مستوئي محلي لاڙڪاڻي جي ٻڍڙي مائي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو

'ذوالفقار علي ڀٽو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]

    ھي قمبر جي مستوئي محلي جي ھڪ ٻڍڙي مائي آھي جيڪا شھر ۾ کير ٖ ڏڌ لسي. مکڻ کپائي گذر سفر ڪندي ھئي ھن پنهنجي نياڻي جي ڏاج لا۽ پئسا گڏ ڪري لڪائي رکيا ھئا ڀٽو سرڪار شروعاتي ڏينھن ۾ تمام ڪرنسي نوٽ ڪينسل ڪري عوام کي صلاح ڏني ھئي تہ نوٽ بينڪن ۾ جمع ڪرائي رسيد وٺو ان جي بدلي سرڪار اوھان کي نوان جاري ٿيندڙ ڪرنسي نوٽ ڏيندي حڪومت ٽي دفعا مدو بہ وڌايو پر مائي ڊپ ۾ ڪنھن سان پئسن جو ذڪر ئي نہ ڪيو آخر اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان پاران ڏنل مدو بہ گذري ويو جڏھن مائي کي پڪ ٿي تہ سندس وٽ لڪل پئسا ڪنھن ڪم جا نہ رھيا تہ بيمار ٿي پئي سندس سڄي ڄمار جي جمع ڪيل موڙي لڙھي وئي . 1974ع ۾ ڀٽو صاحب قمبر جناح باغ ۾ کلي ڪچهري ڪئي تہ مائي وڃي ڀٽي صاحب وٽ پهتي ڀٽي صاحب سڄو قصو ٻڌو مائي کي چيو امان حڪومت وارو مدو تہ گذري ويو پرتون دلجا۽ ڪر توکي پئسا ڏيون ٿا انهي وقت ڀٽي صاحب پنهنجي ملٽري اي ڊي سي کي حڪم ڪيو ڪراڙي کان پئسا وٺو ۽ منھنجي ذاتي پئسن مان اوترا نوٽ ڪراڙي کي ڏيو مائي پئسن ملڻ کان پو۽ ڏاڍي خوش ٿي ۽ ڀٽي صاحب کي دعاؤن ڪرڻ لڳي تصوير ۾ ڪراڙي مائي اسٽيج تي ڀٽي صاحب جي مٿي تي دعا جا ھٿ ڦيري رھي آھي ۽ پاڪستان جو وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو ھڪ غريب ڪراڙي عورت جي احترام ۾ اٿي دعا پيو وٺي عبدالحفيظ پيرزادو ۽ ٻيا وزير حيرت مان ان منظر کي ڏسي رھيا آھن ھاڻي اھو حال آ جو عام غريب غربو تہ ڇڏيو پر چڱا ڀلا ڪارڪن بلاول ھاوس زرداري ھاوس ۽ نئون ديرو ھاوس ٻاھران پوليس جا موچڙا ڌڪا ٿاٻا کائي ذليل ٿي موٽي ٿا وڃن انٽري رڳو چمچن جي آھي.
    سٽون- ذوالفقار قادري

     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد نويد جمالي

    محمد نويد جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    213
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    نواب شاھ
    ماڻهو چوندا آهن ته هن دنيا ۾ جيڪو ڪجھ هوندو سو هِتي ئي رهجي ويندو.
    بينظير ڀُٽو ويندي ويندي پيپلز پارٽي کي به پاڻ سان گڏ کڻي وئي...
    ماڻهو شايد غلط چوندا آهن...

    27 ڊسمبر 2007 کان پوءِ هتي پ پ نه پر وڏيرن جون اوطاقون ئي رهجي ويون...

    انهي ڪري هر سال بينظير ڀٽو جي ورسي سان گڏ پ پ جي ورسي به ملهائڻ گهرجي...
     
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پاڪستان تي نه پر غريب عوام جي دلين تي حڪمراني ڪئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو