• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تنهنجي گهورن جي گهٽا

خيرمحمد

سينيئر رڪن
جَهار هڪلڻ جُرم ٿي سمجهو اوهان،
بي مندا سڀ باغ پنهنجا ڀَيل ٿيا.

يا ته پنهنجا لڙڪ باغي ڪين ها،
يا ته پنهنجا نيڻ بنجي جيل پيا.

هيل واهوندن وڏو آ وڙ ڪيو،
هيڏا هانبارا هوا ۾ هيل ٿيا.

تنهنجي گُهورن جي گهٽا برسي جڏهين،
روح جي رڻ ۾ ٽڙي رابيل پيا.

ڪالھ جن عيسىٰ ٽياسن تي ٽنگيو،
اڄ اُهي ساڳيا چُمن انجيل پيا.
 
پيارا سائين انجيل قافيي جي جاءِ تي ڪو موزون قافيو رکو. ڇو ته انجيل زير سان ٿو اچي ان ڪري رابيل، هيل، جيل ۽ ڀيل سان هم آواز نه پيو ٿئي. باقي غزل سٺو آهي.
 
Back
Top