صحبتي ڪچهري:ريسرچ جا سائنسي بنياد(خدابخش جويو)

'سنڌي ادب' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    ريسرچ جا سائنسي بنياد

    خدابخش جويو


    ڪنهن زماني ۾ ڪچهرين جا مرڪز سنڌ جون ٻهراڙيون، ڳوٺ، وستيو ن۽ واهڻ هوندا هئا. سج لٿي کان پوءِ ماڻهو پنهنجن ڪمن ڪارين کان آجا ٿي ڪنهن هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ويهي هڪ ٻئي سان حال احوال ، اوڙي پاڙي جي خير عافيت پڇڻ ۽ آسپاس جي خبرن تي ويچار ونڊيندا هئا. انهن ڪچهرين جو به هڪ وڏو چس ۽ رس هوندو هو . جنهن ۾ ڏور بيت ۽ ڳجهارتون به پيش ٿينديون هنيون. اهي ڪچهريون ڳوٺ جي ڪنهن وسيع ميدان تي يا ڪنهن سٺي ميزباني جا فرائض انجام ڏيندڙ جي اوطاق تي ٿينديون هنيون.اهڙين ڪچهرين ۾ اڪثر ماڻهو پٽ تي وڇايل تڏي تي يا تنئوري تي ڪانڀ ٻڌي ويهندا هئا. انهن ڪچهرين ۾ سر تال کان وٺي اوڙي پاڙي ۽ ملڪ سميت دنيا ڀر جون ڳالهيون پنهنجي پنهنجي عقل ۽ علم آهر ڪيون وينديون هنيون . جيڪي اسان جي سنڌ جي ڪلچر جو حصو هنيون. هن جديد دور ۾ ان ٽريڊ مطابق ته ڪچهريون ممڪن ڪونهن . ڇاڪاڻ ته اسان جي معاشري ۾ وڏي تبديلي اچي وئي آهي. انسان اڳي کان وڌيڪ باشعور ٿي ويو آهي ۽ رهڻي ڪهڻي ۽ اٿڻي ويهڻيءَ ۾ ڪجهه ترقي به ٿي آهي اسان جي صحبتي ڪچهري تڏي تيڪانڀون ٻڌي ويهي ته ڪانه ڪئي ويندي آهي پر ڪرسين تي ويهي ڪئي ويندي آهي باقي انهن پراڻين ڪچهرين ۽ اڄوڪي هن ڪچهري ۾ صرف هڪ مماثلت آهي ته ڪرسيون وسيع ميدان ۽ کليل ميدان تي رکي ڪچهري ڪندا آهيون. اسان جي هن ڪچهري ۾ هڪ دفعو چانهه جو دور به هلندو آهي. ۽ جنهن دوست وٽ ڪچهري رٿيل هوندي آهي اهو ڪچهري جي ميزباني جا فرائض انجام ڏيندو آهي.

    اڄ اسان جي دوستن شام جو هڪ ٻئي سان رابطو ٿيو ۽ اسان جي دوست ڊاڪٽر صاحب. اسان کي پنهنجي گهر جي سامهون هڪ وسيع کليل ميدان تي ڪچهري ڪرڻ جو چيو. اهڙيءَ طرح ان وٽ اسان سڀ گڏ ٿي وياسين . حال احوال ٿيڻ ۽ هڪ ٻئي کان خير عافيت پڇڻ بعد اسان جي دوست ڄام ڏيپر چيو شاعري، ادب، ڪهاڻي، افساني، مضمون ۽ تحقيق ۾ ڪهڙو فرق آهي. ان تي ڪليم ٻُٽ جيڪو پاڻ هڪ ڪالم نويس، افسانا نگار ۽ سٺو ليکڪ آهي ،ان چيو ته . شاعري، ڪهاڻي، افسانو فڪشن ۾ شمار ٿئي ٿو . ۽ تحقيقي ڪم ۾ فڪشن ريفرنس طور ڪوٽ نٿو ڪري سگهجي. محمد يوسف چيو ته : اڄ اسان ڪليم ٻُٽ کي گذارش ٿا ڪريون ته تحقيق تي پنهنجي راءِ ڏئي ۽ اهڙيءَ طرح اسان سڀني جو اسرارٿيو ته تحقيق جي باري ۾ هو ڳالهائي، ڪليم ٻٽ ريسرچ کي تفصيل سان بيان ڪيو جيڪو تمام گهڻي معلومات تي ٻڌل هو. هن جو چوڻ هو ته:

    ريسرچ ٻن لفظن جو ميلاپ آهي. ‘ري’ ۽ ‘سرچ’ جنهن جو مطلب آهي ته وري ٺاهڻ. ڪنهن شيءِ تي نئين نئين دريافت کي ريسرچ چيو ويندو آهي.

    ريسرچ جا ڪجهه سائنسي بنيادن تي اصول ٿين ٿا. جن کي اختيار ڪري، اڳتي پيش رفت ڪئي ويندي آهي. جنهن جا چار پنج اصول يا مرحلا ٿين ٿا. انهن مرحلن ۾ جيڪا اهم ڳالهه هوندي آهي، ته “ڪنهن مسئلي جي نشاندهي ڪرڻ”، “مسئلو ڪهڙو آهي” ۽ ان جو “حل ڇا آهي”. اهو معلوم ڪرڻ کي ريسرچ چئبو آهي.

    ريسرچ جو پهريون مرحلو “ ڊيٽا ڪليڪشن data collection ” آهي. يعني جيڪو موضوع هجي، ان متعلق سمورو مواد گڏڪرڻ ۽ ان کي ترتيب ڏيڻ.جيڪا جتان به حاصل ٿئي،اهو ڪٿي به هجي، اهو مختلف ذريعن سان چاهي،ڪتابن جي صورت ۾ هجي،چاهي اهو انٽرنيٽ تي هجي يا ان متعلق ڪنهن ڄاڻ رکندڙ شخص کان انٽرويو هجي ۽ سروي ڪرڻ شامل آهي. ان گڏ ڪيل مواد کي ان مفروضي، جنهن تي تحقيق ڪئي ويندي هجي، ان سان ڀيٽيو ويندو آهي. ان جو تجزيو ڪيو ويندو آهي ۽ ڇنڊڇاڻ ڪئي ويندي آهي.

    جڏهن ڇنڊ ڇاڻ ڪري وٺبي آهي ته ٻه شيون ملنديون. هڪ جيڪا مفروضي کي سپورٽ ڪندي ۽ ٻي ان مفروضي جي مخالفت ۾ هوندي. ان کي نل هائپوٿيسز ( Nill hypothesis ) جيڪو منفي هجي ٿو. ٻيو پازيٽوِ هائپو ٿيسز ( positive hypothesis) جيڪو هاڪاري ۽ مفروضي کي سپورٽ ڪندڙ هجي ٿو.ان کي لٽريچر رويو (literature review ) به چئي سگهجي ٿو. ٽيون مرحلو تحقيق جو طريقيڪار يا اصول هجي ٿو. چوٿون سروي ڪرڻ جو طريقو يا اصول جنهن ۾ مختلف شين جي معلومات، ماڻهن جا انٽرويو ۽ فيلڊ ۾ وڃڻ ، اچي وڃن ٿا. جن کي اختيار ڪري نتيجا ڪڍيا ويندا آهن ۽ ڪنٽينٽ اينالائيسز Analysis يعني ان مواد جي ڀيٽ ڪرڻ. اهڙيءَ طرح انهن مرحلن مان گذرڻو پوندو آهي. تنهن بعد ان مفروضي جا نتيجا ملندا. انهن نتيجن کي ڪنڪيوليجن conclusions چئبو آهي.

    نتيجن اچڻ بعد تحقيق ڪندڙ پنهنجي راءِ ڏيندو، ته منهنجي مطابق ان نتيجي تحت اڳتي ڪيئن وڌي سگهون ٿا. جنهن کي حل چئبو آهي. انهن سمورن مرحلن مان گذرڻ بعد تيار ٿيل مفروضي کي مڪمل تحقيق چئبو.

    اسان وٽ عام طور تي ماڻهن ۾ غلط فهميون آهن ته صرف مواد کي گڏ ڪرڻ کي ئي ريسرچ سمجهيو ويندو آهي. پر اها مڪمل تحقيق ناهي. هڪ موضوع متعلق مواد کي،جيڪو ان جي حق ۾ هجي ۽ نه به هجي ، کي گڏ ڪري هڪ هنڌ ڪٺي ڪرڻ کي ترتيب يا ڪمپائيليشنCompilation يا ڊيٽا گڏ ڪرڻ چئبو آهي.

    عام طور تي اسان جو سنڌي ماڻهو ان ۾ منجهيل هوندو آهي ته جيڪو هن مواد گڏ ڪيو آهي سو ئي تحقيق آهي. پر ايئن ناهي. جيستائين تحقيق جا اهي چار پنج مرحلا يا اصول پورا نٿا ڪيا وڃن تيستائين ان کي مڪمل تحقيق نٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته تحقيق جو هڪ سائنسي اصول آهي. ان کان سواءِ اها ڄاڻ اڻ مڪمل آهي. تحقيق کي انهن سائنسي اصولن تحت پرکيو ويندو آهي. جيڪا پوءِ دنيا ۾ قابل قبول ٿئي ٿي

    منهنجي پيءُ الهه رکئي ٻٽ جي راءِ آهي ته برٽش، انگريز جي ريسرچ ۽ آمريڪين جي ريسرچ جي طريقيڪار ۾ واضح فرق آهي.. انگريز جي تحقيق ڪتابي هوندي آهي. جنهن ۾گهڻو ڪري ڪتابن تي انحصار ڪيو ويندو آهي. ان لاءِ هو لائيبريرين مان پنهنجي گهربل مواد کي حاصل ڪندا آهن. پوءِ ان کي ترتيب ڏئي باقي ٻين مرحلن مان گذاريندا آهن. بقول ڊاڪٽر الهه رکيو ٻٽ جي ته اها “ بڪش ريسرچ” (Bookish)آهي.

    آمريڪي وري ڪتابن کان وڌيڪ فيلڊ ريسرچ تي زور ڏيندا آهن. فيلڊ ريسرچ مان مراد اها آهي ته ، مثال طور : “انڊس ڊيلٽا ۾ موسمي تبديلين جا ڪهڙا ڪارڻ آهن” تي ريسرچ ڪرڻ لاءِ محقق هتي اچي روبرو مطالعو ۽ مشاهدو ڪندو، غور ويچار ڪندو، ماحول کي ڏسندو، ڏهه سال پهرين ڪهڙيون ۽ ڪيئن تبديليون آيون، اڄ ان جي صورتحال ڪهڙي آهي. ان جا سبب ڪهڙا آهن. ان ۾ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي. يعني گهڻ پهلوئن جو مواد گڏ ڪندو آهي. ان کان پوءِ ان جو تجزيو ڪندو ۽ بعد ۾ ٻين تحقيقي طريقن کي استعمال ۾ آڻيندو آهي ۽ نتيجا اخذ ڪندو آهي ، تنهن بعد پنهنجي راءِ ڏيندو آهي.

    سائنسي بنيادن تي تحقيق جا اهي ٻڌايل اصول سڄي دنيا ۾ رائج آهن. اسان وٽ رڳو مسئلو اهو آهي ته اسان جا ماڻهو آئوٽ ڊِيٽيڊ Out dated آهن ۽ اپ ڊيٽيڊ Up dated ناهن. ٻيو وڏو مسئلو اهو آهي ته اسان وٽ جيڪا معياري ريسرچ نٿي ٿئي ان جو سبب آهي ته اسان ريسرچ کي سمجهيو ئي ناهي ته اها ڇا آهي. ان مان ڪهڙا فائدا آهن ۽ حقيقي طور ريسرچ ڪيئن ڪجي؟ اسان وٽ تحقيق مان جان ڇڏائڻ واري روش ٿئي ٿي.۽ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ تحقيق ٿئي ٿي.

    اسان وٽ جيڪو جنهن موضوع تي تحقيق ڪري پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ٿو، ان کي پوءِ وڏن لقبن القابن سان نوازيو ويندو آهي. ڀلي پوءِ هو هڪ دفعو پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ڪجهه به نه ڪري. پر ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ ايئن ناهي. اتي جڏهن ڪو پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪري ٿو ۽ سرٽيفيڪيٽ حاصل ڪري ٿو ته معنيٰ اهو ان تحقيق ۽ ٻين موضوعن تي تحقيق ڪرڻ جو مستحق ٿي وڃي ٿو. اهو ئي پي ايڇ ڊي جو اصل مقصد هوندو آهي ته هو اڳتي تحقيق ڪرڻ جي قابل آهي.پر سنڌ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ، ٿيسز لکڻ کي وڏو احسان سمجهيو وڃي ٿو، پر ايئن ناهي. ڇاڪاڻ ته پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪرڻ جي معنيٰ ته هو وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي لائق ٿيو آهي. ۽ ٻين موضوعن تي به تحقيق ڪري جيڪا اهميت جوڳي ۽ تصديق شده سمجهي ويندي ۽ اهو ان کي حق حاصل ٿي وڃي ٿو. جيڪو بين الاقوامي اصول آهي.

    اسان وٽ ڪجهه اهڙا مفاد حاوي ٿي ويا آهن، جنهن جي ڪري اهڙي ليول جا ماڻهو وڌيڪ تحقيق نٿا ڪن ۽ نئين مسئلي کي تحقيق جي دائري م نٿا آڻين. ٻين ملڪن ۾ جيڪو به اڀرندڙ مسئلو پيدا ٿئي ٿو ته ان تي تحقيق ڪئي ويندي آهي.

    پاڪستان اندر اڪثر تحقيق تي تحقيق ٿيندي آهي.جڏهن ڪنهن موضوع تي تحقيق منظر عام تي اچي ٿي، ان ۾ هڪ ٻه شيون شامل ڪري اڳيان پيش ڪئي ويندي آهي. ان کي پليجر ازم چئبو آهي. پليجر ازم جو مطلب آهي ته ادب جي چوري. يعني جيڪا شيءِ اوهان جي نه هجي ۽ ان کي توهان پنهنجي نالي سان ظاهر ڪريو ۽ دعويٰ ڪريو ته اها اوهانجي تحقيق آهي، ان کي پليجر ازم چئبو. اهو بين الاقوامي قانون موجب هڪ وڏو ڏوهه آهي ۽ ان جي اها ئي سزا آهي جيڪا چور جي سزا آهي.

    تحقيق ڪرائڻ لاءِ ادارا پي ايڇ ڊي ڪيل ماڻهن کي اسائيٽمينٽ ڏيندا آهن. پاڪستان ۾ اهڙا ڪجهه ادارا اسلام آباد ۾ به آهن. جيڪي سٺي تحقيق ڪرائين ٿا جن ۾ گيلپ وغيره شامل آهي. پر پوءِ به هتي قومي مفادن تي انفرادي مفاد حاوي نظر اچن ٿا.

    اسان وٽ اهو الميو به لاڳو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي آهي ۽ شاگردن کي پڙهائي ته هوند وڌيڪ فائيديمند ٿئي پر اڪثر ڪري ايئن نٿو ٿئي. جيڪو پي ايڇ ڊي ڪري ٿو ته يا هو پاڻ پڙهائڻ کان پري ٿي وڃي ٿو يا کيس پڙهائڻ کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ کيس انتظامي عهدي تي وهاريو وڃي ٿو.انتظامي امور تي ويهڻ ۽ ائڊمنسٽريشن جو ڪم الڳ آهي ۽ اڪيڊمڪ ڪم الڳ آهي. جنهن ڪم لاءِ هو اسپيشلسٽ بنيو آهي ان مان صحيح معنيٰ ۾ لاڀ نٿو ورتو وڃي.

    دنيا جي اندر تعليمي ادارن ۾ ائڊمنستريشن جو ڪم الڳ ۽ اڪيڊمڪ ڪم الڳ هوندو آهي. جيڪو ماڻهو پنج سال محنت ڪري ٿو اهو ان پراسس مان پچي نڪري ٿو اهو وڌيڪ پڙهائن جي قابل ٿي وڃي ٿو بنسبت ڪنهن ليڪچرار جي يا نئين ريسرچ جي.، پر هتي بدقسمتي سان پنهنجي مفادن کي نطر ۾ رکندي انتظامي عهدي لاءِ جاکوڙيو ويندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ ان فرد جي نالي جي شهريت ۾ اضافو ٿئي ٿو، کيس گاڏي ۽ ٻيون مراعتون به ملن ٿيون. ان ڪري هو پنهنجو اصل ڪم يا فريضي اڪيڊمڪ شعبي کي ڇڏي ڏئي ٿو جيڪو هن جو بنيادي ڪم هوندو آهي. ان ڪري به اسان وٽ معياري تحقيق نٿي ٿئي.


    آخر ۾ من مست ، ڪليم ٻٽ طرفان ريسرچ تي معلوماتي ۽ فڪر انگيز ڳالهين ٻڌائڻ تي کيس جس ڏيندي چيو ته : جيئن تازو جون مهيني ۾ ڪراچيءَ اندر ڪجهه ڏينهن ۾ تقريبن 2000 ماڻهن جو مري وڃڻ آهي. جنهن لاءِ گرمي هجڻ ۽ بجلي نه هجڻ، سبب ٻڌايو پيو وڃي. حڪومتي سطح تي وفاق ۽ صوبائي اڳواڻ ان واقعي جو ذميوار هجڻ جو الزام هڪ ٻئي تي لڳائي رهيا آهن. پر جيڪڏهن اسان سنجيده هجون ته ان تي مستند اسڪالرن کان تحقيق ڪرايون ته اسان کي نتيجا ملندا ان مان سبب ۽ سبق ملندو جيڪو نئون پهلو به ٿي سگهي ٿو.۽ ان جي بنياد تي اسان اڳتي احتحاطي تدبيرن ڪرڻ لاءِ پاليسيون ٺاهي سگهون ٿا.

    ريسرچ جي باري ۾ من مست اهو به چيو ته : پرائيويت طور تي به تحقيقات ٿيندي آهي. پر اهي رڪڪنائيز نه هوندا آهن جن کي ڪنهن به اداري طرفان پي ايڇ ڊي جي ڊگري مليل نه هوندي آهي، جيئن مولائي شيدائي جنهن تاريخ تي وڏي تحقيق ڪئي، اهڙا ٻيا به کوڙ مثال موجود آهن. پر سوال اهو آهي ته انٽر نيشنل تحقيقي ادارا (جرنلس) اهڙن محققن جي ڪيل ڪم کي مڃتا ڏين ٿا يا نه؟ هو ته عالم يا اسڪالر صرف ان کي مڃيندا آهن جن وٽ ڪنهن علمي اداري جي پي ايڇ ڊِي جي سند هجي


    روزانه شام 28 جون 2015
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو