سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران تازو ڇپايل ڪتاب ”ڦلواڙي“ جنهن کي محترم محمد صديق منگيي صاحب ترتيب ڏنو آهي، ان جي رڪارڊ وقت ۾ مفت اينڊرائيڊ اپليڪيشن ٺاهي سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين لاءِ تحفي طور رکي وئي آهي. ان ۾ سنڌي ٻوليءَ جا پهاڪا، چوڻيون، لوڪ ڏاهپ جا گفتا موجود آهن. گوگل پلي اسٽور جي هن لنڪ تان انسٽال ڪيو.
اپليڪيشن ۾ سنڌي فانٽ اڳ ۾ ئي لڳل آهن جن جي ڪري اوهان بهتر نموني سان سنڌي پڙهي سگھو ٿا.
دوستن کي گذارش آهي ته هن اپليڪيشن کي وڌ ۾ وڌ دوستن تائين پهچايو، پنهنجي پروفائيل تي شيئر ڪريو ته جيئن سڀ سنڌي دوست هن اپليڪيشن مان لاڀ حاصل ڪري سگھن.
سنڌي لينگئيج اٿارٽي جي ٽيڪنيڪل ٽيم جيڪا امر فياض جي رهنمائي ۾ ڪافي سرگرم آهي، ان سموري سٿ کي جس هجي ۽ اسان کين بهترين ڪم تي واڌايون پيش ڪيون ٿا.