روزو...

اڃ ۾ احساس جو، آ پيار پيارا پياس جو
افطاري ۾ پو عيد آ، هر ڏينهن اهڙو آس جو

ڇڏ غلا۽ غيبتون ،گوشت کائڻ ڀاءُ جو
ڇڏ مندايون مير من ۾ ، چاهتن ۾ چاسجو

ڪوڙ ڪيني ۽ حسد کي، يار وجه تون خاڪ ۾
هي برايون يار بي حد،سڀ کي ڪرن ٿيون ناس جو

روزو توکي پاڪ ۽، پرهيزگاري ڏي سڏي
ڇڏ گناهن کي مٺا، هي مهينو خاص جو

اسلام اهڙو دين آ، جو سڀ کي ڏي سلامتيون
قرآن ۾ اهڙي هدايت، سڀ پڙهي پو واسجو

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top