گرجدار آواز ذريعي الڳ سڃاڻ رکندڙ اداڪار ۽ صداڪار اي آر بلوچ جي ورسي جي مناسبت سان: اي آر بلوچ صاحب جو اصل نالو عبد الرسول شاهي هو پاڻ حيدرآباد شهرم 15 مارچ 1923ع م ڄاوا. والد جو نالو اميد علي هو. بلوچ صاحب رائل ايئر فورس م نوڪري ڪئي ٻه ساک نوڪري ڪرڻ دؤران نماز پڙهڻ جي اجازت نه ملڻ تي آفيسر سان سندس منهن ماري ٿي. جنهنڪري کيس چريو قرار ڏئي نوڪري مان ڪڍي کيس گدو م چرين جي اسپتال م داخل ڪيو ويو. اسپتال مان صحتياب ٿيڻ تي امن ئي اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر پنهنجي نياڻي سندس نڪاح ۾ ڏني. جنهن مان کيس هڪ پٽ ۽ چار نياڻين جو اولاد ٿيو. کيم ريڊيو پاڪستان تي انور بلوچ ۽ ٽي وي تي عبدالڪريم بلوچ صاحب متعارف ڪرايو. بلوچ صاحب ٽي وي تي پهريون ڊرامو جيڪو آغا رفيق جو لکيل هو ڪيو. جنهنجو نالو هو. خوانب جو سوج“ سنڌي فلمن. ليلي ا مجنون. بادل ۽ برسات. رت ۽ اجرڪ م پڻ اداڪاري ڪئي. ڊرامن. م ديوارين. جهنگل. هٿين گل ميندي. دنگي منجه دريا هئا. سندس ڊرامون بخت خان بيحد مشهور ٿيو . سندس آخري ڊرامو ٽيپو سلطان هو. اي آر بلوچ پهرين جولاء 2005ع تي الشفا ڪراچي م وفات ڪئي. سائين عبدالله جروار جي وال تان ورتل ___