سنڌي فطرتن ڇو اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن؟ڇو جو سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان قبول ڪرائي پناهگيرن کا پناه

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2015۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    سنڌي فطرتن ڇو اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن؟ڇو جو سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان قبول ڪرائي پناهگيرن کا پناه صرف ۽ صرف سنڌين ڏني.
    [​IMG]
    سنڌي فطرتن ڇو اينٽي اسٽيبلشمينٽ رهيا آهن ؟ ڇو جو سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان قبول ڪرائڻ ۽ دُنيا جي پناهگيرن کي صرف ۽ صرف سنڌين پنهنجي جيئن ۾ جاءَ ڏيڻ باوجود اڃان تائين سنڌي ماڻهون اسٽيبلشمينٽ جو ٽارگٽ رهندو اچي ۽ اهوئي سبب هو جو مُلڪ تي ، سرمايادار، واپارين ، انڊسٽريلسٽ ،جاگيردارن ۽ وڏيرن جي مدد سان اسٽيبلشمينٽ سنڌ تي قبضو ڄمائڻ گهري ٿي ته جيئن شاهوڪار سنڌ جا سڀئي وسيلا ۽ زمينون سندس قبضي ۾ هليون وڃن. ان ڪري ئي سنڌ جي ۽ جهرڪ شهر جي پهرئين عظيم سنڌي ليڊر قائد اعظم کي زيارت ۾ نظربنديءَ دوران شهيد ڪري موڪليو ويو ۽ پاڪستن جو بل پيش ڪرڻ واري جي ايم سيد جي بجاءِ لياقت علي خان کي لانچ ڪيو ويو ۽ سازش کُلڻ جي ڪري کيس به راولپنڊيءَ ۾ مارايو ويو. سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ، اسٽيبلشمينٽ ۽ ڪامورن، وڏيرن جي گٺ جوڙ ۽ مسلسل زيادتين کان پوءِ نه صرف سنڌ پر پاڪستان جو غريب عوام (پيپلز پارٽِيءَ) جي نالي تي ميدان تي اچي ويو ۽ اسٽيبلشمينٽ لاءِ اهوگهڻو ڏچو پئجي ويو ته مار وڏي صوبي ۽ فوجي ۽ بيوروڪريسي طاقتور وڏي صوبي پنجاب کي ڇڏي هاڻ پاڪستان جو ٻيو ليڊر به سنڌ مان ايندو ۽ غريبن جو حمايتي بڻجندو پوءِ ان سنڌي ليڊر شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو جي خلاف نه صرف سنڌ ۾ اندر پر ٻين صوبن ۾ وڏيرن، سرماياڪارن ۽ بيوروريسي کي اڳيان آڻي بل آخر کيس به شهيد ڪيو ويو ته وري بينظير ميدان تي اچي وئي ۽ اسٽيبلشمينٽ ۽ انهن جي حوارين بشمول سنڌ جي وڏيرن لاِ ڏچو بڻجي وئي ۽ پوءِ ان کي به پهرئين ڪراچيءَ ۾ ڪارساز جون بلديه (ايم ڪيو ايم) طرفان لائٽون بند ڪرائي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جتان هوءَ بچي نڪتي ته کيس وري وجه وٺي اسٽيبلشمينٽ جي مرڪزي شهر راولپنڊيءَ ۾ شهيد ڪرايو ويو. ڇو جو سنڌين جي حاڪميت نه پر پنجابين جي حاڪميت گهربي هُئي جو پنجاب وڏو ۽ طاقتور صوبو هو ته پنجاب ۽ ٻين صوبن جي ماڻهن کي سنڌ جي ليڊرشپ کان نفرت ڪرائڻ لاِءِ پنجابين لاءِ(جاگ پنجابي جاگ، تيري پگڙي ۾ پڙگيا داغ) ۽ ڪراچيءَ ۾ اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل پارٽي ايم ڪيو ايم کان (اڙدو ڪا جنازا هي ذره ڌوم سي نڪلي) جهڙيون سازشون تيار ڪيون ويو ۽ گڏوگڏ سنڌ لاِ ٻين صوبن جي بارڊرن جا دروازا کولي سمورو اسلحو، هيروئن ۽ ٻيو نشو سنڌ منتقل ڪري ۽ ان پئسي جي آڌار تي ڪارخانا، بلڊر، ويون ڪالونيون ۽ ٻاهريان غير نڌي اباد ڪرائي ترسايا ويا ته ايم آرڊي تحريڪ ڪامياب ڪندڙ غيو سنڌين جو اڪليت ۾ آڻي مُنهن بند ڪري سگهجي ڇو ڀُٽو ازم جو دشمن سنڌي به شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير جي قتل تي ڳوڙها ڳاڙي روئي ٿو معنيٰ ته دل سان تسليم ڪري ٿو ته انهن جو قتل سنڌي هُئن ۽ سنڌين سان نفرتن جي ڪري ڪيو ويو ۽ پوءِ ڀلي انهن ئي سنڌي وڏيرن جي معرفت سنڌي ماڻهن کي اپاهج ۽ غلام ۽ نشائي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هُجي يا پنجابي طالبان کي به پنجاب مان سنڌ شفٽ ڪيو ويو ته جين سموري سنڌ کي مفلوج ڪري سگهجي ۽ نوڪرين جي بهاني مدد حاصل ڪرڻ ۽ سنڌ جي مفت زمينن تي قبصن ۽ پائيپ ٽوري پاڻي ، ڪنڊن جي ذريعي بجلي ۽ ميٽرن کان سواءِ گئس حاصل ڪرڻ لاِ ٻين صوبن مان لڏ پلاڻ ڪرائي سنڌ ۾ آڻي وهارڻ وارن کي مُفت سهولت ملي ۽ ٻيا صوبا انهن جو سنڌ کي ٽيڪس يا بل به ادا نه ڪن. سنڌ جي روڊن رستن تي انڪروچمينٽ ڪري ۽ انهن کي هڪ منصوبي تحت شهر ڪراچيءَ ۾ قبضا ڪري ترسايو ويو ۽ سنڌ کي به مڪمل تعليمي ميدان ۾ ناڪاره بڻايو ويو. ڇا سنڌ جي ليڊرن جو ڏوه اهو هو ته ،قائد اعظم (پاڪستان) ڏنو، جي ايم سيد (پاڪستان قبول) ڪرايو، ڀُٽو (90 هزار جنگي قيدي) ۽ (پنجاب جي زمين) انڊيا کان ڳاله ٻوله سان مفت ورائي ۽ (ائٽم بم) ڏئي ايسٽ پاڪستان وانگر پاڪستان ٽوڙڻ جو بنياد ختم ڪيو ته بي نظير ڀُٽو (ميزائل ٽيڪنالاجي ڏئي) پوري دُنيا لاِ ءِ پاڪستان ختم ڪرڻ ناممڪن بڻائي ڇڏيو. اسٽيبلشمينٽ ته پنهنجي حرڪتن ۽ نفرتن سان سان اڳ ئي بنگالي مُسلمان باغي ۽ ايسٽ پاڪستان وڃائي ويٺي هُئي ۽ تقريبن سموريون جنگيون به هارائي چُڪي هُئي . ۽ جي اڄ ڪله، مُلڪ نئين پاڪستان (ذوالفقار علي ڀُٽو جي پاڪستان) تي ڪو نظربد نٿو رکي سگهي ته ته ان جو ڪارڻ به صرف شهيد ڀُٽو جو (نيوڪلر بم) ۽ بي نظير جي (ميزائل ٽيڪنالاجي) آهي. هاڻ فيقلو توهان ڪريو ته پاڪستان (فيڊرل مُلڪ جيڪو سنڌ جي پائي ت ئي قائم آهي) لِاءِ ۽ خاص طور سنڌ لِاٰءِ پيپلز پارٽي ڇو ضروري هُئي ۽ آهي جتي سنڌ مان اهڙي ٻي ڪا قيادت تيار نه ٿي سگهي آهي اڃان تائين ۽ جتي توهانجا وڏيرا اڃا به اسٽيبلشمينٽ جا پاٿاريدار ۽ مشرف جي گهر ۾ ميٽنگون ڪندڙ آهن. هر دئور ۾ انجنيئرڊ اليڪشنس ڪرائي سنڌ جي ليڊرشپ (پيپلز پارٽي) جو وُجود پنجاب مان ختم ڪرايو وڃي ٿو ۽ سنڌ مان ختم ڪرائڻ لاِ بينظير جي شهادت کان پوءَ سنڌ جو ڪرپٽ وڏيرو ۽ ڪامورو اڳيان آني غريب عوام جي (پيپلز پارٽيءَ )۾ غالب ڪيو ويو ۽ اندران کاٽ هڻي عريب ماڻهن جي (پيپلز پارٽيءَ )جو وجھود مٽائڻ جي ڪوشش ڪئ پئي وڃي جو سنڌي وڏيرو ته مُٺ ۾ آهي پر غريب ۽ باشعور سنڌي اشانيءَ سان مُٺ ۾ نٿو اچي. سنڌي وڏيرن ، پين، ميرن، شاهن ، رئيسن ، ڪانڀو خانن کي ڪهڙو اعتراض ٿيندو جو سنڌ جا سمورا وسيلا پنجابي اسٽيبلشمينٽ جي قبضي ۾ هليا وڃن. اسٽيبلشمينٽ جو روحاني پُٽ نوازشريف مشرف اسٽيبلشمينٽ جي ڪري اسٽيبلشمينٽ کان ڌار ٿي پنجاب مان پهريون جهموري اواز اُٿيو ۽ پيپلز پارٽيءَ سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائڻ لڳو ته عمران خان ۽ طاهرالقادري ۽ ايم ڪيو ايم کي سنڌ به ٽڪڙ ڪري هڪ ڏيڻ جي لالچ تي لانچ ڪيو ويو. ڪمزوز نواز شريف ٻيٽ نه جهلي سگيو ۽ واپس پنهنجي روحاني پيرن اسٽيبلشمينٽ سان ملي اقتدار ته حصيوار ٻنآئي ڇڏيو جيڪا منشا ۽ مرضي عمران خان ۽ طاهرالقادري ۽ متحده گٺ جوڙ کي آني لانچ ڪرڻ جي حوئي ۽ صبح جو ڀُلو جڏنهن نواز شريف واپس اسٽيبلشمينٽي دوستن وٽ هلي ويو ته متحده، عمران خان ۽ طاهرالقادري لاداو ٿي ويا، طاهراقادريءَ 10 مانهون مارائي ملڪ بدر ٿي ويو ۽ عمران خان جي پارٽيءَ ۾ اندران ڦڙڦوٽ وڌي وئي ۽ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽيءَ سان جيڪو حال اهي لڪيل ناهي ۽ رهي سهي ڪثر صولت مرزا، ذوالفقار مرزا، ۽ ٻيا گهُسيڙيل وڏيرا پوري ڪندا. نفرتن جو وقت سامهون آهي ۽ بنگالي سچن مُسلمانن سان ۽ کين علحده ملڪ لاِ مجبور ڪري باقي پاڪستان تي حاوي ٿيڻ جون پنجابي قوتون ڪم ڪري وري ٻين قومن سان نفرتن جو سالسلو جاري و ساري ڪري دهرائي رهيون اهن يعني 1971 بمقابلا 2015. هاڻ ڏسجي ته طاقتور پنجاب کي سڀ ڪُجه ڏيڻ ۽ حوالي ڪرڻ سان ڇا نفرتون محبتن ۾ بدلجي وينيون يا ٻيا سنڌي ليڊر به مقتول بڻبا شهيد قائد اعظم ، شهيد والفقار علي ڀُٽي ۽ شهيد بينظير ڀُٽي جيان؟ ۽ سنڌي مڻهون حسب عادت نشن ۾ چور ٿي سالانا ڀير تي ڏونڪو هڻي ناچ ڪندا يا ڪڏنهن نشن جي ننڊن مان اُٿي به کڙا ٿيندا. ڇو جو جنگ ٻي ناهي طاقتور پنجاب ، پاڪستان جي ٻين صوبن تي به مُڪمل حاوي ٿيڻ چاهي ٿو ۽ ان لاءِ بهانا ۽ به هزار موجود ڪري، گهوسڙو وهي، جيالا هٽائي پئدا ڪرايا ويا آهن.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو