• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ايندڙ عام چونڊن کانپوءِ سنڌ ۾ پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ گڏجي حڪومت ٺاهينديون؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
جيتوڻيڪ ايندڙ عام اليڪشن ۾ گھڻو وقت رهيل آهي، تنهن ڪري روزانو تيزيءَ سان بدلجندڙ سياسي صورتحال جي باري ۾ ڪابه پڪي اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگھجي پر حالتن کي ڏسندي ايترو چئي سگھجي ٿو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم يا ان جو ڪو به گروپ اڳ جيتريون سيٽون کڻي ڪونه سگھندو جو اڪيلي سر سنڌ ۾ سرڪار ٺاهي سگھن تنهن ڪري سنڌ اندر هڪ ڀيرو وري گڏيل سرڪار جُڙندي جنهن ۾ پنهنجن خامين ۽ خوبين جي باوجود، پ پ پ مکيه پارٽي طور لازمي شامل هوندي، گڏيل سرڪار ۾ ايم ڪيو ايم يا ان جو ڪو گروپ يا وري پي ٽي آءِ شامل هوندي يا وري ٽيئي گڏ به ٿي سگھن ٿا ـ
ايندڙعام اليڪشن ۾ به سنڌي قومپرست هڪ ـ اڌ سيٽن کان وڌيڪ کڻي نه سگھندا جن جا ڪيترا ئي سبب موجود آهن ـ هڪ ته قومپرست پاڻ ۾ هڪ نه ٿي سگھيا آهن، جيڪي آهن سي وري هڪٻئي جي ڏاڙهي پٽڻ ۾ پورا آهن ـ مٿان قومپرستن جون مکيه تنظيمون عام اليڪشن ۾ سڌي ريت حصو ڪونه وٺي سگھنديون جو سندن ليڊر سائين جي ايم سيد کين هدايت ڪري ويو آهي ته هو اليڪشن ۾ حصو ڪونه وٺن جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته عام اليڪشن جو ميدان خالي ڇڏيندا ۽ ائين ڪرڻ سبب اهڙا به اميدوار ڪامياب ٿيندا جن کي سنڌ جي مفاد سان گھٽ دلچسپي هوندي ۽ مال ڪمائڻ سان گھڻي ـ بهرحال، بلجندڙ صورتحال کي آڏو رکي ڪا قطعي اڳڪٿي نه ٿي ڪري سگھجي ـ
 
Back
Top