• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خدارا! سياسي نفرت سبب تاريخ جو ڪنڌ نه مروڙيو............!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
منهنجي ڪجهه سنڌي دوستن کي هڪ ڀيرو وري گذارش آهي ته خدارا، سياسي اختلافن سبب تاريخ جو ڪنڌ نه مروڙيو ۽ سنڌي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم هاڻ ته ڇڏي ڏيو ـ تازو سنڌو طاس معاهدي جي باري ۾ هڪ صحافي دوست ذوالفقار واهوچيَِ (جنهن جو واسطو هڪ قومپرست تنظيم سان آهي) جا فيس بوڪ تي ڪمينٽ پڙهيم جنهن ۾ هن اهو تاثر ڏنو هو ته سنڌو طاس جو معاھدو سال 1963 (1960 ۾ نه) ٿيو هو ـ هو، سياسي مقصدن لاءِ اڪثر اهڙيون غلط پوسٽنگس ڪندو رهندو آهي ـ
ان کان اڳ به، اسان جو هڪ دوست جيڪو ڪراچي اليڪٽرڪ جو پرائيويٽ انجنيئر آهي ۽ منهنجو وڏو فين آهي، سو چوندو آهي ته مون ڪيترا ورهيه سنڌي اخبارن ۾ پنهنجي خرچ تي، روزگار سروس نالي روزانو ڪالم لکي بي روزگار سنڌي کي نوڪريون ڏيارڻ ۾ مدد ڪئي هئي ۽ اهڙي ريت مفت هفتيوار تعليمي سروس به شروع ڪئي هئم جنهن ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ اسڪالرشپون حاصل ڪرڻ ۽ تعليم جي باري ۾ معلومات ڏيڻ شامل هو ـ هڪ ڀيرو اهو دوست سڪندر ميمڻ مون وٽ آيو ۽ شروع ٿي ويو ته پاڻيءَ جو معاهدو سال 1963 ۾ ٿيو هو جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پرڏيهي وزير هو ۽ منهنجي ڪابه ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار به ڪونه هو ته معاهدو 1963 ۾ نه پر سال 1960 ۾ ٿيو هو ـ
حقيقت اها آهي ته سنڌو طاس معاهدو سال 1960 ۾ ٿيو هو جڏهن ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو سال 1963 ۾ پرڏيهي وزير ٿيو هو ـ هاڻ ڪير ٻڌائي ته سال 1963 ۾ مقررڪيل پرڏيهي وزير، سال 1960 واري طاس معاهدي تي ڪيئن صحيحون ڪندو؟ سوچيان ٿو ته اسان جا سنڌي نوجوان ڪيڏانهن وڃن جو اهڙي غلط معلومات فيس بوڪ ذريعي حاصل ڪندا ۽ ٽيسٽن ۾ لکندا ته گهٽ مارڪون نه کڻڻدا ته ٻيو ڇا ڪندا ؟
ٻي اهم ڳالهه سال 1960 واري طاس معاهدي وقت به ڀٽو صاحب، پاڻي وغيره جو وزير ڪونه هو ـ اسان جي ڪجهه دوستن کي، تاريخي حقيقتن کي سياسي مقصدن خاطر مروڙي پيش ڪرڻ ۾ مهارت حاصل آهي، سي دنيا جون ساريون غلطيون، مخالف سياسي ليڊر جي نالي ۾ لکندا وتن ٿا ۽ اهو به نه ٿا ڏسن ته تاريخي حقيقتون ڪهڙيون آهن ـ درحقيقت انهيءَ معاهدي ۾ ڳالهين دوران سڀ غير سنڌي کنيا ويا هئا، شروع ۾ هڪ سنڌي آفيسر کنيو ويو هو پر انهيءَ کي ترت هٽائي ڇڏيائون ـ
اهڙي ريت پنجاب ۾ به ٺهندڙ چشما جھلم ۽ تونسا لنڪ ڪينال به شهيد ڀٽي جي دور ۾ ڪونه ٺهيا هئا ۽ انهيءَ سلسلي ۾ گوگل تي ريسرچ ڪري هو اهڙا تفصيل حاصل ڪري سگھن ٿا ـ هڪ ڀيري شاهه محمد شاهه اهڙو بيان ڏئي غلط بياني ڪئي هئي ۽ امداد اوڍي به پنهنجي ڪتاب جل مشعل جل ۾ اهڙي دعوى ڪئي آهي سا سراسر غلط آهي ـ
ڪنهن کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تي سياسي تنقيد ڪرڻي آهي ته ڀلي ڪري، اهو ان جو سياسي حق آهي پر سياسي اختلافن جي ڪري سنڌي نوجوانن کي گمراهه ڪرڻ جو ڪم معاف نه ڪرڻ جوڳو آهي ـ سڀاڻي نوجوان گوگل ۾ سرچ ڪندا ته سندن منهن ۾ ڇا رهندو؟ سو سياسي اختلافن سبب تاريخ کي نه مروڙيو ته بهتر آهي ـ
00000000000000000000000000000000000000000000
 
بلڪل مان ان ڳالهه سان متفق آهيان ته تنقيد ۽ مخالفت پنهنجي جاءِ تي ..... پر تاريخي حوالا غلط پيش نه ڪجن، بدتميزي ۽ اخلاق کان ڪريل ٻولي استعمال نه ڪجي.
 
Back
Top