نئون ديرو! دل وارن جو ديرو

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ Badar طرفان آندل موضوعَ ‏6 جولائي 2015۔

  1. Badar

    Badar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بدر ڌامراهو

    نئون ديرو! دل وارن جو ديرو

    سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت ۽ عشق ڪرڻ وارا کوڙ آهن. هر ڪنهن جي محبت ۽ عشق جو انداز، نرالو آهي. هڪڙا امن ۽ آجپي جا جهنڊا کڻي اظهار ڪن ٿا. هڪڙا، زبان سان رڙي رڙي اظهار ڪن ٿا ته هڪڙا وري، قلم سان اقرار ڪن ٿا. قلم سان اظهار ڪرڻ وارا، ٻن طرحن جا آهن. هڪڙا اظهار کي نظر جو ويس پارائين ٿا، ته ٻيا وري نثر جو. سنڌ ڌرتيءَ سان عشق ۽ اُلفت، محبت ۽ مشتاقيءَ جو نثر ۾ اظهار ڪرڻ وارن مان عاشق منگي به هڪ آهي. هو واقعي به عاشق منگيءَ کان وڌيڪ ”عاشق سنڌ“ آهي.


    عاشق منگيءَ سان، منهنجي پهرين ملاقات، اڄ کان چار پنج سال اڳ، ماهوٽا هاءِ اسڪول ۾ ٿي هئي. هو لاڳيتو ٻه سال مون سان گڏ رهيو، ۽ پاڻ هميشه سنڌ ۽ سنڌي ادب جي مختلف گوشن تي ويهي هڪ ٻئي کي ڄاڻ ڏيندا وٺندا هئاسون. مون پهرين ئي ملاقات ۾ نه رڳو محسوس ڪري پر ڄاڻي ورتو هو ته، وٽس مطالعو به آهي ته، ڪتابن جو سٺو ذخيرو به آهي. منهنجي هميشه ڪوشش رهي، ته هن کي لکڻ تي اُڀاريان. پر هو چوي ته؛ لکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، لکي نه سگهندس. منهنجي زور ۽ اصرار تي، هڪ مضمون لکيائين. جڏهن مون کي ڏيکاريائين ته، مون سندس مضمون جي ساراھ ڪئي. ان کي وڌيڪ انعام عباسيءَ اُڀاريو، جو اھو مضمون پنهنجي رسالي ۾ ڇپي ڇڏيائين ۽ ٻئي مضمون جي گهر ڪيائينس. جڏهن هن وڌيڪ لکڻ شروع ڪيو ته، سندس چواڻي، ته ويجهن دوستن به کانئس تقاضا ڪئي. نتيجي ۾ ”نئون ديرو! دل وارن جو ديرو“ نالي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آندائين. ڪتاب اچڻ کان پهرين تائين، اسان جو هڪ بنيادي اختلاف به رهيو. اختلاف اهو هو ته، لکيل مضمونن جي اصلاح به ڪرائڻ گهرجي. اصلاح جي سلسلي ۾ کٽل ڳالهيون اڌوري صورت ۾ قبول ڪرڻ لاءِ تيار هو. اُهي پوريون به ڪري ٿي ورتائين، پر اڌ ڳالهين لاءِ چوي ٿو، ”ته اهو ممڪن ڪونهي.“ مضمونن ۾ نوڪ جهوڪ جي ضرورت هئي، تنهن لاءِ به سندس چوڻ هو ته ”اهو به قبول ڪونهي.“ مون کي خدشو هو ته، هوُ متان مورڳو لکڻ ئي نه ڇڏي ڏئي، تنهنڪري کيس چيم ته؛ ”يار ڪڻي ڪاسي جو خير آهي، رڳو تون ايئن انهن موضوعن تي لکندو رھ.“

    انهيءَ جو اظهار موجوده ڪتاب ۾ هن طرح بيان ڪيو اٿس؛ ”سچ ته اهو آهي ته لکڻ وڏو جنجھٽ آهي، پوءِ به لکان ٿو، ان جا ڪيترا ئي سبب آهن.

    1. جيڪو پڙهيو اٿم، سو پنهنجي انداز ۾ لکان.

    2. جيڪو ٻين جي لکڻ کان رهجي ويو آهي، سو محفوظ ڪري ڇڏيان.

    3. پنهنجي اندر جي ٻوجھ کي هلڪو ڪرڻ لاءِ، ايئن ضروري ٿو سمجهان.“ (ص ۱۳)

    اتفاق سان هو ماهوٽا هاءِ اسڪول مان پروموشن وٺي، آفيسر بڻجي، وڃي ڪنڊائتو ٿيو، پوءِ روز واريون ڊگهيون ڪچهريون، منٽ سوا واري موبائيل ڪال ڪچهريءَ ۾ تبديل ٿي ويون.

    بهرحال مئي ۲۰۱۲ع ۾ سندس پهريون ڪتاب ”نئون ديرو! دل وارن جو ديرو“ ڇپيو. انهيءَ زماني ۾ مان نوابشاھ ٽريننگ تي هئس. ڪتاب موڪليائين. ڪتاب ڏسي سرهائي ٿي. ڪتاب کي رات جو هڪ ساهيءَ ۾ پڙهي پورو ڪيم. توڙي جو ان ۾ شامل مضمون اڳ ۾ پڙهيل هئا. ارادو هو ته ڪتاب تي ٻه اکر ضرور لکندس. پر جي ڪا ادبي ويهڪ منعقد ڪئي وئي ته، ضرور ڳالهائبو. پر منگي صاحب ان تي ڪا به ادبي ويهڪ ڪو نه ڪوٺائي. اهڙي خواهش اڄ هي ٻه اکر لکي پوري ڪري رهيو آهيان.

    منگي صاحب جو هيءُ ڪتاب جيترو ننڍڙو آهي، اوترو ئي اهم آهي. ان ۾ خامي رڳو اها هئي ته، اهو مختصر هو. کوڙ سارا پهلو اهڙا هئا، جن جو تشريح ۽ تفصيل سان هئڻ ضروري هو، پر اختصار کان ڪم ورتو ويو هو. انهيءَ لاءِ وٽس جيڪو دليل هو، تنهن جي پيش نظر کيس مباح آهي. بهرحال، ننڍڙو ڪتاب، ماضي قريب جي تاريخ جو بنياد يا پيڙھ هو. اميد ته اڳتي هلي نئون ديرو جو ڪو نه ڪو جوان، انهيءَ پيڙھ مٿان عمارت اڏڻ جي ڪوشش ڪندو.

    سندس ٻيو ڪتاب، ”ڏوري ڏٺم ڏيھ“ اوچتو ئي اوچتو اچي ويو. ساڳيون روايتون قائم ۽ دائم، ڏهن مضمونن جو هي مجموعو آهي. هن ڪتاب تي جڏهن لکڻ ويٺس ته الائي ڇو مون کي ٻه ڳالهيون شدت سان محسوس پيون ٿين. هڪ ته، ڪتاب جو منڍ، ڪتاب جي پبلشر محترم رياضت ٻرڙي لکيو آهي. مهاڳ عنايت ميمڻ، پيش لفظ انجنيئر عبدالوهاب سهتو. هي ٽي ئي دوست سٺا ليکاري آهن. هر ڪنهن وس آهر سٺو لکيو آهي. پر جي اهي شيون نئون ديرو يا مسوديري جي ڪنهن دوست کان لکايون وڃن ها، ته بهتر هو.

    ٻيو ته، مواد جي لحاظ کان ڪتاب جو موضوع يا سرو ٺهڪي نه ٿو. انهيءَ سري جو مفهوم ٻيو ڪجھ آهي ۽ مواد ٻي نوعيت جو آهي. محترم رياضت ٻرڙي، ڪتاب جي منڍ ۾ پنهنجي تحرير تي جيڪو عنوان ڏنو آهي؛ ’پنهنجو ڏيھ، پنهنجا ڏيهي‘، سو نهايت تُز ۽ مناسب آهي ۽ اهو ئي ڪتاب جو سرو سُونهي ٿو.

