فيس بوڪ گروپ جا ميسيجز ڪيئن روڪجن..؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏3 جولائي 2015۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اڄ ڪلهه مان جڏهن به فيس بوڪ کوليان ته ميسيجز وارا انگ پاپ اپ طور ظاهر ٿين ۽ جڏهن انهن تي ڪلڪ ڪريان ته پتو لڳي ته اهو ميسيج ڪنهن گروپ طرفان يا ڪنهن دوست طرفان مون سميت لڳ ڀڳ 50 ٻين ڏانهن به موڪليل آهي.. رڳو ايترو ئي نه پر ان پيغامل کي وصلو ڪندڙن طرفان موڪليل جواب به آيل هوندا آهن.. اهڙن پيغامن جو نه ڪو فائدي وارو مقصد هوندو آهي ۽ نه وري جواب موڪليندڙن جو خيال ڪو معلوماتي.. صاف لڳندو آهي ته اهو ميسيج بس وقت جو ذيان آهي.. ۽ وري اهڙن پيغامن کي جڏهن ڇڏڻو پوي ته وري پيغام ۾ ئي منهنجي ڇڏڻ جي خبر ڪچهري ۾ موجود سڀني کي فيس بوڪ طرفان موڪلي ويندي آهي...


    [​IMG]


    جيڪڏهن توهان به مون واگر اهڙين ڪچهرين يا پيغامن کي فضول سمجهندا هجو ۽ اهڙي طرح جان ڇڏائڻ چاهيندا هجو ته جيئن پيغام موڪليندڙ ۽ ان ۾ شامل سمورا ساٿي خراب نه سمجهن ته هيٺين هدايتن تي عمل ڪريو...

    ميسيج جي سيٽنگ تي ڪلڪ ڪندي ۽ Mute Conversation کي چونڊيو..



    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ ايندڙ اختيارن مان Until You Turn It Back On چونڊيندي Mute بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو...

    [​IMG]

    ۽ بس توهان جان ڇڏائي ورتي... :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    تنهن کان سٺو آهي ته ليِو ڪنورزيشن ڪري هيڪاندي جان ڇڏائجي....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ٻئي طريقا صحيح آهن..
     
  4. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    بلڪل اهو آپشن آهي پر ان جي وضاحت ذيشان رشيد اڳ ئي ڪئي (هيٺ اقتباس ۾ ڏسو) ته ان جي خبر سڀني ڏي ويندي تنهنڪري چُپ چاپ ۾ جان ڇڏائڻ جو طريقو ٻُڌايو ويو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو