ڪانونِ جي قوم

'ڪهاڻيون' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    نثار ابڙو

    صبح جو سهانو وقت . . . نسيم (صبح جي ٿڌڙي ۽ خوشبوردار هوا)، جنهن ماحول کي ٿڌي ۽ مٺي ڪرڻ لاءِ پئي جدوجھد ڪئي ۽ هاڻ سج جي پهرين ڪرڻن سان نبيري جي ڪوشش ۾ رُڌل هئي . .

    ڪراچي يونيورسٽي جي فيڊرل هاسٽل ۾ هڪ سادو موچارو ڪمرو مليل هو . . . هِڪُ جمعي جو ڏينهن ۽ مٿان واري ڇنڇر جي موڪل، ڪيترائي شاگرد ويجھن ڳوٺن ۽ شهر ۾ موجود مِٽن مائٽن ۽ دوستن يارن وٽ وڃي ٽڪيا هيا ۽ باقي موڪل هئڻ سبب اڃا ننڊ ۾ يا وري ڪمرن کان ئي نه نڪتا هيا . . . آءٌ به دير تائين ڪچهريون ڪري سُتو هوس . . . بلڪله هاسٽل جي ماحول ۾ رات جي ٻارهين کان اڳ سمهڻ عجب لڳندو آهي . . .

    رات جا پويان پهر بستري تي تڙپندي گذريا، ننڊ به عجيب شيءَ آهي ۽ وري انکان وڌ عجب خواب . . . . ڪڏهن آسمان جو سير ته ڪڏهن اُونهي کڏ . . . ڪڏهن محبوب ملاقاتون ته ڪڏهن وڇوڙا ۽ جدايون . . . ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم خلاف جدوجھد ته وري ڪڏهن خوشين ۽ غمن جو سمنڊ اُٿليو پوي . . . . شاهه چواڻي:

    اڀريام انگور، ستي سپرين جا
    کايو کايو سور، لڇيو لوچيو اٿان.

    اهڙي ئي لڇ لوچ واري حالت ۾ رات گذري . . . ننڊ جو غلبو ته اڃان حاوي هيو پر خيالن ۽ خوابن مان جند ڇڏائڻ خاطر اُٿي چانهن چسڪي لاءِ ڪئنٽين جو رخ ڪندي . . . هاسٽل کان ٻاهر نڪري گھرو ساهه کنيم . . . خاموشيءَ جا ڪڪر ڇانيل . . . سج جي گلابي ڪرڻن جو ڄار . . . آسمان صاف هوبهو سمنڊ جي پاڻي جيئان . . .

    سج کي سلام جي نيت سان آسمان طرف نگاهه ڪيم . . . سج کان اڳ نظر وڃي هڪ ٿلهي متاري سرڻ (الَ) تي پئي . . . پنهنجن مضبوط چنبن ۾ ڪانءُ جو نئون ڄاول ٻچڙو کنيو ڪنهن پاسي ٿي وئي . . . مون کيس معمولي سمجھندي، سج کي سلام واري نگاهه ڪندي اڃان ڪنڌ هيٺ ئي ڪيو هو ته اوچتو ڪنهن پاسي کان هڪ ڪانءُ جي زوردار ڪان . . ڪان . . ڪان ڪن تي پئي. مون وري مٿي ان طرف نهاريو ۽ ائين لڳوم ته ڪانءُ ان سرڻ چوڌاري لامارا ڏيندي صداءِ احتجاج ڪري رهيو هجي . . . بس پوءِ ته هر طرف کان ڏسندي ئي ڏسندي ڏهن مان سوَ ۽ سوَن مان هزارن جي تعداد ۾ ”ڪانوَن جي قوم“ گڏ ٿيندي وئي . . . رڙيون، دانهون ۽ پوءِ سرڻ تي حملا شروع . . .

    مون کان چانهن وئي وسري ۽ پاڻ کي ڪانون جو ساٿي محسوس ڪندي، سندن حمايتي ٿيندي ويٺم جاچڻ . . . ايئن ٿي لڳو ڄڻ آفريڪي ڪارا انسان پنهنجي بقاءِ آزادي ۽ نسل جي بچاءُ جي قومي ويڙهه وڙهڻ لاءِ . . . گورن نسل پرست، پرمار ۽ ڦورو حڪمرانن خلاف گڏ ٿي جدوجھد ڪري رهيا هجن . . .

    سرڻ پنهنجي شڪار کي وڃائڻ نٿي چاهيو . . . ۽ هونءَ به ظالم پنهنجي ظلم تان ڪو سٿرو هٿ ٿوروئي کڻندو آهي . . . پر ڪانون جي ڪوڪن ۽ حملن کان گھٻرائجي ۽ بوکلائجي هيڏانهن کان هوڏانهن پئي ڦيراٽون کاڌيون . . . هوڏانهن وري ڪانوَ هيا جو ”فتح ٻڌي سان“ ۽ ”ٻه ته ٻارنهن“ واري اصول تي عمل ڪندي حملا جاري رکيا . . .

    آءُ ڏسندو رهيس . . . چانهن جي پياس ۽ راتوڪي لُڇ پُڇ واري ڪيفيت وسري وئي ۽ خيالن ئي خيالن ۾ ڪانون جي احتجاج ۾ شريڪ ٿي، سرڻ مٿان اُلرون ڪرڻ لڳس ۽ شاهه جون هي سٽون وَرَ وَرَ ڪري پئي جھونگاريم:

    وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
    پسو پکيئڙن، ماڻهنئان ميٺ گھڻو.

    ڪانگن به هاڻ احتجاج ڇڏي ٻڌا حملا ٿي ڪيا . . . ڄڻ ته ويٽنامي قوم پنهنجن ننڍڙن ننڍڙن هٿن سان هٿيار کڻي، آمريڪي ويڙهاڪن تي، جن جا قد وڏا، جسم ڳرا طاقتور ۽ ڇاتيون ويڪريون . . . پنهنجي ننڍڙي قد ۽ ڪمزور جسمن ذريعي پئي حملا ڪيا . . . سرڻ به عالمي سامراج جيئان ٿي لڳو جو پنهنجي پيٽ ڀرڻ خاطر، ٻين جو رت چوسيندو ۽ ٻچا ماريندو آهي . . . پنهنجي طاقت ذريعي خوف ۽ حراس ويهاري، مظلومن کي بک مرڻ تي مجبور ڪري پنهنجي طاقت ۽ پيٽ کي ڏينهن ه ڏينهن ويندو آهي وڌائيندو . . . .

    انسان سماج ۽ خالص سنڌي معاشرو ڪانگ کي ٻين پکين جي ڀيٽ ۾ واڌو ڪاٽو نظر سان ڏسي ٿو جيئن ”سياڻو“، ”چالاڪ“، ”قاصد“، ”ڊڄڻو“ ۽ ”اندر ڪارو“ وغيره وغيره . . . هونءَ به ڪانءُ انساني شين کي خراب پڻ ڪندو آهي . . . ٻارن کان شيون، ماني يا گوسٽ ٽُڪر کسي کائي ويندو آهي . . . پر اڄ هو مظلوم هو . . . سندن نازڪ ۽ معصوم ٻچڙي کي سرڻ جي بي رحم چنبي ۾ ڏٺو هوم ۽ انهيءَ کي ڇڏائڻ جي تڙپ ڏٺي هيم . . .

    ”جت ٻاهه ٻري، اهو هنڌ سڙي“

    مظلوم قوم جو فرد ٻئي مظلوم ۽ ڏتڙيل قوم جي ڏکن کان واقف هجي ٿو . . . ڪانگ پکي ڪيترو به خراب ڇو نه هجي پر سندس ڪي خوبيون اهڙيون اٿس، جي سنڌ واسين ۾ اڻ هوند آهن . . . ڪانءٌ دشمن خلاف گڏيل جدوجھد ڪندا آهن . . . پنهنجي رنگ، نسل ۽ قوم سان بيحد پيار ڪندا آهن . . . پنهنجن گھرن ۽ اولاد جي حفاظت خوب ڪري ڄاڻن . . . ڪو شڪاري جڏهن هٿيار کڻي جھنگ جو رخ ڪندو آهي ته هي ئي اهو واحد پکي آهي جو کيس للڪاريندو آهي ۽ پنهنجي چالاڪي ۽ ڦڙتيءَ سان پيڇو ڪندي، پنهنجي مخصوص آواز سان مڙني پکين کي خبردار ڪندو رهندو آهي . . . ان ڪم ۾ هو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي جان به وڃائي ويهندو آهي . . . شڪاري کيس يا ته ماري يا ڀڄي يا وري لڪي جان ڇڏائيندو آهي. . .

    اڄ ڪانون کي قومي وجود لاءِ وڙهندي ڏسندو رهيس . . . سرڻ کي نديندو رهيس . . . سرڻ به طاقتور هئي، جسماني طور سڀني کان وڏي هئي، شڪار سندس چنبن ۾ هو، پنهنجي طاقتور پرن جي ٻل تي هيٺان کان مٿي، ساڄي کان کاٻي مطلب ته چؤڦير پئي لامارا ڏنائين . . . هوڏانهن ڪانوَ به متحد ٿي سرڻ جي لامارن تي ويتر ڪاوڙ ۾ ڀرجي پرتشدد حملا ڪرڻ شروع ڪيا . . . پنهنجن چهنن ۽ لتن سان ڪاهون ڪندا رهيا . . . سرڻ به طاقت جي گھمنڊ ۾ هئي . . . حملا بچائيندي . . هيٺ مٿي پئي لامارا کاڌا . . .پر آخر ته مظلوم جي فتح ٿيڻي آهي . . . سچ جي ٻيڙي لُڏڻي آهي پر ٻڏڻي ناهي . . . ڪانون جي همٿ هڻي هنڌ ڪيو . . . ظالم سرڻ جا چنبا ڍرا ٿيا، ٻچڙو هيٺ ڪريو ۽ هوءَ جھاز ٿيندي نظر آئي . . . سامراج جي شڪست ٿي، مظلوم کٽيو . . . مرادون پُنيون . . ڪانگن فتح جا نعرا هنيا . . . هيٺ اچي مئل ٻچڙي کي سلامي ڏئي وڃي پنهنجي ڪم سان لڳا . .!

    آءٌ ڏسندو رهيس، سندن سوڀ تي مرڪندو رهيس ۽ جت آسمان زمين کي سجدو ٿي ڪيو ان جاءِ تي نظرون ٽِڪائي . . . پنهنجي وجود تي . . . پنهنجي قوم تي سوچيندو رهيس . . . آسمان صاف ٿي چڪو هو . . . !
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    سائين نثار ابڙو جي هي بهترين ڪهاڻي پهرين پاڻ ونڊي چڪا آهن۔۔۔
    ادا طاهر بهتر رهندو ته جيڪڏهن توهان پنهنجي ڏنل لکڻين ۾ ان سائيٽ جو حوالو به لکو جتان توهان پنهنجا ليک لڳائي رهيا آهيو۔۔۔۔ جهڙوڪ
    وائيس آف سنڌ جي ٿورن سان۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ان شاء الله آئنده ائين ڪبو ويبسائيٽ جو نالو ضرور ڏبو اها ٻي ڳاله آهي ته مونکي اها خبر نه آهي ته جڏهن اسان مصنف يا ڪهاڻيڪار يا ناول نگار جو نالو به ڏئي رهيا آهيون ته پوء ڇا ويبسائيٽ جو نالو ڏيڻ ڪو عالمي قانون آهي يا اسان جو اخلاقي عمل؟
    ضرور جواب جي مهرباني ڪندا
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ادا طاهر سنڌي، خوشي ان ڳالهه جي آهي ته اوهان سنڌي ادب جون بهترين ڪهاڻيون پڙهو پيا ۽ جيڪا شئي اوهانکي سهڻي ۽ سمجهه واري لڳي ٿي ته هن اڱڻ جي دوستن سان پڻ ونڊ ڪيو ٿا ۔۔۔ منهنجو ڪهاڻيون پڻ اوهان ونڊ ڪيون آهن، جنهن مان لڳي ٿو ته اهي خيال ۽ قصا پڻ اوهانکي پسند آيا آهن ۔۔۔