    ڪتاب ۾ شامل مضمونن کي فن ۽ فڪر جي لحاظ کان ٽن چئن قسمن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.

    1. سفرنامي جي نوعيت جا مضمون

    ٽي مضمون، سفرنامي جي نوعيت وارا آهن. پهريون مضمون؛ ٿر يعني عمر ڪوٽ جي سفر جي احوال تي مشتمل آهي. سفرنامو، سفر جي روداد آهي. هڪ سٺي ۽ ڪامياب سفرنامي لاءِ ضروري آهي ته، سفر دؤران ڏٺل وائٺل شين، پيش آيل واقعن کي اُتان جي سياسي، سماجي ۽ ادبي روايتن جي پس منظر ۾ بيان ڪجي. هن مضمون ۾ منگي صاحب، ڏاڍي اثرائتي نموني ۾ فني روايتن سان نڀايو آهي. تاريخي شاهدين طور لطيف جا بيت آندا اٿس، جنهنڪري مضمون ڏاڍو پر اثر ۽ چشڪيدار لڳي ٿو. البته شروع ۾ هڪ ڳالھ ايئن آندي اٿس. جيئن ريل ۾ سفر ڪندي عبدالوهاب سهتي سان ڳالھ ٻول! پڙهڻ دؤران معلوم ٿئي ٿو ته، عبدالوهاب سان ڳالھ ٻولھ سمجھ ۾ نٿي اچي!

    ٻيو مضمون، جهوڪ شريف جي سير سفر تي مشتمل آهي. ٽيون مضمون ”بري هن ڀنڀور ۾“ ڀٽ شاھ ۽ حيدرآباد جو سفرنامو آهي. هن نموني يا هن نوعيت جا ڪتاب پڙهڻ جو هڪ بنيادي مقصد هوندو آهي. مان سمجهان ٿو ته عام پڙهندڙ جو مقصد اهو هوندو آهي ته، پڙهي علم جي اُسّاٽ اجهائجي. پر جي پڙهڻ کان پوءِ به ماڻهو اُڃيارو رهجي وڃي ته پوءِ؟!؟!؟!

    منگي صاحب اهڙيون ڳالهيون به هن ڪتاب ۾ روا رکيون آهن. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو:

    ”منهنجو سال ۰۱ فيبروري کان شروع ٿيندو آهي ۽ ۳۱ جنوري تي ختم ٿيندو آهي.“ (ص-۲۵)

    هڪ ٻئي هنڌ لکيو اٿس: ”ڪلهوڙن جا قبا ۽ خدا آباد جي مسجد ڏٺيسين ته، سنڌ جي تاريخ مون سان سرگوشي ڪرڻ لڳي.... مان ۷۳-۷۴ ۾، آزاد سنڌ جي اڏيل هيءَ مسجد گهمي ڏٺي هئي.“

    مون جهڙو عام پڙهندڙ، ڄاڻڻ چاهيندو ته، ليکڪ جو سال ۰۱ فيبروري کان ڇو ٿو شروع ٿئي ۽ ۳۱ جنوريءَ تي آخر ڇو ٿو پڄاڻي ڪري. ساڳيءَ طرح مونجهارو ٿئي ٿو جڏهن پڙهجي ٿو ته ۷۳-۷۴ ۾ آزاد سنڌ.

    2. سوانحياتي مضمون

    ٽي مضمون، سوانحياتي نوعيت جا آهن. جن مان هڪ؛ ’محمد عيسيٰ ڪنڌر: جهانديده شخص‘. ٻيو؛ ’غلام اڪبر سومرو: روايتن جو پاسسدار استاد‘ ۽ ٽيون آهي؛ ’غلام نبي شاهاڻي: تعليمي آفيسر‘. اهي مضمون لکي، منگي صاحب ڄڻ ته حق ادا ڪيو آهي.

    3. سماجياتي مضمون

    ڪتاب ۾ ٽي مضمون، سماجياتي نوعيت جا آهن. جن مان هڪ آهي؛ ’سنڌي ماڻهن جي سياسي ۽ سماجي سوچ‘، ٻيو مضمون آهي؛ ’سنڌي ٻوليءَ ۽ سماج جو تجزيو‘ ۽ ٽيون مضمون آهي؛ ’نئون ديرو: نئون جوش ۽ جذبو ڏيندڙ شهر.‘

    4. تاريخي مضمون

    ڪتاب جو بنيادي مضمون؛ ’ڦٽل واھ، واهڙ ۽ واهيون‘ مان هن مضمون جي عنوان ۾ ٿورو اضافو ڪيان ٿو ۽ ان کي هيئن بيان ڪريان ٿو: ”ديرو ۽ ان جي ڀرپاسي جا ڦٽل واھ ۽ وڪڙا.“ هن مضمون ۾ رتيديري تعلقي واري ايراضي ۾ ڦٽل واهن ۽ وڪڙن جو نهايت سهڻي انداز ۾ احوال آندو اٿس. انهيءَ اهميت جي آڌار تي، هن مضمون جو تفصيل سان جائزو پيش ڪجي ٿو ۽ مضمون جي مبهم حصن جي تشريح پيش ڪجي ٿي.

    منگي صاحب لکي ٿو؛ ”.... هنن مان ڪلهوڙن جو دؤر نمايان ٿئي ٿو. شروع ۾ لکيل مٺي واري مقام جي به وضاحت ٿئي ٿي. مٺو به قادري ڌامراهي دؤر جو آهي.“ (ص-۵۳)

    نه رڳو قادو، جيڪو اصل ۾ قادن هو، ذات جو ڌامراھ ھو، پر مٺو به ذات جو ڌامراھ هو. ٻئي ڀائر هئا، ۽ انهيءَ ايراضيءَ جا سرڪردا هئا. قادو واھ، سندن زمينن کي سيراب ڪندو هو. اڄ ڏينهن تائين، اڃا به کاتن ۾ موجود آهن، پر انهن تي قبضو ٻين ذاتين جو آهي ۽ اهو پوءِ واري زماني ۾ ٿيو آهي. ڌامراها جو هڪ ماڻهو، نالي غوث بخش ڌامراهي جو زمين جي معاملي تان ڪجھ سال اڳ تائين به ڪيس هلندڙ هو.

    صفحي ۵۴ تي منگي صاحب لکي ٿو؛ ”عبدالوهاب سهتو صاحب، بنيادي طور تي انجنيئر ۽ سنڌي ڪهاڻيڪار آهي، پر پهاڪن ۽ چوڻين، ورجيسن ۽ اصلاحن تي سنجيدگيءَ سان ڪم ڪري ٿو پيو. ڪافي ڪتاب ۽ ترجما وغيره ڏنا اٿائين. سندس خيال آهي ته؛ گهاڙ لفظ، گهڙڻ مان نڪتل آهي، جيئن ڊکڻ جو ڪاٺ مان ڪجھ ٺاهڻ، ڪنڀر جو مٽيءَ مان ڪجھ بنائڻ. پر سوال ٿو اٿي ته واھ يا ڪئنال کوٽبو آهي يا کڻائبو آهي. سهتي صاحب صاحب جي ڳالھ کي ايئن به بيان ڪري سگهجي ٿو ته درياءَ جي تيز وهڪري بند توڙي قدرتي طور گهاڙ وهايو هجي ۽ اهو ئي تيز وهڪرو واھ ۾ تبديل ٿيو هجي.“ (ص-۵۴)

    تاريخي نوعيت جي مضمونن لاءِ لازمي هوندي آهي ته، تاريخي حوالن سان لکجي. منگي صاحب جي ڪوشش پنهنجي جاءِ تي اهم آهي، جيئن سونَ کي سهاڳو هڻبو آهي ته، منجهس سونھن، سوڀيا ۽ خوبصورتي وڌي ويندي آهي. اهڙيءَ طرح، تاريخي ڳالهين کي تاريخي حوالن جي روشني ۾ لکجي ته، سون تي سهاڳي وارو ڪم چئبو.

