رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
نماز نيڻن جو ٺار آهي
____________________
نماز نيڻن جو ٺار آهي ،ميراج جو هي پيار آهي
قيام سجدو ۽ رڪوع ،رب کي وڻندڙ يار آهي
اي بندا بڇڙايون ڇڏ ،وحدتن ڪر وهڪرو
ڪوڙ ڪينو بغض لالچ ،هي غلاظت گار آهي
مومنن معراج هي ،پنج پڙهون پنجاه ٿين
رب وڌائي ٿو ثوابن، جنهن کي سڀ اختيار آهي
روح جي راحت نماز گفتگو رب سان نماز
الله ڏي ويجهو ڪري الله سان پو پيار آهي
هي عبادت آ سعادت ،جيڪا ملي محمد مٺي کي
پڙهندا رهو هي پنج وقت، فرض جو هي بار آهي
رسول بخش دائودپوٽه
____________________
نماز نيڻن جو ٺار آهي ،ميراج جو هي پيار آهي
قيام سجدو ۽ رڪوع ،رب کي وڻندڙ يار آهي
اي بندا بڇڙايون ڇڏ ،وحدتن ڪر وهڪرو
ڪوڙ ڪينو بغض لالچ ،هي غلاظت گار آهي
مومنن معراج هي ،پنج پڙهون پنجاه ٿين
رب وڌائي ٿو ثوابن، جنهن کي سڀ اختيار آهي
روح جي راحت نماز گفتگو رب سان نماز
الله ڏي ويجهو ڪري الله سان پو پيار آهي
هي عبادت آ سعادت ،جيڪا ملي محمد مٺي کي
پڙهندا رهو هي پنج وقت، فرض جو هي بار آهي
رسول بخش دائودپوٽه