محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سردار ممتاز ڀٽو پاڻ حڪمران پاڪستان مسلم ليگ نون ۾ شامل آهي ـ پ پ پ کي ته ڇڏيو ڀلا نون ليگ مان چڱائيءَ جي ڪا اميد ڪري سگھجي ٿي؟ ممتاز ڀٽو ته گھٽ ۾ گهٽ نواز شريف سرڪار طرفان سنڌ سان ٿيندڙ مختلف زيادتيون ۽ سنڌ جي پاڻيءَ تي پنجاب طرفان لڳندڙ ڌاڙي کي روڪرائي ها ته به وڏي ڳالهه چئبي ـ
جڏهن ممتاز ڀٽو نون ليگ ۾ شامل ٿيو هو ته مون انگريزي اخبارن ۾ خط لکي کيس گذارش ڪئي هئي ته گھٽ ۾ گهٽ سنڌ کي پاڻيءَ جو پنهنجو حق ڏياريَ ـ پاڻيءَ جي 1991 واري ٺاهه کي 25 ورهيه گذرڻ جي باوجود پنجاب ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ لازمي پاڻي ڇڏڻ ڪونه ٿو ڏيئي جنهن ڪري دنيا جي وڏي ڇهين انڊس ڊيلٽا تباهه ٿي وئي آهي، سمنڊ جي کاري پاڻيءَ 27 لک ايڪڙ زمين خراب ڪري ڇڏي آهي، ماحولياتي الميي الڳ جنم ورتو آهي، ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۽ عربي سمنڊ جي وچ واري علائقي ۾ رهندڙ 26 لک ماڻهو پاڻيءَ جي ڦڙي ڦڙي لاءِ سڪي رهيا آهن جيڪي انسان ، مسلمان ، پاڪستاني ۽ سنڌي آهن پر پنجابي نه هئڻ جي کين سزا ڏني پيئي وڃي.
ڪو ٻڌائيندو ته نواز ليگ سنڌ جي ڀلي لاءِ آخر ڇا ڪيو آهي، سواءِ ڪراچي آپريشن شروع ڪرڻ جي؟