صحبتي ڪچهري:فطري رهنمائي (خدابخش جويو)

'سنڌي ادب' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    303
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    صحبتي ڪچهري

    فطري رهنمائي

    خدابخش جويو

    قدرت “شام” جي پهر ۾ عجيب ڪيفيت رکي آهي. گرمين ۾ جتي سڄو ڏينهن گرم هوائون لڳن ٿيون، انسان وقتي طورپنهنجي بت مان بيزار ٿئي ٿو پر جڏهن سج لڙي ٿو ۽ گرم هوائن ۾ ڪجهه گرمائش گهٽ ٿئي ٿي ته وڻندڙ ماحول ٿيو پوي. ان ويل جڏهن پکي پنهنجن آکيرن ۾ واپس پئي ٿيا ۽ سج اولهه ۾ گروپ پئي ٿيو .ته حسب دستور دوستن هڪ ٻئي سان ڪچهريءَ لاءِ ٽيليفون تي رابظو ڪيو. اڄ اهڙو اتفاق ٿيو جو اسين سڀئي وڃي محمديوسف جي ٺڪاڻي تي پهتاسين. سندس گهر کي کڙڪايوسين سندس پٽ ٻاهر نڪري آيو چيائين ته بابا ته آهي ئي ڪونه . ڊاڪٽر اشوڪ کانئس پڇيو ته هن مهل ڪيڏانهن ويو هوندو. چيائين اها ته مون کي به خبر ناهي. اسين پاڻ ۾ چار ڄڻا هئاسين. ڊاڪٽر اشوڪ، محمد يوسف کي ٽيليفون لڳائي. پڇيائينس ته بادشاه ڪهڙي ملڪ ۾آهيو اسين ته اوهان جي تڏي تي آيا آهيون. هن جواب ۾ چيو ته مان ڄامشورو ڦاٽڪ تي ڪم سانگي آيو هئس، اوهان ڀلي ٻاهر ڪرسيون ڪڍرائي ويهو . بس ڄاڻ پهتس. سندس پٽ اسان کي ڪرسيون ڪڍي ڏنيون.

    اسان کان هاڻ ڪافي دوست پڇڻ لڳا آهن ته اوهان جي صحبتي ڪچريءَ ۾ شامل دوستن جي مڪمل ڄاڻ ڇا آهي ،ان ڪري خيال ڪيو ويو ته هر دوست جي ڪنهن حد تائين جيتري ڄاڻ پڙهندڙ دوستن تائين به ڏجي. ان ڪري پهرين ڄام ڏپپر جيڪو تمام نالي وارو آرٽسٽ آهي ۽ سي ايڊ ڄامشورو ۾ استاد آهي ان متعلق ڳالهيون ڪنداسين. ڪجهه دير بعد محمد يوسف فون ڪري چيو ته ممڪن هجي ته اهان ڄامشورو ڦاٽڪ تي اچو. ڇاڪاڻ ته اوهان وٽ گاڏي آهي ۽ مون وٽ ڪجهه سامان به آهي. ڊاڪٽر ۽ ڪليم ٻٽ کيس کڻڻ لاءِ ڄامشورو ڦاٽڪ ڏانهن روانا ٿيا باقي من مست ۽ ڄاڏيپر ويٺا رهياسين.

    جڏهن هي ٽئي ڄڻا پهتا ته ماحول خوشگوار ٿي ويو محبت ۽ اڪير مان محمد يوسف چوندو رهيو ته ڀلي ڪري آيا ، منهنجا ڀلا نصيب جو منهنجي اڱڻ تي صحبتي دوست پهچي ويا آهن..

    ڪليم ٻٽ: محمد يوسف چڱو ٿيو جو اسان کي صحبتي دوست سڏيو . جيڪڏهن صحبتي فقير چئو ها ته به وس وارا هئو.

    من مست: حقيقت ۾ هن جهان ۾ اسين سڀ فقير ته آهيون. جو گهرون ٿا، مالڪ کان ٿا گهرون. ۽ اهو سڀني کي ڏئي ٿو.

    ڊاڪٽر اشوڪ ڪامراڻي: هڪڙو ڏينهن اهو به مقرر ڪيو . جنهن ۾ مختلف ”صلاحيتن “ جي باري ۾ ڳالهايون. قدرتي طور هر ٻار ۾ مختلف لڪل صلاحيتون ٿين ٿيون . جن کي اڀارڻ استاد جو ڪم آهي.

    لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر قمبر علي خان لڳ هڪ ننڍڙي ڳوٺ ڀانوَد لاکا ۾ جنم وٺندڙ اسان جي صحبتي دوست ڄام ڏيپر ۾ به ننڍپڻ کان آرٽست هجڻ جون ڀرپور صلاحيتون موجود هنيون.

    ڪليم ٻٽ: اهو وري ڪيئن؟

    ڄام ڏيپر: ها واقعي مون ۾ ننڍي هوندي کان ئي آرٽ جو شونق هو. جڏهن مون کي اها به خبر نه هئي ته آرٽ جي شعبي جي به ڪا تعليم ۽ تربيت ٿيندي آهي.اهو منهنجي پنجن ڇهن سالن جي عمر وارو عرصو هو ۽ مائٽن مون کي اسڪول ۾ پڙهائڻ لاءِ موڪليو هو ته اسان مٽيءَ مان رانديڪڙا ٺاهيندا هئاسين.

    اسان مان مراد؟

    مراد اها آهي ته هڪ ته مان ۽ ٻيو منهنجو سئوٽ الهڏنو هو. جيڪو اسڪول نه ويندو هو پر چيڪي مٽي کڻي ايندو هو. جنهن مان رانديڪڙا ٺاهيندا هئاسين.

    ڪليم ٻٽ: ڪهڙي قسم جا رانديڪڙا؟

    ڄام: مثلن اٺ، گهڙو، گڏه، ٻڪري يا ٻيا جانور.

    من مست: ادا هي شروع کان ماڊل ميڪر هو. هن ۾ اها صلاحيت قدرت عطا ڪئي هئي.

    ڄام ڏيپر: ان وقت ٽي وي به اچي وئي هئي. .اسان جي معاشري ۾ گينڊا ته نه هوندا هئا. جو انهن کي روبرو ڏسڻ جو موقعو نه مليو هو. پر ٽي وي تي هلندڙ هڪ پروگرام ۾ اسان گينڊا ڏٺا. اسان ٻنهي چيو ته گيڊا ٺاهينداسين. اچ ته گينڊن ٺاهڻ جو مقابلو ڪريون. منهنجي سئوٽ الهڏني جي آبزروشن به خطرناڪ هئي.مون کي هن جا ٺاهيل رانديڪا وڻندا هئا ۽ هن کي منهنجا ٺاهيل رانديڪا وڻندا هئا. هڪ ٻئي ۾ اسان پنهنجي ٺاهيل رانديڪن جي مٽا سٽا به ڪندا هئاسين.

    من مست : ٻين ٻارن جي ان سلسلي ۾ ڇا سوچ هئي.

    ڄام ڏيپر: نه پڇو سائين ! جي گهر ۾کڻي اينداهئاسين ته ٻيا ٻار اهي رانديڪا ڀڃي ڇڏيندا هئا ۽ دل شڪسته ٿيندا هئاسين. اسان پنهنجي محنت رائگان ٿيندي نروس به ٿيندا هئاسين.

    محمد يوسف جويو: انهن اوهان جي ننڍپڻ جي احساسن اوهان ۾ منفي رحجان به پيدا ڪيا هوندا مثال طور چڙ اچڻ، بدلو وٺڻ ، وڙهڻ؟

    ڄام ڏيپر: ها سائين ! رانديڪا ته ٺاهيندا هئاسين پر انهن کي سڪائڻ جو مسئلو به هو، پر ان جو اسان حل اهو ڳولي ورتو هو. جيئن ئي رانديڪا ٺاهيندا هئاسين ته اهي پوءِ گهر کڻي نه ايندا هئاسين ۽ ڳوٺ کان ٻاهر ڊٻن ۽ ٻوڙن ۾ لڪائي، ايندا هئاسين ته سڪي به وڃن ۽ ٻين ٻارن جي نظر کان اوجهل هجن.

    من مست : اڙي يار هو ڪري پيا! (سامهن رستي تي ٻه ڇوڪرا موٽر سائيڪل سميت ڪري پيا) ۽ سڀني انهن ڏانهن ڊوڙ پاتي ۽ کين اٿاريو. رستو ڪچو هو، لٿل ريتيءَ تي ڪرڻ سبب سندن بچاءُ ٿي ويو.

    من مست : پٽ موٽر سائيڪل خيال سان هلايو. تيز هلائڻ شيطاني چرخو آهي.

    وري صحبتي ڪچهري شروع ٿي.محمد يوسف جويي چيو ته ڄام جي ننڍپڻ جون ڳالهيون به ڏاڍيون ڀليون آهن.

    ڄام ڏيپر: اسان جي ڳوٺ کان ٻاهر واريءِ جا دڙا هوندا هئا، ڳپل علائقو ويران به هوندو هو جتان باغ ڏانهن رستو ويندو هو. جتان پپيتا پٽي ايندا هئاسين.ڪندا ڇا هئاسين جو پهرين اڪ جو انبڙيون پٽي،ان ۾ٻبر جي ڪنڊي سان هيٺئين حصي ۾سوراخ ڪري، ان ۾ ڊڀ وجهبا هئا ته پڇ ٺهي پوندو هو ۽ اڳئين حصي ۾ پپيتي جو اندريون ڳاڙهو ڳڀ جو ننڍڙو ٽڪرو لڳائيندا هئاسين ته چهنب ٺهي پوندي هئي ۽ طو طو ٿي پوندو هو. ان کي پنهنجي هٿ تي ويهاري سڄي ڳوٺ ۾ پيا گهمندا هئاسين ۽ ٻيا ٻار توڙي وڏا پيا ڏسندا هئا ۽ اسين ڏاڍو خوش ٿيندا هئاسين.

    ڪليم ٻٽ: چئبو ته اهڙيءَ طرح ننڍڙا ماڊل ٺاهيندا هئا، پر ڊرائيئنگ ڪرڻ جي شروعات ڪيئن ڪيوَ؟

    ڄام: اسڪول ۾ اسان کان سينيئر ڇوڪرا، استادن طرفان استعمال ٿيل ڪاربان، هٿ ڪندا هئا ۽ اڇي پني تي رکي ان جي مٿان ڇپيل تصوير رکي ان تي پينسل گهمائيندا هئا ته پني تي تصور ڇپجي ويندي هئي. پوءِ مون به ايئين ڪرڻ شروع ڪيو.پر مونکي ان ۾ وڌيڪ مزو نه ايندو هو، سمجهندو هئس ته اهو نقل آهي.

    من مست: هينئر ته اوهان ماشاءَ الله وڏا آرٽسٽ آهيو، استاد به آهيو. ان جستجو ۾ ڪيترن مرحلن کي طئه ڪرڻو پيو هندوَ؟

    ڄام: ها سائين ! جڏهن مان ٽئين درجي ۾ پهتس ته ڪجهه علائقي جون حالتون اهڙيون ٿي ويون جو اسان جي مائٽن ۽ چانڊين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ هڪ خون ٿي پيو. ان واقعي کان پوءِ گهڻن مائٽن ڳوٺ ڇڏي مختلف هنڌن ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. اهو ڏسي منهنجي والدين وڏي ڀاءُ سان صلاح مشورو ڪيو ته ڳوٺ ڇڏي شهر هلي رهجي.

    ادا جو هڪ واسطيدار جيڪو اڳ ئي لاڙڪاڻي شهر ۾ رهندو هو، ان جي معرفت 1982ع ۾ منهنجو گهراڻو اچي لاڙڪاڻي ويٺو. جتي مون کي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. جڏهن مان اسڪول ويندو هئس ته رستي ۾ هڪ پينٽر جو دوڪان هوندو هو. مون ڏٺو ته واهه جو ڪم ٿو ڪري. اهو ته ڪمال جو ڪم آهي. پوءِ اسڪول ويندي ۽ ايندي ان دوڪان جي سامهون پري کان بيهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ان کي ڪم ڪندي ڏسندو هئس.۽ ان جي ويجهو نه ويندو هئس ته متان هو ڇڙٻ نه ڏئي وجهي. اهو منهنجو معمول ٻن سالن تائين رهيو ۽ خبر ناهي اهو دوڪان ڇو بند ٿي ويو. يا ڪنهن ٻئي پاسي ويو هليو. مون کي ان تي الائي ڇو ڏک ٿيو. ڇاڪاڻ ته ان کي ڪم ڪندي پري کان جو ڏسندو هئس ۽ منهنجو آرٽ ڏانهن توجهه وڌندو ويو هو. اهو ئي سبب آهي ته بازار مان واٽر ڪلر خريد ڪري پوءِ گهر ۾ اچي تصويرن کي ٺاهندو هئس. هو منهنجو غائبانه استاد هو.

    جڏهن پنجين ڪلاس ۾ هئس تڏهن ، هڪ ڏينهن ٽي وي پئي ڏٺم، جنهن ۾ ڪرنسي ٺاهڻ جو پراسس پئي ڏيکاريو ويو. جنهن ۾ پهرين هڪ آرٽست نوٽ جي ڊزائين پئي تيار ڪئي. اهو ڏسڻ بعد مون به هڪ سئو روپين جي نوٽ جترو پنو ڪٽي، ان جي ٻنهي پاسن تي پنسل سان هڪ سئو رپئي جي ڊزائن تيار ڪئي ۽ پوءِ واٽر ڪلر ڏنم. پوءِ اهو آرٽ ٿيل نوٽ پنهنجي استاد کي ڏيکاريم، استاد منهنجي فن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، سڄي اسڪول جي استادن کي ڏيکاريائين ، اهڙيءَ طرح سڄي اسڪول ۾ منهنجي وڏي پزيرائي ٿي ۽ واهه واهه ٿي.

    محمد يوسف جويو: ان ڪم ۾ استاد ۽ شاگردن ۾ اوهان جي وهه واهه ته ٿي وئي پر توهان جي گهر ڀاتين کي معلوم هو ته اوهان جون صلاحيتون آرٽ طرف وڌيڪ آهن؟

    ڄام: هڪ دفعي ٿيو ايئن جو مون هڪ سپاهي جي هڪ چڱي خاصي تصوير ٺاهي۽ پنهنجي پيءُ کي ڏيکاريم. هو ڏاڍو خوش ٿيو، وڏي شابش ڏنائين. ان ڏينهن اسان وٽ مهمان آيل هئا، انهن سمورن مهمانن کي منهنجي پيءُ اها تصوير ڏيکاري ۽ منهنجي وڏي ان سلسلي ۾ تعريف ڪئي هئي . اهو منهنجي لاءِ يادگار ڏينهن هو جو مون کي پنهنجي پيءَ هر هر ٿي ڀاڪر پاتا.۽ مٺيون ٿي ڏنيون. ان کان پوءِ ميٽرڪ تائين ڪنهن به اهڙي آرٽسٽ استاد تائين منهنجي رسائي نه ٿي سگهي.

    مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مون کي پنهنجي ڀاءُ ٽائپنگ سکڻ لاءِ زور ڀريو ۽ هڪ ٽائپنگ سينٽر تي داخل ڪرايو. اتفاق سان ان ٽائپنگ سينٽر جي ڀرسان هڪ پينٽر جو دوڪان هو. جيڪو ٽائيپنگ سيکاريندڙ جو مائٽ به هو. ان کي جڏهن ڏٺم ته منهنجي هن ڏانهن ڇڪ ٿي. ان دوڪان تي جيڪو پينٽر هو سو تمام جهونو، وڏي عمر جو هو ۽ ساڻس گڏ سندس نوجوان پٽ به ساڳيو ڪم ڪندو هو. مان جڏهن ٽائپنگ سکڻ وڃان ته ٽائپنگ بجاءَ ان دوڪان جي سامهون بيهي کين يڪ ٽڪ نظر وجهي، کين ڪم ڪندي پيو ڏسندو هوس. هڪ ڏينهن ڏٺم ته ان دوڪان تي هڪ اسان جي ڳوٺ جو ڄاڻو، سڃاڻو ويٺو هو. جيڪو ڊراما آرٽسٽ به هو. جيئن ئي ان تي منهنجي نظر پئي ته چيم واه واه اڄ ته عيد ٿي وئي. ان کي اشارو ڪري ٻاهر اچڻ لاءِ چيم. هو آيو ۽ پڇيومانس ته تون اتي ڇا پيو ڪرين. چيائين ته هي منهنجو استاد آهي مان هن وٽان آرٽ جو ڪم سکيو آهيان. تڏهن چيومانس ته اڇا تون به آرٽسٽ آهين. چيائين ها. مون کيس چيو ته جيڪڏهن اهو جهونو تنهنجو استاد آهي ته اهو مون کي ڪم سيکاريندو؟ چيائين ها. هن مون کي ان سان ملايو ۽ استاد کي چيائين ته هي اوهان وٽ ڪم سکڻ چاهي ٿو. استاد چيو سبحاڻ کان اچ ۽ ڪم کي لڳي وڄ. اهو ڏينهن ۽ اها رات منهنجي خوشي ۾ نه پئي گزري، سڄي رات ننڊ نه آئي. صبح ساڻ وڃي ان دوڪان تي پهتس. ان کان اڳ ۾ پين جي نب کي ڪٽي ڪيلگرافي به ڪندو هئس، جو اسڪول ۾ سڀ استاد توڙي شاگرد مون کي استاد ڪري سڏيندا هئا.

    ٽائپنگ سکڻ اتي ئي ڇٽو، مائٽن ليکي ٽائپنگ سکڻ ويندو هئس پر مان روزانه پينٽر جي دوڪان تي پينٽ ڪرڻ واري ڪم کي لڳي ويس. ۽ جيڪا ٽائپنگ جي فيس هئي سا به مائٽن کان وٺي ٽائنگ سينٽر جي انچارج کي ڏيندو هئس ته متان مائٽن کي هي نه ٻڌائي ته ٽائپنگ ڪرڻ نٿو اچي. ۽ هو به ان ڳالهه ۾ خوش هئو. ان دوڪان تي ڇهن مهينن م مون گهڻو ڪجهه سکيو . ان دوران فري هينڊ ڊرائنگ پاڻ شروع ڪيم. اتي موڪلن دوران سنڌ يونيوسٽي جا شاگرد يا اين سي اي ۾ پڙهندڙ شاگرد به ايندا هئا. پوءِ انهن سان به ڪچهري ٿيندي هئي. ڇاڪاڻ ته اسان جو استاد انهن سڀني جو استاد هو.ان وقت مون کي به خبر پئي ته آرٽ ۾ فائن آرٽ به ٿيندي آهي. مون ان دوڪان تي سال سوا ڪم ڪيو. منهنجو ايترو سٺو هٿ ويو جو استاد جو پٽ جيڪو ساڻس گڏ 35 سالن کان ڪم ڪندو هو ان کان به منهنجو هٿ ڀلو ٿي ويو.

    ان عرصي دوران لاڙڪاڻي جي سر شاهنواز لائبريري ۾ هڪ تصويرن جي نمائش لڳي. مون به پنهنجي هڪ آرٽ (پينسل ورڪ) ٿيل تصوير رکي. اتي چانڊڪا ڪاليج جو پرنسيپل اڪبر حيدرآيو، ان منهنجي ٺاهيل تصوير ڏٺي ۽ پنهنجي والد جي پاسپورٽ سائيز جي تصوير ڏئي چيو ته اها ٺاهي ڏي. اها تصوير ڪمال جي ٺهي. جڏهن کيس ڏنم ته هن فوري طور پنهنجي کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ جيڪي پئسا هئس سي مون کي انعام ۾ ڏنائين. اهي 1700 روپيا هئا. زندگي ۾ پهريون دفعو مون کي ڪيش ۾ ايڏو وڏو انعام مليو هو. هن مون کان پچيو ته تون نوڪري ڪندي. مون ها ڪئي. پاڻ مون کي چانڊڪا ڪاليج ۾ماڊل ميڪر جي پوسٽ تي نوڪري ڏنائين. مان نوڪريءَ دوران پرائيويٽ طور فرسٽ ايئر ۽ انٽر جا امتحاڻ پاس ڪيا. ان سڄي عرصي ۾ جتي مان پهريان دوڪان تي ڪم ڪندو هئس اتي روزانه شام جو ضرور ويندو هئس. هڪ ڏينهن مون دوڪان جي دروازي ڀرسان اسٽول تي مٽيءَ سان مجسموپئي ٺاهيو. ته هڪ ڪار اتان لنگهي وئي ۽ اڳيان بريڪ هڻي واپس مون ڏانهن رورسِ ۾ آئي. ان مان هڪ شخص لٿو ۽ منهنجي ڪم کي غور سان ڏسڻ لڳو. ۽ چوڻ لڳو واهه واهه! ڏاڌو سٺو ڪم ٿو ڪرين. تون اين سي اي ڪاليج ۾ داخلا ڇو نٿو وٺين. مون کانئس تعارف پڇيو. جواب ۾ چيائين منهنجو نالو قيس عالم ابڙو آهي. هن مون کي همٿايو ۽ پوءِ مان سندس ڏس تي لاهور ۾ وڃي اين سي اي ڪاليج ۾ داخلا ورتي. . اهو ايئن هو ڄڻ اڃايل کي پاڻي ملي ويو.
    روزانه شام
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو