ادب ۽ زندگي

'سنڌي ادب' فورم ۾ Badar طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2015۔

  1. Badar

    Badar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 جولائي 2015
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بدر ڌامراهو

    ادب ۽ زندگي

    ادب معنى ۽ مفهوم جي لحاظ کان، اڻ چٽو ۽ مبهم اصطلاح آهي، جيڪو گهڻو ڪري اجتماعي طور ناول، ناٽڪ، مضمون ۽ شعر، مطلب ته نثر ۽ نظم لاءِ استعمال ٿئي ٿو. هي اصطلاح مبهم ڇو آهي؟ انهيءَ سوال جو جواب يا ڪارڻ اهو آهي ته نظريا هميشه بدلجندا رهن ٿا. جنهن جي ڪري هن لفظ جي وسعت ۾ تغير ۽ تبدل رهيو آهي، جنهن جي ڪري انهيءَ اصطلاح جي وصف مقرر ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آهي ،اهو ئي سبب آهي جو هي اصطلاح مبهم معنى رکي ٿو.جيئن جيئن هن لفظ جي اصطلاحي معنى تي سوچبو تيئن ويندو گهروٿيندو. هن اصطلاحي معني ايتري جي ڳوڙهي آهي جو ڪا به وصف ان جو پورو مفهوم ادا نه ٿي ڪري سگهي ڪا به اهڙي وصف اڄ ڏينهن تائين جهڙوڪ: ڪوئي جيڪا تُزُ هجي لڳ ڀڳ ٿي سگهن ٿيون.

    هر هڪ ليکيل تحرير ادب چئي نه ٿو سگهجي يا ايئن ته هر هڪ تحريڪ کي ادب جي دائري ۾ آڻي يا شامل ڪري نه ٿو سگهجي. ادب جو وسيلو اظهار آهي اظهار جو وسيلو “لفظ” آهي، لفظن جي مدد سان ئي تحرير جُڙي ٿي. اها ڳالهه به پنهنجي جاءِ تي اٽل آهي ته، لفظن جي واڌ ويجهه خود ڪار يا نامياتي ناهي هوندي، انهن جي تشڪيل ۽ تربيت غير نامياتي نوعيت جي هوندي آهي انهن جي نئين عصرتن ئي نين معنائن کي روپ ڏيڻ لاءِ شاعر ۽ اديب جو تخليقي ڇهاءُ بيحد ضروري آهي. ڇاڪاڻ ته، شاعر 7 اديب اهيءَ لفظن به داخلي ۽ خارجي ماهيت کان پوريءَ طرح واقف هوندو آهي. شاعر ۽ اديب ئي لفظن جي غير نامياتي جسم جي جوڙ تاري هڪ احساساتي ڄار اُڻڻ جي قوّت ۽ صلاحيت رکندو آهي. شاعر ۽ اديب ئي لفظن ۾ لڪل معنى کي ڳولهي نروار ڪندو آهي لفظن کي مرڪبن ۾ ٽوڙڻ جي صلاحيت رکندو آهي. انهيءَ آڌار تي چئي سهگجي ٿو ته زندگي معاشري ۽ ادب جي مرڪب جو چوٿون عنصر اديب آهي، جيڪو پنهنجي تجربي جي سچائي کي ادب جي قالب ۾ ڍالي ٿو ۽ پرهندڙ کي داخلي ۽ خارجي حقيقتن وسيلي رڳشني ۽ مسرت حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو نه فقط ايترو پر انهيءَ کي عام فهم ۽ سهنجو بڻائي پيش ڪري ٿو، جيئن پڙهندڙ سولائي ۽ سنهجائي سان انهيءَ جي روح تائين پهچي. ادب جا ڪي معيار، ڪي ماپا ۽ پيمانا بنايا ويا آهن. انهيءَ ماپن ۽ پيمانن تي پورو لهندڙ تحرير يا فن پاري کي ئي ادب جي دائري ۾ آني سگهجي ٿو. هر تحرير ۽ هر ڪتاب کي ادب جي دائري ۾ آڻي نه ٿو سگهجي.

    هاڻي سوال اهو ٿو اڀري ته،“ آخر ادب آهي ڇا ؟ ادب ڇا کي چئجي” ڪهڙا ماپا ۽ ماڻ يا پيمانا آهن، جن جي آڌار تي ڪنهن به فن پاري بابت اسين طئه ڪريون ته، هي ادبي يا غير ادبي آهي. هڪ ادبي فن پاري لاءِ هيٺيان معيار هئڻ ضروري آهن.

    .1 هيئت جي پابندي: ڇاڪاڻ ته هيئت کانسواءِ ڪنهن به تحرير يا فن پاري بابت طئي نه ٿو ڪري سگهجي، هيئت ئي پهريون معيار آهي، جيڪا ڪنهن تحرير يا فن پاري بابت طئي ڪري ٿي.

    .2 تخيّل: ادبي تحرير يا فن پاري ۾ تخيّل هئڻ ضروري آهي، تخيّل کان سواءِ تحرير ڪسي ۽ ٻُسي ٿئي ٿي.

    .3 جذبات نگاري: ادب لاءِ هڪ معيار اهو به آهي ته، منجهس جذبات نگاري ئي ادب جي جان (روح) آهي. تاريخ ۾ جهاتي پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته، ادب جي تصور ڏانهن سڀ کان پهرين يونانين ڌيان ڏنو. افلاطون سڀ کان پهريان ادب جي اصطلاح جي تشريح ڪئي، پر وٽس به ادب لاءِ منفي سوچ هئي. افلاطون پنهنجي 2 ڪتاب جمهوريت ( Republic) ۾ ادب کي ڌوڪو چوي ٿو. ادب جي واڌ ويجهه جي سلسلي ۾ يورپ وارن تمام گهڻيو پاڻ پتوڙيو ۽ هو انهيءَ ۾ سوڀارا به ٿيا. هنن نه رڳو ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪم ڪيو، پر ادب جي تشريح پڻ ڪئي، توڙي جو اها تشريح پهرين ته مبهم هئي، پر پوءِ جيئن پوءِ تيئن ان ۾ واڌارا ۽ سڌارا ڻيندا رهيا. نتيجي ۾ “ادب ” لفظ جون لاتعداد وصفون بيان ڪيون ويون.

    ادب جي تصور ڏانهن سڀ کان پهرين يونانين ڌيان ڏنو. يوناني حڪيم، افلاطون سڀ کان پهريان ادب جي اصطلاح جي تشريح ڪئي. پر وٽس ادب لاءِ منفي سوچ هئي. افلاطون پنهنجي ڪتاب جمهوريت (Republic ) ۾ ادب کي ڌوڪو چوي ٿو. ڪنهن وري ادب لاءِ ( Super Personality) يعني فوق الذات يا ماروائي شخصيت جو اصطلاح گهڙيو. 1

    ادب جي وصف جي سلسلي ۾ يورپي علامن تمام گھڻو ۽ ساراهه جوڳو ڪم ڪيو آهي ۽ ان کي چٽن لفظن ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر انهن ۾ به هڪ خامي آهي. اُها اها آهي ته، جنهن به علام هن سلسلي ۾ لم کنيو آهي، تنهن تنهن ڪنهن نه ڪنهن تحريڪ جي اثر هيٺ لکيو آهي، نفسياتدانن، علم نفسيات جي علم هيٺ لکيو آهي، اهڙي طرح ٻين وري ٻي ڪنهن اثر هيٺ لکيو آهي. هن هيٺ ڪجهه مکيه وصفون ۽ انهن جو جائزو پيش ڪجي ٿو.

    سخاوي چوي ٿو،“ اها سڀ ڄاڻ جيڪا ڪتابن مان حاصل ٿئي سا، ادب آهي”.

    ميٿو آرنولڊ، انهيءَ وقف ۾ تبديلي آندي، هن “ معلومات ” لفظ بجاءِ “ علم ” لفظ آندو. هن چيو ته، اهو سڀ علم جيڪو ڪتابن وسيلي اسان تائين پهچي ٿو، ادب آهي.

    هن نظريي کي جيڪڏهن قبول ڪجي ته، فزڪس، ڪيميسٽري، تاريخ، طب، رياضي، نفسيات ۽ ٻيا انيڪ سائنسي، سماجي سياسي مضمون وارا ڪتاب به ادب ۾ شامل ٿي ويندا. جڏهن ته انهن علمن جي ڪتابن انسان جي زندگي جي تمام وڏي خدمت ضرور ڪئي آهي، پر انهن کي نه ته ادب چئي سگهجي ٿو، اهو انهيءَ ڪري ته، اهي علم گهڻو ڪري مادي مسئلن جي تشريح غير تخليقي انداز ۾ ڪن ٿا. جڏهن ته ادب لاءِ تخليقي عنصر لازمي آهي. ادب جذبن ۽ علم جي وچ واري خال کي پُر ڪري ٿو.

    ميٿو آرنولڊ (Mathew Arnold ) پنهنجي ڪتاب “ ڊسڪوريز اِن آمريڪا ” ۾ وري چوي ٿو ته، “ ادب انساني زندگي جو تفسير آهي.

    (2) نيو مين (New Man) پنهنجي ڪتاب ( The Idea Of University ) ۾ لکي ٿو ته، “ ادب مان مراد آهي: ٻولي وسيلي خيال ظاهر ڪرڻ، خيال مان منهنجو مطلب احساس، تخيل، راءِ، دليل ۽ انساني دماغ جا سڀئي ڪم آهن.

    (3) بروڪ ( Burke ) وري پنهنجي ڪتاب (Century Reading for a course In English Literature) ۾ ادب تي پنهنجا ويچار بيان ڪندي پڙهندڙ کي شامل ڪيو آهي ۽ شرط رکيو آهي ته، “ لائق مردن توڙي عورتن جي لکيل خيالن ۽ احساسن کي اهڙي طرح ترتيب ڏيڻ جو پڙهندڙ کي سرور ۽ مسرت ملي، ادب آهي.

    (4) مائي ڪين(Miacan ) چوي ٿو، “ قدرت، انسان ۾ جيڪي سرمدي خوبيون رکيون آهن، انهن جو اظهار ادب آهي”.

    جان مرلي پنهنجي ڪتاب “ آن دي اسٽڊي آف لٽريچر” ( On The Study of Literature) ۾ لکي ٿو ته، “ ادب ۾ اهي سڀ ڪتاب شامل آهن، جن ۾ دلي ڪشادگي، سنجيدگي ۽ بيان جي دلچسپ ڍنگ سان بحث ڪيو ويو هجي.

    (5) جان مرلي جي بيان ڪيل “ دلچسپ ڍنگ” مان مراد هيئت ( Form ) وٺي سگهجي ٿي.

    هڊسن وري ادب جو مطالعو (Study of Literature ) ۾ ادب جي وصف بيان ڪندي چوي ٿو، “ ادب انهن ڪتبن جو مجموعو آهي، جيڪي موضوع ۽ بيان جي انداز جي لحاظ کان عام انساني مذاق موافق هجن ۽ ٻيو ته، انهن ۾ زبان جي لطاقت تي خاص ڌيان ڏنو ويو هجي”.

    (6) هو اڳتي لکي ٿو، ادب جو مقصد موضوع کي اهڙي پيرايي ۾ بيان ڪرڻ جو، دلچسپ ثابت ٿئي ۽ انسان جي روحاني اُڃ اُجهائي ڇڏي.

    (7) هنن وصفن ۾ معمولي ڪا نه ڪا صداقت ضرور آهي. جيڪي انهن سڀني جي معنوي جزن کي گڏ ڪيو وڃي ته زندگي، معاشري ۽ ادب جو پاڻ ۾ لاڳاپو ٺهي پوي ٿو.

    جرمن فيلسوف هيگل چوي ٿو “ ادب تاريخ آهي، جنهن مان ڪنهن ملڪ يا قوم جي وقت به وقت بدلجندڙ تمدن جون لڳولڳ تصويرون ڏسي سگهن ٿيون”.

    هو اڳتي چوي ٿو، “ ادب قومن جي عروج ۽ زوال جو آئينو آهي”.

    ڏٺو وڃي ته هيگل جيڪي ڪجهه چيو آهي، اهو “ ادب لفظ” جي تشريح آهي. سا به اڌوري اڻپوري هيگل “ادب” اهو لطيف فن آهي، جنهن جي وسيلي ليکڪ جذبن ۽ فڪر کي پنهنجي خاص نفسياتي ۽ شخصي خاصيتن مطابق نه صرف ظاهر ڪري ٿو، پر لفظن وسيلي زندگي جي داخلي ۽ خارجي حقيقتن ڪيفيتن ۽ حقيقتت جي ترجماني به ڪري ٿو، ته تنقيد به ڪري ٿو. هو پنهنجي تخيل ۽ ايجاد جي قوت کان ڪم وٺندي اظهار ۽ بيان لاءِ اهرو اسلوب اختيار ڪري ٿو، جنهن سان پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ ۾ ليکڪ جيان جذبو ۽ جوش پيدا ٿئي.


    ادب جا محرڪ

    جماليات: ميٿو آرنولڊ جو چوڻ آهي ته، “ ادب، انسان جي حياتي جو تفسير آهي” يعني انسان جي اٿي ويٺي، چوڙ نپاج، ڏک، درد، وندر ۽ ورونهن جو شارح آهي.، ميٿو آرنولڊ واقعي سچ چيو آهي ته، انسان جي فطري جماليات حس به ٿئي ٿي ته، فطري جمالياتي ذوق به ٿئي ٿو، جنهن جي ڪري انسان سٺين شين ۽ برين شين ۾ فرق ڪري ٿو، سٺين شين کي پسند ڪري ٿو ۽ برين شين کي ڌڪاري ٿو يا نفرت ڪري ٿو.

    فطري جماليات حس ۽ ذوق انسان ۾ سونهن، حسن ۽ سرهاڻ جي چاهت پيدا ڪن ٿا ۽ رغبت ڏيارين ٿا. انهيءَ چاهه جي اظهار جي ڪوشش جي نتيجي ۾ ادب سرجي ٿو.

    سونهن: سونهن، هڪ فطري جمالياتي ذوق آهي، سهڻين شين جو تصور ازل کان انسان ۾ سمايل آهي، خود انسان، سڀني مخلوقات جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خوبصورت، نفيس ۽ نازڪ ثابت ٿيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو انسان خوبصورت شين جو مُتلاشي رهيو آهي، ته خوبصورت شيون سندس ڪشش جو سبب بڻيون. خوبصورت شين جي ملڻ جي تمنا، خوبصورت شين ملڻ، نه ملڻ، خوبصورت شين سان پيار جو اظهار بنيادي سرچشمو رهيو آهي.

    اهڙي طرح حسن ادب جي جان آهي، ته ڏک ۽ درد ادب جو سرچشمو آهن ۽ سونهن انهيءَ سرچشمي مان وهي نڪرندڙ پاڻي آهي. اهو پاڻي ادب جي آبياري ڪري ۽ جلا بخشي ٿو. انسان جي اها خوبي رهي آهي ته، کيس جيڪا شي حسين ۽ سٺي لڳندي آهي يا وڻندي آهي ته، ان ڏانهن ٻين ماڻهن جو ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، جيتوڻيڪ انهيءَ عمل ۾ کيس ڪنهن به قسم جو فائدو ناهي هوندو. ٻين کي لذت وٺرائڻ جي اهڙي خواهش قصن ۽ ڪهاڻين جو ڪارڻ بڻي.

    سونهن جا ڪي ئي وسيلا آهن. هر وسيلي جو پنهنجو پنهنجو معيار آهي. هر معيار کي مختلف ماڻهو مختلف رخن ۽ پاسن کان ڏسن ٿا ۽ ان جو اظهار مختلف طريقن سان ڪن ٿا. اهڙي طرح سونهن ادب جو اهم قدرتي محرڪ ۽ وسيلو آهي.

    سرهاڻ: جهڙي طرح سونهن انسان جي ڪشش جو سبب رهي آهي، اهڙي طرح سرهاڻ به ادب جو خاص محرڪ آهي، ڇاڪاڻ ته انسان سرهائي ماڻي ٿو. اها سرهائي کيس سڪون ۽ فرحت فراهم ڪري ٿي. انهيءَ سڪون ۽ فرحت جو اظهار ادب کي جنم ڏئي ٿو. انسان روشني، رنگ، رنگت ۽ سرهاڻ مان مزو ماڻي ٿو. اهو به فطري عمل آهي ته، جيڪا به شيءِ انسان کي متاثر ڪرڻ لڳي ٿي ته، اهو انهيءَ کي وري وري دهرائيندو آهي ۽ ان کي نقل ڪرڻ لڳندو آهي يا وري وري اظهار خاطر ان کي محفوظ ڪري ڇڏيندو آهي. ان کي اسين ادب چئون ٿا.

    جذبات

    (الف) لڳ لاڳاپو:

    انسان، سماجي حيوان آهي. هو رشتن جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل آهي. رشتن جو تقدس ۽ نڀاءُ ادب جو محرڪ آهي. سماج ۾ هڪ انسان کي رشتن ۽ ناتن ۾ نباهڻو به پوي ٿو ته، انهن جي عقيدت ۽ احترام به ڪرڻو پوي ٿو. پيار جو رجحان انسان کي اظهار ڪرڻ تي اڀاري ٿو ۽ نتيجي جيڪا شيءِ جنم وٺي ٿي، ان کي ادب چئبو آهي.

    (ب) ماحول ۽ حالتون: هر هڪ معاشري ۾ کوڙ سارا لاها چاڙها ٿين ٿا. جنهن جي ڪري هڪڙا رجحان ختم ٿين ٿا ۽ ٻيا وري جنم وٺندا رهن ٿا. جنهن معاشري يا ماحول ۾ ماڻهو رهي ٿو، اتي کيس پنهنجي زندگي سماج جي مقرر ڪيل معيارن جنهن کي ثقافت به چئجي ٿو. مطابق زندگي گذارڻي پوندي آهي، جنهن ڪري معاشي مسئلا جنم وٺن ٿا، جنهن ۾ بک، بيروزگاري، تحفظ، عدم تحفظ، ريتون رسمون، چوڙ نپاج، کاڌ ۽ خوراڪ جا معاملا شامل آهن. انهن مان جڏهن به ڪا هڪ يا هڪ کان وڌيڪ شيون ميسر نه هجن ته، انسان جي زندگي غيرمتوازن بڻجي ٿي، نتيجي ۾ سماج ۾ برايون جنم وٺن ٿيون. سماج، انسان جا اخلاقي حق ۽ ذميواريون مقرر ڪري ٿو. حڪومت انسان سياسي سماجي حق ۽ ذميواريون مقرر ڪري ٿي. پر جي سماج ۾ هڪ ماڻهو يا ماڻهن جي هڪ گروهه يا هڪ کان وڌيڪ گروهن کي سياسي سماجي حق نه ملن يا سندن حق ڦريا وڃن، يا حڪومت ماڻهن جو تحفظ ڪري سگهي ته، اهڙيون حالتون انسان کي متاثر ڪن ٿيون. نتيجي ۾ اهڙن معاملن جو اظهار اڻٽر ٿي پوي ٿو، جيڪو اظهار ظاهر ٿئي ٿو ان کي ادب چئجي ٿو.

    سور ۽ صدما سور کي ڇهون حواس تصوير ڪيو وڃي ٿو. جمالياتي حس جي ڪري انسان ۾ ڏک، درد ۽ سور جو احساس شدت سان ٿئي ٿو. اهي سور ۽ صدما، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون ادب جي تخليق جا محرڪ آهن، اهوئي سبب آهي جو ادب ۾ ڏک، درد، سور جو پُر اثر اظهار ملي ٿو. جتي حسن جي رنگيني، جمال جو جلوو ۽ عشق جو سوز ۽ گدار هوندو، سور ۽ صدما، پيڙائون ۽ ڀوڳنائون اتي ضرور هونديون. سڌي ڳالهه آهي ته، اهي عنصر ادب کي پُر اثر بنائڻ ۾ اهم جزي طور اچن ٿا. ڏک،درد ۽ سورُ ئي ادب سرجڻ جا اهم محرڪ آهن.

    اڻويهين صدي عيسوي جي وچ ڌاري ادب جي تاريخ ۾ نقادن وٽ ٻه اصطلاح گهڙيل ملن ٿا. جن مان هڪ کي هو “ ادب براءِ ادب” ٻي کي “ ادب براءِ زندگي” چون ٿا. هنن ٻنهي اصطلاحن تي تمام گھڻا بحث مباحثا ٿيا آهن، تمام ڊگها ڊگها ليک لکيا ويا آهن. ته ڪتاب به لکيا ويا آهن، ڪن“ ادب براءِ ادب” جي حمايت ۾ لکيو آهي ته، ڪن وري “ ادب براءِ زندگي ” جي حمايت ۾ لکيو آهي، ڪن وري “ ادب براءِ ادب” جي مخالفت ۾ لکيو آهي ۽ “ ادب براءِ زندگي” کي حقيقي ۽ درست چيو آهي. تنقيدن جو اهڙو سلسلو اڻ کٽ ۽ ذاتي دشمنيءَ تائين وڃي پهتو. اديب حضرات ذاتيات تائين لهي آيا، اها صورت نه رڳو سنڌي ٻولي ۾ رهي پر، ٻين ٻولين، خاص طرح اردو ٻولي ۾ به رهي، ڏٺو وڃي ته اردو ۾ انهيءَ ايترو زور نه ورتو، جيترو سنڌي ادب ۾ انهيءَ شدت اختيار ڪئي سنڌي ادب ۾ هن صورت تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ورتي .ان جو نتيجو اهو نڪتو ته سنڌي ادب جي توانائي زيان ٿيڻ لڳي ۽ ادب تي ڄڻ ته جمود ڇانئجي ويو.

    حقيقت جو مظاهرو ڪري ،سنجيدگيءَ سان جيڪڏهن ويهي ويچارجي ته ،ادب جو هر صورت ۾ واسطو زندگيءَ سان جيڪڏهن ادب کان ٻاهر ڪجي ته ،“ادب” بي معنى ٿي ويندي پر جيڪڏهن “ادب” کي زندگيءَ کان الڳ ڪجي ته “زندگي” بي معنى ٿي ويندي .يعنى ٻئي هڪ ٻئي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن .قديم دور جو اديب يا اساسي ادب ،پوءِ منجهس جنن ديون ۽ پرين جا ڪردار ۽ ڳالهيون ڇو نه هجن ،پر اهي تعلق يا لاڳاپو انسان ۽ زندگيءَ سان ئي رکن ٿيون،انسان جي دلي جذبن ،اڌمن ۽خيالن جي ترجماني ڪن ٿيون جيڪو ادب ،انسان جي دلي جذبن اڌمن، امنگن جي ترجماني ڪري اهو ادب ،“ادب براءِ ادب ” ڪيئن ٿيو؟ادب هر حالت ۾ انسان جي زندگيءَ جي ترجماني ڪري ٿو.ڪارل مارڪس ڪيترو نه سٺو رايو رکي ٿو ،هو چوي ٿو “مونکي اهڙي ڪنهن ادب جي خبر ڪونهي ،جيڪو ڍڳن پيدا ڪيو هجي .هن جو مطلب اهو آهي ته،ادب انسان سرجي ٿو ۽ انسانن لاءِ ئي هوندو آهي .جيڪڏهن شراب جي نشي جي ڳالهه ڪجي ٿي ته به اهو انسان جي زندگي جو هڪ پهلو آهي ،پر جي شباب جي ڳالهه ڪجي ٿي ته ،اهو به انسان جي زندگي جو هڪ پهلو آهي .

    اردو جي شاعري ڪيڏو نه سٺو خيال پيش ڪيو آهي ته ،

    “نشا شراب مين هوتا تو ،ناچتي بوتل”

    حقيقت به اها آهي نشي واري ڪيفيت انسان سان تعلق رکي ٿي .اڳ به سماج جي اصلاح جو مقصد سامهو رکي لکيو ويندو هو ته،آزادي جي تحريڪن واري زماني توڙي موجوده دور ۾ به ساڳيو مقصد آڏو رکي لکيو وڃي ٿو.جيڪڏهن فرق آهي ته،فقط اسلوب بيان جو فرق آهي ،انهي ۾ فرق اهو آهي ته اڳ بيان ۾ هروڀرو وڌاءُ مان ڪم ورتو ويندو هو ،تنهن ڪري غير فطري ڳالهيون اچي وينديون هيون پر پوءِ به طوطا مينا هجي يا گل خندان ،چار درويش هجي يا ممتاز دمساز سڌاتوري ۽ ڪڌا توري جي ڳالهه ،قديم غزل هجي يا شاعري جي ٻي ڪا صنف سڀئي انسان جي امنگن ۽ جذبن جي ترجماني ڪن ٿا .هن سلسلي ۾ ايف اينگلز جي راءِ نهايت موزون لڳي ٿي ،هو لکي ٿو ليکڪ جو مقصد جيترو لڪل هوندو ،اهو فني تخليق جي حق ۾ ٿيندو.

    اها البته هر دور جي تقاضا پنهنجي آهي ،تنهن ۾ به هڪ قسم جو ربط هوندو آهي ،ماضي حآل سان تعلق رکي ٿو،حال ،مستقبل سان لاڳاپو رکي ٿو ،ماضي جو تصور حال کان علاوه ڪجهه به ڪونهي.حال جو مفهوم مستقبل کي تخليق ٿو.هر نئون ڏينهن جديد ۽ گذريل ڏينهن قديم ٿيندو آهي .جدت ۽ قدامت گڏ گڏ هلن ٿيون .اهو سلسلو ازل کان جاري آهي ،ان ۾ تر جيترو به تفاوت ڪونهي.ها البته ڪالهه جون انسان جون ضرورتون، گهرجون، جذبا ۽ امنگهون مختلف هيون، اهي اڄ اسان مطابقت نه ٿيون رکن. اڄ جون گهرجون، ضرورتون، امنگهون خواهشون ۽ جذبا حالتن مطابق ڪالهه کان مختلف آهن. پر“ زندگي” ساڳي آهي. جهڙي طرح زندگي ساڳي آهي انهيءَ ۾ ڪا به تبديلي ممڪن ڪونهي اهڙي طرح ادب ۽ ادب جو ڪارج به ساڳيو آهي ۽ اهو زندگي جي اثر هيٺ هوندو آهي. ادب جو لاڳاپو زندگي سان ائين آهي جيئن پاڇي جو انسان سان. انسان کانسواءِ پاڇي جي ڪا به حقيقت ڪونهي، اهڙيءَ طرح “زندگي” کانسواءِ، “ ادب” جي ڪا به حقيقت ڪونهي. جيئن پاڇو، انسان جي ترجماني ڪري ٿو، تيئن ادب زندگي جي ترجماني ڪري ٿو. ادب جي خوبي اها آهي ته، هو نه رڳو زندگي جي ترجماني ڪري ٿو پر، زندگي تي تنقيدي نگاهه به وجهي ٿو.

    ممتاز مهر ادب جي حوالي سان چوي ٿو:

    جهڙي ريت زندگي کي داخليت ۽ خارجيت جي خانن ۾ ورهائڻ درست ڪونهي تهڙي ريت ادب کي به داخليت ۽ خارجيت جي خانن ۾ ورهائڻ صحيح ڪونهي. زندگي وانگر ادبي تخليق به هڪ ايڪائي ۾ پوتل هوندي آهي.

    (8) جنهن زماني ۾ اصطلاح “ ادب براءِ ادب ۽ ادب براءِ زندگي” گهڙيو ويو انهيءَ زماني ۾ اسان وٽ جيڪو ادب سرجيو ويو انهيءَ کي مقصدي ادب چيو ويو. انهيءَ ادب ۾ آدرشي ۽ انقلابي تاثر ۽ جذبات نگاري جو مچ مچايو ويو. هڪ طرف ادب کي زندگي جو ترجمان هئڻ جو هوڪو ڏنو ويو ٻئي طرف آدرشي ۽ انقلابي نوعيت جو ادب سرجيو ويو جنهن جو مقصد پنهنجا نظريا ٻين تي مڙهڻ هو. ممتاز مهر جو مضمون“ ترقي پسند سنڌي ڪهاڻي ” هن سلسلي ۾ اهم مضمون آه، هڪ هنڌ لکي ٿو:

    “ اڄ ڪلهه علمي ڪهاڻين لکڻ تي زور ڏنو پيو وڃي جن ۾ اهڙا آدرشي / انقلابي ڪردار ڏيکاريل آهن، جيڪي اهڙا عملي ڪارناما سرانجام ڏين، جن کان پڙهندڙ متاثر ٿي پاڻ به اهڙا عملي ڪارناما ڪرڻ شروع ڪري ڏين. اهڙيون ڪهاڻيون ان وقت لکڻ وڌيڪ موضون ۽ مناسب ۽ حقيقت پسندانا لڳنديون جڌهن سماج ۾ اهڙي عملي تحريڪ هجي.”

    (9) اڳتي لکي ٿو:

    اسان وٽ نجم عباسي انيڪ عملي ڪهاڻيون لکيون آهن، جيڪي سو سيڪڙو پرچاري مقصد لاءِ آهن.

    (10) سٺو ادب اهو آهي جيڪو قوم جي دلين جي ترجماني ڪري ٿو. يعني ادب جتي هيئت جي حسن سان سينگاريل هجي، اتي جمال جي جلوي سان به پُر هئڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته اهي ٻه ڪسوٽيون آهن جيڪي ادب کي زندگي جو ترجمان بنائن ٿيون يا ادب ۽ زندگي جي وچ ۾ پُل جو ڪم ڏين ٿيون. مطلب ته ادب جو زندگي سان هم ڪنار هئڻ لاءِ ضروري آهي ته منجهس هيئت هجي. هيئت يعني فني سٽاءَ جي ڪري ادب ۾ حسن ۽ خوبصورتي پيدا ٿئي ٿي. اهو حسن، سونهن، سوڀيا ۽ خوبصورتي ادب سان انس جو ڪارڻ بڻجي ٿي، ٻيو ته ادب جي نزاڪت ۽ سونهن چقمق جو ڪم ڏئي ٿي ۽ زندگي جي ڳڌعنصرن کي پان ڏانهن ڇڪي ٿي. اهڙي طرح ادب زندگي سان شناسائي پيدا ڪري ٿو ۽ هڪ ٻئي جي جياپي جو سبب بڻجي ٿو. اهڙو ادب، زندگيءَ جو ترجمان بڻجي ٿو ۽ زندگي، ادب لاءِ خام مال يا مواد ٺاهي تيار ڪري ڏئي ٿي.

    اديب، معاشري جو فرد هوندو آهي، تنهن ڪري جتي معاشرو ادب تي اثر انداز ٿئي ٿو، يا معاشرو ادب کي متاثر ڪري ٿو، اتي اديب تي به اثر پوي ٿو ته اديب به معاشري کي متاثر ڪري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو اديبن جي فڪر، خيالن ۽ رجحانن، ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. تاريخ ۾ کوڙ سارا ڪردار ملن ٿا جن ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي ۽ ڪن نظيرين جو بنياد وڌو، ڪن نظرين کي بدلايو. اهو ئي سبب آهي جو اڄ دنيا ۾ جيڪي به زندگي گذارڻ ۽ گهارڻ جا فلسفا آهن، سي ڪنهن نه ڪنهن علام، اديب، مفڪر جي فڪر جو نتيجو آهن. اردو جي هڪ اديب مجنون گورک پوري جو حوالو هن سلسلي ۾ نهايت اهن ۽ فڪر انگيز آهي. هو چوي ٿو:

    “ ماحول اديب کي پيدا ڪري ٿو، پر اديب ماحول کي نئين سري سان ٺاهڻ ۾مدد ڏئي ٿو.

    ادب هڪ ئي وقت حال جو آواز ۽ مستقبل جي اڳڪٿي آهي”.

    هڪ ڏاهي اديب جو ڪم اهو هئڻ گهرجي ته هو، قوم جي جذبن، اڌمن ۽ تمنائن جي پوري پوري ترجماني ڪري. ايندڙ نسل جڏهن ڪنهن شخصيت جي شوق، ذوق، اٿي ويٺي، فڪر ۽ ڪارنامن بابت ڄاڻڻ چاهي ته انهيءَ زماني جي ادب جو مطالعو ڪري کيس سموري ڄاڻ حاصل ٿي وڃي. موجوده دور ۾ تاريخ جي اڀياس جو هڪ نئون رجحان وجود ۾ آيو آهي جنهن مطابق، قومن جي سياسي سماجي ۽ ادبي تاريخ، شاعرن، عالمن ۽ اديبن جي تحريرن مان اخذ ڪرڻ جو رجحان پيو آهي. عالمي دنيا ۾ هن سلسلي ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ٿي آهي، پر اسان وٽ اهو ٽرينڊ اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي.
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,882
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو مصمون ... ادب بابت سٺي ڄاڻ ملي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين تمام سٽو مظمون آهي سڄو پڙهي پورو ڪيو اٿم ،
     
  5. جوڻيجو حسين

    جوڻيجو حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 نومبر 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    واهه سائين تمام بهترين مواد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو