• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

زميندار کان انٽرويو

ٽي وي جو صحافي، زميندار کان انٽرويو وٺندي.
صحافي: ”توهان ٻڪر کي ڇا کارائيندا آهيو؟“
زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
صحافي: ”اڇي کي ....“
زميندار: ”گاه“
صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
زميندار: ”انهن کي به گاه“
صحافي: ”انهن کي ڪٿي ٻڌندا آهيو؟“
زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
صحافي: ”اڇي کي ....“
زميندار: ”ٻاهرين ڪوٺي ۾“
صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
زميندار: ”انهن کي به ٻاهرين ڪوٺي ۾“
صحافي: ”انهن کي وهجاريندا ڪيئن آهيو؟“
زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
صحافي: ”اڇي کي ....“
زميندار: ”پاڻي سان“
صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
زميندار: ”انهن کي به پاڻي سان“
صحافي چِڙ ڪندي، جڏهن ٻني سان ساڳيون ڪم ٿا ڪريو ته پوءِ گھڙي گھڙي اهيو سوال ڇو ٿا ڪريو، ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
زميندار: ”ڇو جو اڇو ٻڪر منهنجو آهي.“
صحافي: ”۽ ڪارو؟“
زميندار: ”اهو به منهنجو آهي.“
 
Back
Top