اڄ ڪلهه مان جڏهن به فيس بوڪ کوليان ته ميسيجز وارا انگ پاپ اپ طور ظاهر ٿين ۽ جڏهن انهن تي ڪلڪ ڪريان ته پتو لڳي ته اهو ميسيج ڪنهن گروپ طرفان يا ڪنهن دوست طرفان مون سميت لڳ ڀڳ 50 ٻين ڏانهن به موڪليل آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر ان پيغامل کي وصلو ڪندڙن طرفان موڪليل جواب به آيل هوندا آهن.. اهڙن پيغامن جو نه ڪو فائدي وارو مقصد هوندو آهي ۽ نه وري جواب موڪليندڙن جو خيال ڪو معلوماتي.. صاف لڳندو آهي ته اهو ميسيج بس وقت جو ذيان آهي.. ۽ وري اهڙن پيغامن کي جڏهن ڇڏڻو پوي ته وري پيغام ۾ ئي منهنجي ڇڏڻ جي خبر ڪچهري ۾ موجود سڀني کي فيس بوڪ طرفان موڪلي ويندي آهي... جيڪڏهن توهان به مون واگر اهڙين ڪچهرين يا پيغامن کي فضول سمجهندا هجو ۽ اهڙي طرح جان ڇڏائڻ چاهيندا هجو ته جيئن پيغام موڪليندڙ ۽ ان ۾ شامل سمورا ساٿي خراب نه سمجهن ته هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو... ميسيج جي سيٽنگ تي ڪلڪ ڪندي ۽ Mute Conversation کي چونڊيو.. جنهن کان پوءِ ايندڙ اختيارن مان Until You Turn It Back On چونڊيندي Mute بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو... ۽ بس توهان جان ڇڏائي ورتي...
بلڪل اهو آپشن آهي پر ان جي وضاحت ذيشان رشيد اڳ ئي ڪئي (هيٺ اقتباس ۾ ڏسو) ته ان جي خبر سڀني ڏي ويندي تنهنڪري چُپ چاپ ۾ جان ڇڏائڻ جو طريقو ٻُڌايو ويو.