• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي 500 کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي چڪي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪالهه 20 جون 2015ع تي ڪراچي جي موسم سخت گرم رهي ۽ درجه حرارت 46 ڊگري سينٽيگريڊ تائين پهتو. ان قسم جو اسٽيٽس فيسبوڪ تي رکڻ سان ڪافي دوستن اهوئي لکيو ته واقعي ئي گرمي آهي ۽ ساهه نه ٿو کڄي، پر ڪجهه دوستن ان تي طنزيه ڪمينٽس پڻ ڏنا ته ڪراچي جا ماڻهو سُست ۽ ڪاهل آهن، هنن ۾ دٻ سهڻ جي همت ناهي وغيره وغيره ۽ اهو به لکيائون ته سنڌ جي ڳوٺن ۾ 50 تائين گرمي آهي.

هن دفعي ئي نه پر گرمي هنن ڏينهن ۾ سدائين رهندي آهي ۽ اسان پڻ 50 ڊگري ۾ خيرپور ۽ سکر ۾ گذاريو آهي پر ڪراچي ۾ 44 کان 46 ڊگري گرمي هجڻ وڏي ڳالهه آهي. ڇو ته ڪراچي ۾ نمي گهڻي ٿئي ٿي تنهنڪري اتي پگهر گهڻي اچڻ سان گڏ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي ٿي. ساڳي وقت گرمي جي ان رويي وقت جڏهن بجلي شهر ۾ نه هجي ته فليٽ ۽ سوڙهن گهرن ۾ رهندڙ ڪراچي واسي بي وس ۽ لاچار هوندا آهن. ٻئي طرف روزو به هيو. ڪراچي ۾ ڪالهوڪي گرمي گذريل 15 سالن ۾ سخت گرمي واري رڪارڊ کي ٽوڙيو آهي.

11035683_10206553240527962_3579795746658370718_n.jpg

خبرون آهن ته گرمي سبب ڪراچيءَ ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجون حياتيون وڃائي ويٺا آهن. ايڌي سينٽر مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏيڍ سئو لاش ته صرف ايڌي سينٽر ۾ آيا آهن جن مان اڪثر گرمي سبب گذاري ويا آهن. ايڌي سينٽر جي انچارج مطابق اڪثريت وڏي عمر ۽ پوڙهن ماڻهن جي آهي.
پر حڪمرانن ۽ وڏن ماڻهن تي هن گرمي جو ڪوبه اثر ڪونه ٿيندو، هو لگزري گاڏين ۽ اي سي گهرن ۾ رهندي هر ڳالهه کان بي خبر آهن. پر عام ماڻهو پريشان آهي، پريشان ته ڪراچي جي انهن ڳوٺن جا ماڻهو به آهن جن وٽ نه پاڻي آهي نه بجلي.
اميد آهي ته موسم اڄ شام کان بهتر ٿيڻ شروع ٿيندي ۽ گرمي گهٽبي .... دوستن کي گذارش آهي ته گرم موسم ۾ پنهنجو، پنهنجي گهروارن جو ۽ دوستن يارن جو خيال رکن.
 
ڪراچي جي گرمي مُتاثرن ۽ اکين ڏٺن شاهدن مان هڪ آءُ به آهيان. اسان وٽ ڪافي شين تي هڪ جهڙا رويا ۽ ارايا ڏيڻ جي عادت آهي. ڪُجهه غير سنجيده پوسٽ به سيريس ڪمينٽس جي ڪري ٻيو رُخ وٺيو وڃن ته ڪُجهه سنجيده مسئلا به مذاق جي ور چڙهيو وڃن.
سڄي دُنيا ۾ جڏهن به موسمي خبرون يندڙ ادارا خبر ڏين ٿا ته علائقن جا گرمي پَد ڏيندي اهو به ٻُڌائن ٿا ته فلاڻي جاءِ جو گرمي پد هوندو ته چاليهه ڊگري سينٽي گريڊ پر محسوس پنجيتاليهه ٿيندو. اهو ان ڪري جو ٻيا پهلو به ان ۾ ڳنڍيا وڃن ٿا. ڪراچي ۾ چاليهه کان وڌيل گرمي خطرناڪ ۽ جان ليوا ان ڪري ٿي ثابت ٿئي ته هتي نمي وڌيڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو جنهن ڏينهن ڪراچي ۾ 45 ڊگري هو ته موسم جي رپورٽ ڏيندڙ ويب سائٽس تي لکيل هو Feels like 51 مطلب ته نمي جي ڪري ان جو اثر وڌي ويو.

3299 اٽيچمينٽ ڏسو

سنڌ جي سامونڊي پٽي خاص ڪري ڪراچي ۾ گرمي ۽ ٻوسٽ جو سبب بڻجندڙ هوا جو گهٽ داٻ هن وقت عربي سمنڊ ۾ ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ موجود آهي. خميس تائين اهو داٻ سامونڊي حدن مان نڪري زميني علائقن ۾ ايندو ۽ سنڌ سميت پنجاب، بلوچستان ۽ هندستان جي ڪجهه علائقن ۾ بارش جو سبب بڻبو.

وڌيڪ تفصيل بي بي سي جي هن لنڪ تي موجود آهن.

http://www.bbc.com/weather/1174872

11061210_10206572208402147_7164675335977405692_n.jpg
 
بي بي سي جي خبر موجب قيامت خيز گرمي سبب سنڌ ۾ 450 جانيون ضايع ٿيون آهن

jZjaHq5JvT9bj.png
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top