڪيئن فيصلو ڪندو ته ٻڌايل اکر ”صوف“ ص سان لکجي يا س سان لکجي جو ٻنهي اکرن جو آواز ساڳيو آهي (جنهن ڳالھ کي مان تسليم نه ڪري سگهيو آهيان). ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪامپيوٽر صوف لکڻ بدران سوف لکي ڇڏي. ان ڪري ٻولي مان ھم آواز لفظ ڪڍي ڇڏيو ته جيئن اهو مسئلو ئي ختم ٿي وڃي. اسڪولن ڪاليجن آفيسن ۽ درس تدريس توڙي ادب ۾ ائين ئي ڪجي ته جيئن ڪامپيوٽر کي ڪا تڪليف نه اچي.

    ٻيو هنڌ آهي جڏهن ڪامپيوٽر کان ڪو لکتي مواد ڳالهرائينداسين (جنهن کي (Text to Speech Method (TTS) چيو ويندو آهي) مثال طور ڪامپيوٽر روبوٽ يا ڪا مشين اسان سان ڳالهائي ته اها ڪنهن به هم آواز اکر کي ڏسي ڪيئن فيصلو ڪندي ته ان جو اُچار ڪيئن ٿيندو ؟؟؟ ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪامپيوٽر ” رضا احمد“ کي ” رزا اھمد “ نه لکي ڇڏي. سو ان لاءِ به ضروري آهي ته ٻولي مان ھم آواز لفظ ڪڍي ڇڏجن.

    ان حوالي سان اعراب به لفظ جي اچارڻ جي صورت مٽائيندا آهن مثال طور گُل يا گِل اکر آهن.... هڪ جو مطلب آهي گُل ٻوٽو (Flower)۽ ٻي گِل جو مطلب آهي مٽي (Soil)۔ اهي به ڪامپيوٽر جي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ وارا نظامن ۾ مسئلو پيدا ڪن ٿا سو انهن کي به ٻولي مان خارج ڪيو وڃي.

    تنهن کان سواءِ سنڌي ٻولي ۾ هڪڙي يي ”ي“ آهي جڏهن ته اڙدو ۾ ٻه يي ” ی ے “ آهن جن مان هڪ حال (PRESENT) ۽ ٻي ماضي (PAST) جي جملي لاءِ استعمال ٿئي ٿي سو ڪامپيوٽر ماهر دوستن جو چوڻ آهي ته سنڌي ٻولي ۾ به ائين ڪيو وڃي ته جيئن جملي جي صورت کي سمجهي سگهجي ته ماضي جو آهي يا حال جو.


    اهي آهن ٽي وڏا مسئلا جيڪي اڄ ڪالھ ڪامپيوٽر جي ماهر دوستن آڏو آهن جن لاءِ هو ڪامپيوٽر ۾ ڪو ڪارنامو سر انجام ڏيڻ بدران سنڌي ٻولي تي ڪاتي ڦيرائڻ جو سوچي رهيا آهن ۽ ڪنهن حد تائين ائين ٿيڻ به لڳو آهي جو جيڪي دوست ٻولي جا ماهر ناهن يا ڪتابي ادبي دنيا کان اڻ واقف آهن سي به ان ڳالھ تي آماده آهن ته ٻولي مان اهي لفظ حزف ڪري ان کي جديد ڪيو وڃي. پر انهن دوستن ۽ ڪامپيوٽر ماهرن کي ان جي حاصلات جي بنھ ڪا ڪل ڪانهي تي اڳتي هلي ان جو نتيجو ڇا نڪرندو. ٻولي تي ڪاتي ڦيرائڻ سان ڪيئن ٻولي ويهي ٿي وڃي ۽ پوءِ 5000 سال پراڻي ٻولي تاريخ ۾ دفن ٿي ويندي ان سان گڏوگڏ ايترن سالن ۾ لکيل ادبي مواد اخبارون رسالا، تاريخي دستاويز سڀ جا سڀ بيڪار ٿي ويندا جو انهن کي نئي جديد سنڌي ۾ ڪير به لاهي محفوظ ڪري نه سگهندو. ٻولي ۾ مٽا سٽا واري اهڙي هڪ ڪوشش ڪنهن زماني ۾ هڪ اخبار ڪئي هئي جيڪا اڄ تاريخ جو حصو آهي. مون هي پوسٽ توهان سڀني دوستن آڏو ان لاءِ رکي، ان ۾ اهو اهم سوال اٿاريو ته انگريزن ڪهڙا ۽ ڪيترا اکر حزف ڪيا هئا جو سبب هي اهو هو ته آخر اهڙو ڪهڙو عمل ڪجي جو انهن ڪامپيوٽر ماهر دوستن جو به مسئلو حل ٿي وڃي ۽ ٻولي جي اصل شڪل به قائم دائم رهي. مون وٽ به انهي بابت ڪي تجويزون آهن پر مان چاهيان ٿو توهان سڀ دوست منهنجي ان سوال تي سوچيو ۽ موٽ ڏيو جيڪو نه رڳو اهم سوال آهي پر وقت جي ضرورت به آهي. ڇاڪاڻ ته ايندڙ دور ۾ ڪامپيوٽر توهانجي گهر جي ٽيبل بدران گهر جي پڌر (اڱڻ) تي هلندي ڦرندي ڏسڻ ۾ ايندو سو اهو فيصلو توهان هٿ آهي ته اهو تڏهن به انگريزي ڳالهائي يا سنڌي ...


    ڊاڪٽر آصف جمال چارڻ
    بي 796 دادو
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. محمد ابراهيم نظاماڻي

    محمد ابراهيم نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    164
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    133
    ڌنڌو:
    سوفٽ وئير انجينر ۽ زميندار
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    ادا توهان سٺي وضات ڪئي آهي. منهنکي اها خبر نه آهي. ماهرن ايهن چئيو آهي. جئي چئيو آهي ته پوءِ اهي ماهر نه آهن. توهان جيڪي مثال ڏنا، اهي ٻولي جا مسئلا نه پر ڪمپيوٽر پروگراميگ ۾ سهي ۽ سٺي الگوريٿم (algorithm) کي تلاش ڪرڻ جا آهن. ڪمپيوٽر ماهر جڏهن شطرنج جو پهترين چالون ڪمپيوٽر کان هلرائي سگهن ٿا ته پوء ٻولي جي ٻه چار اکر ۽ ان جا آواز ايڏو وڏو مسئلو نه آهن... سوائي پاڻ لاء سولو بهانو تلاش ڪرڻ جي. هڪڙي ڳاله توهان کي ياد ڏياريندو هلا ته ڪمپيوٽر پاڻ مرادو خود ڪڏهن به ڪجهه نه ڪندو آهي. جيڪي ڪندو آهي، اها لاجيڪ پروگرام جي سورت ۾ هن جي ميمري ۾ موجود هوندي. اڄ ڪل ته ڪمپيوٽر فيس رڪيڪنائيز به ڪريو وڃن. اکر سڃاڻڻ ڪهڙي ڳاله آهي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏25 جون 2015
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    سنڌ سلامت جهڙي ڪامياب فورم جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي منهنجي هن آخري دفعوڪيل ڪمينٽ تائين، مون کي سنڌي ٻولي جي تختي ۾ ڪابه خامي نظر نه آئي جنهن جي ڪري مان اهو چئي سگهان ته اڄ جي ٽيڪنالاجي کي نظر ۾ رکي ڪري الفابيٽ ۾ ڪا ڦيرگهير ڪجي. سنڌي ٻولي کي مون اينڊروئڊ جي ڊيويلپمينٽ ۾ به آزمائي ڏٺو، ڪو به فرق محسوس ڪونه ڪيم، بلڪل انگريزي وانگر ئي استعمال ٿئي ٿي سگهي.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو