• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪافي (اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان)

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نثارناز
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نثارناز

سينيئر رڪن
ڪافي
نثاراحمدناز
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان
جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوندو
اُتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو
نگر نينهن وارو نِهارڻ ٿو چاهيان
اڪيلو، اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي
مِلِي بِيک محبت ڌِڪاري سا ڇڏبي
ائين يادِ ماضي وسارڻ ٿو چاهيان
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
نڪو نينهن هاڻي نرالا ٿا پسجن
انڌيرا سوين پر اُجالا نه پسجن
وڏا سج وفا جا اُڀارڻ ٿو چاهيان
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
هتي ”ناز“ نالي ته ڪوئِي به ڪونهي،
نڪو لاڄ آهي ۽ لوئِي به ڪونهي،
اهي سور صدما سُڻائڻ ٿو چاهيان
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان !!​
 

منهنجي خيال ۾ اڪيلو گذارڻ انسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي، ڇو ته انسان سماج سان جڙيل آهي، رشتن ۽ ذميدارين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ بيوس جاندار آهي۔۽ جيڪڏهن انسان خدائي ۽ انساني قانونن کان فراريت اختيار ڪري ته پوءِ فطرت وٽ هڪ ئي رستو بچي ٿو، اهو آهي موت۔ شايد قبر ئي اڪيلي رهڻ جي مناسب جاءِ ٿي سگهي ٿي۔

۽ رهي ڳالهه ”ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي“، ته ان لاءِ حمل فقير جو هيٺيون بيت واضح دليل آهي۔ (بيت ۾ غلطي هجي ته تصحيح ڪندا)

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، اسين ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين ، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ
حمل سُرهي ساجن ڪاڻ، اسين ڪاڻون ڪڍون ڪن جون


 
سائين تمام بهترين ڪافي آهي ۽ ادا سلطان اوهان جي ڳاله به درست آهي ته انسان فطري طور تي ملي جلي ڪري رهڻ وارو آهي ان کان جند نٿو ڇڏائي سگهي پر جڏهن انسان هن دنيا جي لاهن چاڙهن ۽ ڏکن کي ڏسندو آهي ته ان جي دل مان اها آه ضرور نڪرندي آهي
توهان ٻنهي بزرگن جي تمام گهڻي مهرباني
 
جتي دل آزاريءَ سندو راڄ هوندو
اُتان کان ته مُنهنجو سدا ڀاڄ هوندو
نگر نينهن وارو نِهارڻ ٿو چاهيان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي
مِلِي بِيک محبت ڌِڪاري سا ڇڏبي
ائين يادِ ماضي وسارڻ ٿو چاهيان ۔۔۔۔۔۔
هتي ”ناز“ نالي ته ڪوئِي به ڪونهي،
نڪو لاڄ آهي ۽ لوئِي به ڪونهي،
اهي سور صدما سُڻائڻ ٿو چاهيان
اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان
پکي بڻجي پيارا اُڏامڻ ٿو چاهيان !!​
صحيح چيو آهي سياڻن ته اندر جي آوازن کي ڪو شاعر ئي بيان ڪري سگهي ٿو۔۔۔
منهنجي ڪو دل ٽوڙيندو آهي ته بس خاموشي جي ڳولا ڪري ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪندو آهيان۔۔۔۔ اي ڪاش مون کي به ڪي ٻه اکر لکڻ ايندا هجن۔۔۔
ادا سلطان موٽ ۾ توهان جي لفاظي به لاجواب آهي۔۔۔۔ ڀاء توهان اڄ ڪالهه فورم تي ۽ ميسينجر تي به گهٽ آهيو۔۔۔ مصروفيت وڌي وئي آهي ڇا؟؟
 

منهنجي خيال ۾ اڪيلو گذارڻ انسان جي وس جي ڳالهه ڪانهي، ڇو ته انسان سماج سان جڙيل آهي، رشتن ۽ ذميدارين جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هڪ بيوس جاندار آهي۔۽ جيڪڏهن انسان خدائي ۽ انساني قانونن کان فراريت اختيار ڪري ته پوءِ فطرت وٽ هڪ ئي رستو بچي ٿو، اهو آهي موت۔ شايد قبر ئي اڪيلي رهڻ جي مناسب جاءِ ٿي سگهي ٿي۔

۽ رهي ڳالهه ”ڪڏهن ڪاڻ ڪنهنجي نه هاڻي ته ڪڍبي“، ته ان لاءِ حمل فقير جو هيٺيون بيت واضح دليل آهي۔ (بيت ۾ غلطي هجي ته تصحيح ڪندا)

ڪاڻ ڪنين جي ڪاڻ، اسين ڪاڻون ڪڍون ڪن جون
نه ته ڪير ڪاڻ، ڪير اسين ، ڪير ڪڍي هوند ڪاڻ
حمل سُرهي ساجن ڪاڻ، اسين ڪاڻون ڪڍون ڪن جون



مٺا سُلطان جُڙيو هُجين شال: هڪڙو سائين اياز گل جو چار سٽو پيو ياد اچيم ته​
سج لهندي جو ڪو منظر آهيان
مان انڌيري ڳَلِيءَ جو گهر آهيان
مُنهنجي جذبن جو ڇو خيال ڪندين؟
ڪهڙو آخر مان معتبر آهيان!!!​
مٺا مون اڪثر ڏٺو آهي ته جڏهن ڪنهن سان لنئون لڳندي آهي، تڏهن به اهو ماڻهو هر ماڻهو کان ڪاٽا ٿيندو آهي، پنهنجي گهر وارن کان جُدا ٿيندو آهي، بس هو تنهائي پسند ٿي اڪيلائي جو آسمان وسائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ وري جڏهن محبوب جو وڇوڙو، محبوب جي جُدائي ، محبوب جي بي رُخي جي ور چڙهندو آهي تڏهن به هو اڪيلو رهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، ايتري قدر جو ڪڏهن ڪڏهن سُهڻن جو سَٽُون نه سهندي ايترو ته اڪيلائي جي سمنڊ ۾ ٻُڏي ويندو آهي، جو بقول تُنهنجي قبر ۾ ساري جهان کان ناتا ٽوڙي سمهي پوندو آهي، مونکي لطيف سائين جي جوانيءَ جي پيڙاهه ۾ اڪيلو رهڻ واري هڪڙي ڳالهه ياد پئي اچي ته ڪافي ڏينهن ٿي ويا لطيف سائين جن پنهنجي گهر مان گُم ٿي ويا، شاهه حبيب سائين جيڪي مرشد لطيف سائين جن جا والد بزرگوار هُئا، اچي پريشان ٿيا، ته مُنهنجو پٽڙو الائي ڪيڏاهن گُم ٿي ويو آهي، سو کين ڳوليندو ڳوليندو اچي وارياسي ڀِٽُنِ تي پهتو، اتي جان ڏسي ته لطيف سائين اڪيلائي جي اونهي عميق ۾ ايترو ته مُستغرق ٿيو پيو هو جو واريءَ ۾ لطيف سائين جا صرف ڪپڙا نظر اچي رهيا هُئا، شاهه حبيب سائين جن پُٽ جي اهڙي حالت ڏسي، ڏُک ۾ ڀرجي ويا، ۽ سمجهيائون ته شايد سندن سُهڻو لطيف هاڻي هن دنيا ۾ ناهي رهيو، سو سائين حبيب جي واتان اُمالڪ هي بيت گونجيو ته​
لڳي لڳي واءُ ويس انگڙا لٽجي!!​
لطيف سائين اڪيلائي جي دُٻڻ مان هوشيار ٿي فرمايو ته
پئي کڻي پساهه پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي!1​
ته مٺا اڪيلو ٿيڻ جي ڪا منطق ضرور آهي، مان ته صرف پنهنجي هڪڙي ڪافي ۾ اڪيلو ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، پر موجوده دور جي زبردست شاعر، پنهنجي پوري ڪتاب جو نالو ئي ” اڪيلائي جو آسمان “ رکي ڇڏيو، باقي ”جتي دل آزاريءَ سنڌو راڄ هوندو“ واري ڳالهه تي پڻ لطيف سائين جن جو هڪڙو انتهائي قيمتي بيت ياد پيو اچيم ته​
ويٺي جنين وٽ ! ڏکندو ڏاڍو ٿئي
سا مجلس ئي مَٽ ! جي حاصل هوئي هزار جو ...!​
تُنهنجي ڳالهه به سئوفيصد درست آهي ته فطرت جي قانون مطابق اڪيلائي ممڪن ڪونهي پر اهو ئي مالڪ آهي آخر موت به موڪلي سگهي ٿو. جيڪڏهن ٿورو غور ڪرين ته مُنهنجي ڪافيءَ جو ٿلهه ئي تُنهنجي انهن ئي خيالن جي عڪاسي ڪري ٿو . اڪيلو اڪيلو گُذارڻ ٿو چاهيان، پکي بڻجي اُڏامڻ ٿو چاهيان، جيئن ته ساهه جڏهن انسان جي بوتي مان نڪرندو آهي، پکيءَ وانگر اُڏامي ويندو آهي، بس مٺا شاعر ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾ هوندو آهي، باقي ماڻهن جو ڪاڻون ڪڍي ڪڍي ڪيتريون ڪڍون ، خيرات ۾ ڀلا مليل پيار کي ڇا ڪبو،
مونکي هڪ اردو فلم جو هڪڙو گيت ياد پيو اچي ته،​
دل ڪو جلانا هم ني ڇوڙ ديا، ڇوڙ ديا
ڦرتي ٿي ماري ماري تيري گلي ۾ پياري
يه آنا جانا هم ني ڇوڙ ديا، ڇوڙ ديا​
بس يار شاعر به انسان آهن، ڪڏهن لطيف سائين وانگر پچڻ کي پچائي ٿيو پون ته وري ڪڏهن ، ڏونگر تون ڏاڍو ٿو ڏاڍا ڏاڍايون ڪرين. خير مونکي خوشي ٿي جو تو پنهنجي خيال جا وهڪرا مُنهنجي هن معمولي ڪافيءَ تي تمام شاندار نموني ونڊيا​
 
صحيح چيو آهي سياڻن ته اندر جي آوازن کي ڪو شاعر ئي بيان ڪري سگهي ٿو۔۔۔
منهنجي ڪو دل ٽوڙيندو آهي ته بس خاموشي جي ڳولا ڪري ڳوڙها ڳاڙي دل جو بار هلڪو ڪندو آهيان۔۔۔۔ اي ڪاش مون کي به ڪي ٻه اکر لکڻ ايندا هجن۔۔۔
ادا سلطان موٽ ۾ توهان جي لفاظي به لاجواب آهي۔۔۔۔ ڀاء توهان اڄ ڪالهه فورم تي ۽ ميسينجر تي به گهٽ آهيو۔۔۔ مصروفيت وڌي وئي آهي ڇا؟؟
مهرباني ادا منتظم اعلى جو توهان مُنهنجي شاعري تي پنهنجا قيمتي ويچار ونڊيا، باقي مونکي خبر آهي ته جڏهن به ۽ جيئن ئي تون ٻه اکر لکندو آهين اصل اُن گنجي وانگر مٽ ڀڃي ڇڏيندو آهين، آخر ته سمون صاحب آهين. سمان سدائين سمان، پر ڪڏهن ڪڏهن نڪما ڀي ٿي پوندا آهن پر تون هميشهه جاکوڙي، هميشهه پاڻ پتوڙڻ وارو بس وڌيڪ هو ڇا چوندا آهن ............................. گيري ڪونه ٿو ڪريان بس ايترو ٿو چوان ته تون ڪم وارو ماڻهو آهين، شل سدائين سکيو هُجين پنهنجي پيارن سان.​
 
سائين تمام بهترين ڪافي آهي ۽ ادا سلطان اوهان جي ڳاله به درست آهي ته انسان فطري طور تي ملي جلي ڪري رهڻ وارو آهي ان کان جند نٿو ڇڏائي سگهي پر جڏهن انسان هن دنيا جي لاهن چاڙهن ۽ ڏکن کي ڏسندو آهي ته ان جي دل مان اها آه ضرور نڪرندي آهي
توهان ٻنهي بزرگن جي تمام گهڻي مهرباني
ڪهڙا ٻه بُزرگ ميان علي علي، اصل تون به نه بابا هن فورم ۾ صرف هڪڙو جهونڙو آهي، سا ته توکي خبر آهي، ماشاالله ادا سُلطان هينڊسم، ينگ (معاف ڪجو انهن لفظن جي في الحال سنڌي لکڻي ڪانه پئي اچي) آهي باقي مون واري ڪافي توکي وڻي تنهن لاءِ شڪر گُذار آهيان، خوش هُجين پنهنجي پيارن سان​
 
تمام بهترين ادا وڏي مهرباني
مهرباني ادا نثار توهان کي مُنهنجي ڪافي وڻي لک لائيق وڏا قرب شال جُڙيو هُجين پنهنجي پيارن سان پر يار ڪجهه پنهنجي باري ۾ خبرون چارون ته ڪرائي، اصل سنڌ جي ڪهڙي شهر سان تعلق ٿو رکين، تعليم ڪيتري اٿئي، ڪهڙا ڪهڙا مشغلا اٿئي، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪنهنجي چوڻ تي پير پاتئي، مٺا اهي ڳالهيون ضروري آهن، بس تعارف واري شعبي ۾ پنهنجو تفصيلي تعارف ڪرائي ته ڪا خبر چار پوي مهرباني​
 
ڪهڙا ٻه بُزرگ ميان علي علي، اصل تون به نه بابا هن فورم ۾ صرف هڪڙو جهونڙو آهي، سا ته توکي خبر آهي، ماشاالله ادا سُلطان هينڊسم، ينگ (معاف ڪجو انهن لفظن جي في الحال سنڌي لکڻي ڪانه پئي اچي) آهي باقي مون واري ڪافي توکي وڻي تنهن لاءِ شڪر گُذار آهيان، خوش هُجين پنهنجي پيارن سان​

سائين بزرگي صرف عمر رسيدگي جو نالو ناهي بلڪه هڪ انسان جو مرتبو آهي جنهن اسٽيج تي هر عمر جو ماڻهون پهچي سگهي ٿو سائين اسان کي اوهان جي رڳو شاعري ئي پسند نه آهي پر اوهان به اسان کي گهڻا پسند آهيو shal judy hujeen ۽ آباد رهين
 
Back
Top