محمد اسلم عباسي
سينيئر رڪن

فيس بوڪ جي پيج تان
Star LeoSINDHI SANGAT
دُبَـــئـــــي ۽ ســــنــڌ!
دبئيءَ ۾ تيل آهي
سنڌ ۾ به ته تيل آهي
دبئيءَ ۾ گئس آهي
سنڌ مان به گئس نڪري ٿي
دبئيءَ ۾ سمنڊ آهي
... سنڌ کي به تمام وڏو سمنڊ آهي
دبئيءَ ۾ ريگستان آهن
سنڌ ۾ به ته ٿر آهي
دبئي ۾ نخلستان آهن
سنڌ ۾ به خيرپور دبئيءَ کان به وڏو علائقو کجين سان ڀريل آهي ...
سنڌ ۾ درياهه آهي
دبئي ۾ درياه ڪونهن
سنڌ ۾ زراعت آهي
دبئيءَ ۾ زراعت ڪا خاص ڪونهي
سنڌ ۾ ايشيا جو مشهور ۽ وڏيون ڍنڍون آهن
دبئيءَ ۾ ڍنڍون ڪٿا آيون
سنڌ ۾ هر قسم جا جانور آهن
دبئي ۾ اٺ آهن
سنڌ ۾ ماڻهن جو خاصو تعداد آهي
دبئيءَ کي ڪم ڪار لاءِ ٻاهران ماڻهون گهرائڻا پون ٿا
سنڌ ۾ تمام سهڻو ڪاڇو آهي
دبئيءَ ۾ اهڙا سهڻا پهاڙ ڪٿان آيا
سنڌ ۾ کاڻيون آهن
دبئي ۾ ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ کاڻ هوندي
مطلب ته سنڌ دبئيءَ کان ڪيترين ئي ڳالهين ۾ سرس آهي، سهڻي آهي، مالدار آهي پر پوءِ دبئيءَ کي ڏسي سنڌ کي ڏسجي ته ائين ڇو لڳندو آهي ته دبئي ڄڻ آسمان مان نڪتل آهي ۽ سنڌ ڄڻ دوزخ جو ڪو ٽڪرو جت نه ڪنهن جي عزت محفوظ نه جان نه مال، نه صحت نه صفائي، نه نوڪريون نه واپار ... هر طرف انڌيرا ئي انڌيرا ...
ڇا انجو سبب اهو ته ناهي ته سنڌي ماڻهون، ڀاڙيا ۽ ڪم عقل آهن، جن ۾ حب الوطني نالي ماتر آهي، اخلاقي قدرن کان خالي آهن ... ڇاڪاڻ سنڌ جي ڌرتي ته مالا مال آهي جيڪڏهن ڪي خاميون آهن ته سنڌ جي وارثن ۾ آهن ،،،،
سوچيو جي مان غلط هجان ته جيڪا چور جي سزا سا منهنجي سزا .....
