
ھي قمبر جي مستوئي محلي جي ھڪ ٻڍڙي مائي آھي جيڪا شھر ۾ کير ٖ ڏڌ لسي. مکڻ کپائي گذر سفر ڪندي ھئي ھن پنهنجي نياڻي جي ڏاج لا۽ پئسا گڏ ڪري لڪائي رکيا ھئا ڀٽو سرڪار شروعاتي ڏينھن ۾ تمام ڪرنسي نوٽ ڪينسل ڪري عوام کي صلاح ڏني ھئي تہ نوٽ بينڪن ۾ جمع ڪرائي رسيد وٺو ان جي بدلي سرڪار اوھان کي نوان جاري ٿيندڙ ڪرنسي نوٽ ڏيندي حڪومت ٽي دفعا مدو بہ وڌايو پر مائي ڊپ ۾ ڪنھن سان پئسن جو ذڪر ئي نہ ڪيو آخر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران ڏنل مدو بہ گذري ويو جڏھن مائي کي پڪ ٿي تہ سندس وٽ لڪل پئسا ڪنھن ڪم جا نہ رھيا تہ بيمار ٿي پئي سندس سڄي ڄمار جي جمع ڪيل موڙي لڙھي وئي . 1974ع ۾ ڀٽو صاحب قمبر جناح باغ ۾ کلي ڪچهري ڪئي تہ مائي وڃي ڀٽي صاحب وٽ پهتي ڀٽي صاحب سڄو قصو ٻڌو مائي کي چيو امان حڪومت وارو مدو تہ گذري ويو پرتون دلجا۽ ڪر توکي پئسا ڏيون ٿا انهي وقت ڀٽي صاحب پنهنجي ملٽري اي ڊي سي کي حڪم ڪيو ڪراڙي کان پئسا وٺو ۽ منھنجي ذاتي پئسن مان اوترا نوٽ ڪراڙي کي ڏيو مائي پئسن ملڻ کان پو۽ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڀٽي صاحب کي دعاؤن ڪرڻ لڳي تصوير ۾ ڪراڙي مائي اسٽيج تي ڀٽي صاحب جي مٿي تي دعا جا ھٿ ڦيري رھي آھي ۽ پاڪستان جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ غريب ڪراڙي عورت جي احترام ۾ اٿي دعا پيو وٺي عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻيا وزير حيرت مان ان منظر کي ڏسي رھيا آھن ھاڻي اھو حال آ جو عام غريب غربو تہ ڇڏيو پر چڱا ڀلا ڪارڪن بلاول ھاوس زرداري ھاوس ۽ نئون ديرو ھاوس ٻاھران پوليس جا موچڙا ڌڪا ٿاٻا کائي ذليل ٿي موٽي ٿا وڃن انٽري رڳو چمچن جي آھي.
سٽون- ذوالفقار قادري