    ڏٺو وڃي ته، تاريخي طور ثابت آهي ته، درياءَ تي قديم زماني ۾ هاڪڙي کان سواءِ ڪنهن درياھ تي ٻنڌ ڪو نه هو. ايئن به آيو آهي ته، درياھ کي ئي قدرتي ڦاٽ هئا. خود هاڪڙو، جيڪو نهايت قديم آهي، سو به درياھ جو هڪ ڦاٽ هو.

    منگي صاحب لکي ٿو ته؛ ”مون اردوءَ جي فيروز لغات ۾ گهاڙ لفظ کي هيٺين ريت ڏٺو: گهاڙ! مصيبت، ان سان گڏ ق يعني قديم لفظ آهي.“ (ص-۵۵)

    گذارش اها آهي ته، روايت لاءِ Source چوڻ آهي ته، هميشه First Source استعمال ڪجي، ۽ Second Sourceتي نه ڀاڙجي. سو عرض گذارش اها آهي ته منگي صاحب جيڪو سورس استعمال ڪيو آهي، تنهن جون روايتون ڪمزور آهن. هن لغت تي ڪڏهن به ڀاڙي نه ٿو سگهجي. ڇاڪاڻ ته، اها ڪنهن قابل ٻوليءَ جي ڄاڻوءَ جي لکيل ڪونهي.

    منگي صاحب اڳتي چوي ٿو؛ ”صفحو ۱۱۱۹ ڊڪشنريءَ ۾، هن لفظ جي پٺيان لکيل آهي ته، هي لفظ عربيءَ فارسي، هندي يا سنسڪرت وغيره جو آهي. پر گهاڙ لفظ سان قديم لکيل هجڻ خاطري ڏياري ٿو؛ هي لوڪل لفظ آهي، جيڪو ٻين ٻولين ۾ به مروج آهي.“

    اردوءَ وارن وٽ قديم مان مراد ”برج ڀاشا“ آهي، جنهن مان موجوده اردو ڦٽي نڪتي. ممڪن آهي گهاڙ لفظ جي معنيٰ اها ئي هجي ته ”گهاڙ واھ واري گهاڙ جي اها معنيٰ هرگز ٿي نه ٿي سگهي. گهاڙ واھ وارو لفظ ”گهاڙ“ سنسڪرتي لفظ آهي، سنسڪرت ۾ اهو لفظ ”گهار“ آهي. سنسڪرت جو /ر/، /ڙ/ ۾ تبديل ٿيندو آهي، تنهنڪري ”گهار“ لفظ بدلجي ”گهاڙ“ ٿيو. ان جي لفظي معنيٰ آهي: گهارو، ٻنڌ، درياھ جي قدرتي ڦاٽ کي بند ٻڌي، وهندڙ پاڻيءَ کي روڪڻ. هڪ معنيٰ اها به اٿس ته، جتي مينهن جي پاڻيءَ کي ڪجھ وقت لاءِ گڏ ڪيو وڃي.

    (J.T plots A Dictionary of Urdu classical Hindi & English p-929)

    گهاڙ واھ اصل ۾ هڪ قدرتي ڦاٽ ھو، جنھن کي ڪلھوڙن موڪرو ڪرائي، زمينون سيراب ڪرايون. ورنه ڪلهوڙن کان اڳ، انهيءَ ڦاٽ ۾ فقط پاڻيءَ جي چاڙھ دوران ئي پاڻي وھي ايندو ھو. چاڙھ لهڻ سان، پاڻي اچڻ بند ٿي ويندو هو. ڪلهوڙن ان کي باقاعدي واھ جي شڪل ڏني. گهاڙ لفظ جي اصطلاحي معنيٰ آهي، گهڻو وهندڙ يا پاڻ ۾ گهڻو سمائيندڙ. انهيءَ تان سنڌي ٻوليءَ ۾ کوڙ سارا اصطلاح جُڙيا.

    منگي صاحب اڳتي لکي ٿو؛ ”سڪندر اعظم ماهوٽا ضلع لاڙڪاڻي مان گذريو. سڪندر يونانيءَ جي وقت جا سنڌ ۾ صرف ٻه شهر اڄ به آهن؛ ماهوٽا ۽ سيوهڻ. موجوده ماهوٽا ڳوٺ جي ڏکڻ ۾، مقام جي ڀرسان اڄ به ڦٽل گهاڙ واھ ڏسي سگهجي ٿو. مقام ۽ گهاڙ واھ جي وچ ۾ دڙو آهي، جنهن کي ان وقت شهر جو تباھ ٿيل قلعو سڏجي ٿو. اڄ ڪلھ اُتي قبرون ٿي ويون آهن. هن مان خبر پوي ٿي ته گهاڙ واھ اڍائي کان ٽن هزارن سالن تائين قديم آهن. (ص-۵۵-۵۶)

    اصل اهو گهاڙ واھ ناهي. سنڌو درياھ جو اصلوڪو وهڪرو آهي. سڪندر انهيءَ وهڪري وسيلي، ٻيڙن تي ايندي، اُتي اچي ٻيڙا روڪي ساهي پٽي هئي. ماهوٽا درياھ جي ڪنڌيءَ سان لڳو لڳ هو. سڪندر جي زماني ۾ گهاڙ واھ، ڪنهن به طرح ثابت نه ٿو ٿئي. هن سلسلي ۾ تحفة الڪرام جي مصنف جيڪا روايت آندي آهي، سا سورنهن آنا صحيح آهي. منگي صاحب نئون ديرو بابت جيڪا راءِ قائم ڪئي آهي، سا درست ڪونهي. هو لکي ٿو؛ ”مون کي گمان آهي ته، هي هندن جو جوڙايل ڳوٺ آهي. ممڪن آهي، ڀرپاسي ڪو ڳوٺ ٻوڏ وغيره ڪري تباھ ٿيو هجي يا ان جي ڊپ سبب، اُتان جا رهاڪو هتي اچي آباد ٿيا هجن ۽ ان سبب، مٿس نالو ’نئون ديرو‘ ڏنو هوندائون.“ (ص ۵۷-۵8)

    هن سلسلي ۾ ٻه ڳالهيون ذهن نشين ڪرڻ گهرجن. هڪ ته ’نئون ديرو‘ جي ڀرپاسي اهڙا ڪي به آثار ڪونهن، جنهن مان سمجهجي ته، ماڻهن اُتان لڏي موجوده هنڌ نئون شهر اڏيو ۽ ’نئون ديرو‘ نالو ڏنو.

    ٻيو ته، جيڪي قومون ۽ قبيلا، ڳوٺ يا شهر ٻڌندا آهن، اھي يا ته جڙ تڙ يا پڙ ڏاڏي جي نالي سان ٻڌندا آھن، يا وري ٻيو اصول اهو آهي ته، پنهنجي نسبت شامل ڪندا آهن. مون کي نه ٿو لڳي ته هندن جي ڪا نسبت ديري سان هجي. ديرو نسبت تي ويچارجي ته معلوم ٿيندو ته اها نسبت ’ديرا جات‘ کان آهي. ’ديرا جات‘ سرائڪي بيلٽ سان نسبت رکن ٿا. وٽ سٽ ڏئي بيان ڪرڻ بجاءِ، جيڪڏهن سڌو سنئون بيان ڪجي ته اها نسبت ڀٽن سان لاڳو آهي. هن سلسلي ۾ منهنجو مقالو؛ ’رتوديرو: تاريخ جي روشني ۾‘ تفصيل سان روشني وجهي ٿو.

    ٻيو ته شهر ڪلهوڙن جي وچين دؤر ۾ ٻڌو ويو آهي. نه ايترو قديم آهي، نه وري ايترو نئون آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو