• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رمضان جا روزا..

رکي رمضان جا روضا ڪيون راضي ادا رب کي
مهينو هيءُ مٺڙو آ ٻڌايو هي ادا سڀ کي

طريقو هي روزي جو عبادت جا اتم آهي
محمد پاڪ جي امت وڻي ٿي واه ادا رب کي


سڌو سئون توکي ڏيندو هو جزا الله روزن جي
اها زڪوات جسمن جي ڏيڻ گهرجي ادا رب کي


اها پاڪائي پرهيزي گهري الله ٿو بندن
اندر جي ڳاله هاڻي هي وئي ٿي آ صدا رب کي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top