زميندار کان انٽرويو

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ محمد ابراهيم نظاماڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2015۔

  1. محمد ابراهيم نظاماڻي

    محمد ابراهيم نظاماڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جون 2015
    تحريرون:
    84
    ورتل پسنديدگيون:
    167
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ڌنڌو:
    سوفٽ وئير انجينر ۽ زميندار
    ماڳ:
    حيدرآباد، سنڌ
    ٽي وي جو صحافي، زميندار کان انٽرويو وٺندي.
    صحافي: ”توهان ٻڪر کي ڇا کارائيندا آهيو؟“
    زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
    صحافي: ”اڇي کي ....“
    زميندار: ”گاه“
    صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
    زميندار: ”انهن کي به گاه“
    صحافي: ”انهن کي ڪٿي ٻڌندا آهيو؟“
    زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
    صحافي: ”اڇي کي ....“
    زميندار: ”ٻاهرين ڪوٺي ۾“
    صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
    زميندار: ”انهن کي به ٻاهرين ڪوٺي ۾“
    صحافي: ”انهن کي وهجاريندا ڪيئن آهيو؟“
    زميندار: ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
    صحافي: ”اڇي کي ....“
    زميندار: ”پاڻي سان“
    صحافي: ”۽ ڪاري کي؟“
    زميندار: ”انهن کي به پاڻي سان“
    صحافي چِڙ ڪندي، جڏهن ٻني سان ساڳيون ڪم ٿا ڪريو ته پوءِ گھڙي گھڙي اهيو سوال ڇو ٿا ڪريو، ”ڪاري کي يا اڇي کي؟“
    زميندار: ”ڇو جو اڇو ٻڪر منهنجو آهي.“
    صحافي: ”۽ ڪارو؟“
    زميندار: ”اهو به منهنجو آهي.“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو