• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دُبَـــئـــــي ۽ ســــنــڌ!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
11692568_1645912198956136_1387105825289555292_n.jpg

فيس بوڪ جي پيج تان
Star LeoSINDHI SANGAT
دُبَـــئـــــي ۽ ســــنــڌ!

دبئيءَ ۾ تيل آهي
سنڌ ۾ به ته تيل آهي
دبئيءَ ۾ گئس آهي
سنڌ مان به گئس نڪري ٿي
دبئيءَ ۾ سمنڊ آهي
... سنڌ کي به تمام وڏو سمنڊ آهي
دبئيءَ ۾ ريگستان آهن
سنڌ ۾ به ته ٿر آهي
دبئي ۾ نخلستان آهن
سنڌ ۾ به خيرپور دبئيءَ کان به وڏو علائقو کجين سان ڀريل آهي ...

سنڌ ۾ درياهه آهي
دبئي ۾ درياه ڪونهن
سنڌ ۾ زراعت آهي
دبئيءَ ۾ زراعت ڪا خاص ڪونهي
سنڌ ۾ ايشيا جو مشهور ۽ وڏيون ڍنڍون آهن
دبئيءَ ۾ ڍنڍون ڪٿا آيون
سنڌ ۾ هر قسم جا جانور آهن
دبئي ۾ اٺ آهن
سنڌ ۾ ماڻهن جو خاصو تعداد آهي
دبئيءَ کي ڪم ڪار لاءِ ٻاهران ماڻهون گهرائڻا پون ٿا
سنڌ ۾ تمام سهڻو ڪاڇو آهي
دبئيءَ ۾ اهڙا سهڻا پهاڙ ڪٿان آيا
سنڌ ۾ کاڻيون آهن
دبئي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ کاڻ هوندي

مطلب ته سنڌ دبئيءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ سرس آهي، سهڻي آهي، مالدار آهي پر پوءِ دبئيءَ کي ڏسي سنڌ کي ڏسجي ته ائين ڇو لڳندو آهي ته دبئي ڄڻ آسمان مان نڪتل آهي ۽ سنڌ ڄڻ دوزخ جو ڪو ٽڪرو جت نه ڪنهن جي عزت محفوظ نه جان نه مال، نه صحت نه صفائي، نه نوڪريون نه واپار ... هر طرف انڌيرا ئي انڌيرا ...

ڇا انجو سبب اهو ته ناهي ته سنڌي ماڻهون، ڀاڙيا ۽ ڪم عقل آهن، جن ۾ حب الوطني نالي ماتر آهي، اخلاقي قدرن کان خالي آهن ... ڇاڪاڻ سنڌ جي ڌرتي ته مالا مال آهي جيڪڏهن ڪي خاميون آهن ته سنڌ جي وارثن ۾ آهن ،،،،
سوچيو جي مان غلط هجان ته جيڪا چور جي سزا سا منهنجي سزا .....
 
ادا ھڪ مثال آئون به ڏيندو ھلان ته ھڪ ھمراھ مون وٽ گذريل ٽِن سالن کان پرائيويٽ ملازم آھي، ميٽرڪ پاس (سو به ڪاپي ڪري) ڀائو کي ڪنھن ايم.پي.اي جي ڇاڙتي آسرو ڏنو ته تو وٽ جيڪڏھن ڪمپائونڊر جي لا ڪا ڊگري ھجي ته سرڪاري نوڪري وٺرائي ڏيانو. ادي ڇا ڪيو جو ويھارو ھزار قرض کڻي ڪٿان ڪوڙي ڪا ڊگري ھٿ ڪري آيو ۽ اچي ان ايجنٽ کي ڏنائين جنھن نوڪري جو آسرو ڏنو ھيو. مون ھن کي تمام گھڻو سمجھايو ته بابا تو وٽ ڊگري ٺھي ڪانه ڪوڙ تي ڪيترا محل اڏيندين متان ٻڌجي پوين ڪوڙي ڊگري جي چڪر ۾، ۽ ڇو پيو ڪرين تو وٽ نوڪري ته آھي نه، چيائين ته سائين توھان وٽ ته سڄو ڏينھن ٿو ڪم ڪرڻو پوي سرڪاري نوڪري ۾ ويٺي سُتي ٺٺ ڪندس پگھار پيو ملندو. خير سائين ان ايجنٽ شروع ۾ ھڪ لک گھريا ھئا، پو گراھڪ گھڻا ٿي ويا ته سائين ريٽ به اڍائي لک ٿي ويو..
ھن ھمراھ به دير ئي ڪانه ڪئي گھر جو پلاٽ ڪٿي گروي رکي، ڪجھ قرض کڻي روپيا اڍائي لک ڪري ورتا. ھمراھ اصل وٺ ئي نه ڏي چئي اجھا ھفتي ۾ ٿي نوڪري ملي.. منھنجا خار ته ويا پئي پر وري رحم آيو ته غريب جو ٻار رُلي ويندو سو سمجھائيندي سمجھائيندي ان ڳالھ تي آندو ته ھن ايجنٽ کي چئو ته جاب آفر ليٽر ھٿ ۾ آڻي ڏي پو پنھنجو حساب وٺ. سائين عقل تڏھن ٺڪاڻي آيو جڏھن جاب صرف 6 مھينا ڪانٽريڪٽ تي ھئي سو به مونکي شڪ ته ڪوڙو آرڊر آه، سو ليٽرجي ڪاپي کڻي وڃي ڊي.ايڇ.او جي آفيس مان پڇا ڪئي ته واقعي آرڊر ڪوڙو نڪتو تڏھن وڃي ھمراھ ھٿ ڪڍيا پو به ڪوڙي ڊگري ھٿ ڪرڻ جي چڪر ۾ اندازن روپيه 25 کان 30 ھزار اُڏي ويا..
مطلب ته جتي لوڀي ھجن اتي ٺوڳي بک نه مرن.
۽ اھو اسان جي سنڌي ڀائرن جي سوچ
 
Back
Top