    ادا طاهر! ادي رشيد جو چوڻ آهي ته جڏهن ليکڪ پاڻ ڪنهن جڳهه ته ڪو ليک ڏيندو آهي ته صرف نالو ئي ڪافي هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو ان ليک جو تخليقڪار آهي پر جي ڪو ٻيو دوست ان ليک کي ڪنهن ڪتاب، مئگزين يا سائيٽ تان کڻندو آهي ته ڪامل حوالو ڏيڻ ادبي ۽ اخلاقي ذميواري هوندي آهي ته جيئن پڙهندڙ ان حوالي مان پورو لاڀ حاصل ڪن۔ مثال جڏهن اسين ڪو تاريخي ليک يا مذهبي ليک لکندا آهيون ۽ ان ۾ ڪو حوالو ڏيندا آهيون ته ليکڪ يا چوڻ واري جو نالو، ڪتاب جو نالو، ايڊيشن ۽ صفحو پڻ ڄاڻائيندا آهيون ۔۔۔
    جيئن اوهان مٺڙي محمد صلي الله عليه وسلم جي ڪا حديث پيش ڪندا آهيو ته گڏوگڏ صحيح مسلم يا صحيح بخاري جو حوالو، حديث نمبر پڻ پيش ڪندا آهيو ۔۔۔ اهو ادبي اصولن ۽ لکڻ جي اصولن ۾ شامل هوندو آهي ، نه ته الله جي رسول جو نالو ئي ڪافي آهي۔
    رب زدني علماء ۔۔۔۔​

    ٻي ڳالهه ته مون لڳ ڀڳ پنهنجيون سموريون ڪهاڻيون هن اڱڻ جي دوستن سان ونڊ ڪيون آهن ۔۔۔ ۽ موجود آهن ۔۔۔ اوهان سنڌي ادب جي ڪهاڻين واري صفحي کي اٿلائيندا ته کوڙ اهڙيون ڪهاڙيون موجود آهن ، جيڪي اوهان ونڊ ڪيون آهن ۔۔۔

    وڌيڪ اوهانجي ڪم جو داد نه ڏيڻ به ناانصافي ٿيندي، اوهان پنهنجي قيمتي وقت مان سنڌ سلامت لئه جيڪا کوج ڪيو پيا سا ساراهڻ جهڙي آهي ۔۔۔ گڏوگڏ اوهانجي اندر ۾ جيڪو قومپرست انسان وسي پيو ۽ سنڌ سا عشق ڪري پيو ان انسان کي به سلام آهي ۔۔۔

    ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ هميشه طاهر جهڙا عاشق پئدا ڪندي رهي ۔۔۔ آمين
    دعائن ۾ گڏ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    سنڌ سلامت جي هڪ پياري دوست سلام خان ڪالهه هڪ حديث ونڊ ڪئي هئي؛ جيئن ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هن حديث ۾ ڪانون جي عظمت جو ڏس آهي انڪري هن ڌاڳي ۾ پڻ ونڊ ڪريانٿو، انڪري ته هن ڪهاڻي ۾ پڻ ڪانون جو ذڪر ٿيل آهي ۽ سنڌي قوم ۽ ڪانون جي قوم جي ڀيٽ ٿيل آهي ۔۔۔

     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ماشاءالله ادا تمام بهترين خيالات کي گڏ ڪري سلسلي ۾ ڄوڙيو ويو آهي ،

    محترم اهڙي ونڊون اوهان کي تقريبن هڪ نه ٻئي ڏينهن ڪرڻ گهرجن جئين اوهان جي ادب تصنيف مان اسان جهڙا به مستفيد ٿي سگهن۔

    سٺي مثال سان پنهنجن سان محبت ڪرڻ جو ۽ جذبو ڄاڳائڻ لا اوهان جا ٿورا ، مهرباني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    دوستو، سلام قبول پوي ...

    مون هيءَ آکاڻي “ ڪانون جي قوم” ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ايم اي سنڌي ادب ۾ ڪرڻ دوران لکي هئي ، ڪانون جي ارڏائپ ۽ سياڻپ کان ته آءُ اڳ کان ئي متاثر رهيو آهيان ۽ هميشه ڪانون کي ڏسندو آهيان ته ساڻن دوستي رکڻ تي دل چوندي آهي پر ڇا ڪجي آءُ بشر هو پکي ...!!!

    ٿيو ڇا جو هن دفعي جڏهن آءُ موڪلن تي سچل ڳوٺ پهتس ۽ منهنجي گهر ۾ هڪ انب جو وڻ آهي، ان انب جي وڻ ۾ ڪانون جو آکيرو آهي، ۽ مزي جي ڳالهه ته هن دفعي سندن آکيرو هڪ ننڍڙي ڄاول ٻچڙي سان سنواريل هو ... خئير ڳالهه کٽائڻي ته هڪ ڏينهن صبح سوير آءُ اڃان ستل ئي هيس ته ڪانون جو گوڙ ۽ ڪان ڪان ايتري جو مونکي ننڊ مان اٿاري وڌو، آءُ سمجهي ويس ته ڪا اڻ ٿيڻي ضرور آهي، نه ته ايتريون دانهون نه ڪن ها ... آءُ ٻاهر نڪتس ته ڇا ڏسان ته سندن ٻچڙو آکيري مان هيٺ ڪريل آهي اسان وارو بوڙينڊو (ٻلي جو نالو آهي) ان ٻچڙي کي جهٽڻ لئه پيو وجهه وجهي پر ڪانون جي ٺهنگن جي ڀوَ ۾ پاسا پاسا وٺي ٻچڙي تي حملو ڪرڻ وارو ئي هيو ته مون ڊوڙ پاتي ۽ ٻچڙي کي کڻي ورتو ...

    [​IMG]


    بس پوءِ ٻلو منهنجي پويان ۽ ڪانونَ به مونتي حملا ٿي ڪيا ...

    [​IMG]


    آءُ اهو ٻچڙو کڻي اندر گهر آيس ۽ ٻچڙي کي ٿورو آرام پهچايو، جنهن ٻلي کان بچندي ڪافي ڊوڙون پاتيون هيون ۽ هيٺ ڪرڻ سبب هڪ پر ۾ هلڪو ڌڪ به لڳل هيس ... خئير مون ان ٻچڙي کي واپس آکيري تائين پهچائڻ جو ارادو ڪيو،

    [​IMG]


    مٿي سان ڪپڙو ٻڌم ۽ هٿ ۾ لٺ کينم، انڪري ته ڪانونِ جي حملن جو يقين هيم ... ٿيو به ائين، منهنجو انب تي چڙهڻ ۽ ڪانون جو جهيڙو، ويچارن کي ڪهڙي خبر ته آءُ سندن سڄڻائپ ڪري رهيو آهيان ..!!!

    بس پوءِ انب جي ٽارين تان چڙهندي پنهنجون ٻاهون رهڙائي آکيري تائين پهتس ۽ ان ٻچڙي کي پنهنجي منزل تائين رسائي سک جو ساهه کنيم

    [​IMG]


    وڻ تان لهندي به ڪافي رهڙون کاڌم ۽ ڪانون سان به مقابلو ڪندي اچي هيٺ لٿم ... جيتوڻيڪ تڪليف ته ملي پر ان سان گڏ ان ٻچڙي کي منزل رسائڻ جو سڪون ايترو مليو جو اصل ڇا چئجي ...؟؟؟

    خئير واقعو ته ٿيو ۽ وسري به ويو پر ڪانون کان اهو واقعو نه وسريو، سو آءُ اڃان گهران نڪران ته ڪانون جو گوڙ ۽ ڪيتري حد تائين ته اصل ٽهنگن جو شڪار ٿيندي بچيس ... گهر کان پري پري تائين پيڇو ڪن يا وري گهر ايندي ڪانون جي نظر پوي ته اهڙيون رڙيون جو اصل ڳالهه ئي نه ڪريو ...

    هڪ خيال آيو ته يار نثار! تو ته ڪئي چڱائي پر هي دوست سمجهن ٿا لڱائي ... پر خئير مونکي مٿن رحم به آيو ته ڪاوڙ به ... پر ڇا ڪجي ... آءُ بشر هو پکي ...!!!

    [​IMG]

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ها سائين نيڪ ڪري دريا ۾ لوڙه واري ڳاله تي عمل ڪيو بابا تمام بهترين رب پاڪ اوهان کي ان نيڪي جو اجر عظيم عطا فرمائي آمين
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    يار علي علي! هن دفعي مون وارن شهزادن ٻلن جي ڪري ڪيترائي ثواب ڪمايا اٿم، هڪ ڏينهن مون باغ ۾ گلن جي گُڏَ ٿي ڪئي ته اوچتو ننڍڙي چوزي جو آواز آيو، ڇا ڏسان ته مون وارو شهزادو ٻلو هڪ ننڍڙو چوزو ڪٿان کڻي آيو آهي ۽ بس اصل اجهو ٿو ماري چٽ ڪريس ۽ بس پوءِ ته مون ڊوڙ پاتي، ٻلو به سمجهي ويو، چوزي کي کڻي وٺي ڀڳو، ٻلو اڳيان ، مان پويان ۔۔۔ خئير وڃي جهليو مانس ۽ وات مان ننڍڙو چوزو ڇڏائي ساه پٽيم ۔۔۔ هاڻ اهو چوزو ماشاء الله جيئرو جاڳندو گهر ۾ پلجي رهيو آهي ۔۔۔ ۽ مزي جي ڳالهه ته آهستي آهستي ان ئي ٻلي سان ياري ٿيندي وڃيس ۔۔۔

    هي آهي اهو چوزو
    [​IMG]


    هي آهن ٻه شهزادا ٻلا جيڪي منهنجي گهر تي قابض آهن

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ماشاءالله ادا تمام بهترين خيالات آهن ،

    ٻلن کان چوزي بچائي تمام بهترين نيڪي ڪمايو ۔۔۔۔۔۔ اسانجي جي چوڌاري جانور ،پلي وغيره الله جي مخلوق آهن انهن کان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ۔۔۔۔۔

    تمام سبق آموز ڪهاڻي آه
     
  11. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ههههههههههههههههههههههههههههههههههه مطلب ته هڪ ٻي سان يارري رکڻ جي ڪوشش پيا ڪن ڪٿي واڳون ۽ گدڙ واري ڪار نه ٿي انهن
    انهن جو قصو پڙهڻ لاء هتي ڪلڪ ڪندا
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪانونِ جي قوم

    ادا علي، اوهانجي موڪليل واڳون ۽ گدڙ واري آکاڻي پڙهي، بيشڪ ڏاڍي مڙس جي ياريءَ مان فائدا به ته نقصان به آهن، انڪري ته ٻنهي جي فطرت ۾ فرق هوندو آهي يا وقت سان ٿي ويندو آهي، انڪري چوندا آهن ته نانگن کي کير نه پيارجي ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته نانگ ڪيترو به پاليل ڇو نه هجي پر آخر ڏنگي ئي وجهندو آهي ۔۔۔

    پر يار علي انسان به اشرف المخلوقات آهي گهڻين ئي خلقيل شين کي پنهنجي وس ڪري وڃي ٿو ۔۔۔ بس انسان ئي انسان جو دشمن نه ٿئي باقي سڀني سان منهن ڏئي وڃبو ۔۔۔

    الله تعالا اوهان سميت اسان سڀني کي پنهنجي حفظ و امان ۾ رکي ۽ علم ۾ اضافو فرمائي ۔۔۔ آمين

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  13. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]
    From: Celtic Mythology

    "THE CROW" is an avatar of the Mórrígna in Irish mythology and especially of Badb Mórrigu, the harbinger of doom. In this form, she seems to be the divine representative of wise yet pessimistic womanhood whose role it is to warn her folk of danger, sometimes over-zealously. Crows are one of the most intelligent birds on the planet and soon adapt to new situations. They quickly learn that assembling armies mean that fresh carrion from corpses will soon be available and so they were often seen to circle before and during the strife. Little wonder, then, that they became synonymous with fate, doom, victory, fury and bloodshed
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو