جَهار هڪلڻ جُرم ٿي سمجهو اوهان، بي مندا سڀ باغ پنهنجا ڀَيل ٿيا. يا ته پنهنجا لڙڪ باغي ڪين ها، يا ته پنهنجا نيڻ بنجي جيل پيا. هيل واهوندن وڏو آ وڙ ڪيو، هيڏا هانبارا هوا ۾ هيل ٿيا. تنهنجي گُهورن جي گهٽا برسي جڏهين، روح جي رڻ ۾ ٽڙي رابيل پيا. ڪالھ جن عيسىٰ ٽياسن تي ٽنگيو، اڄ اُهي ساڳيا چُمن انجيل پيا.
پيارا سائين انجيل قافيي جي جاءِ تي ڪو موزون قافيو رکو. ڇو ته انجيل زير سان ٿو اچي ان ڪري رابيل، هيل، جيل ۽ ڀيل سان هم آواز نه پيو ٿئي. باقي غزل سٺو آهي.