• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻوليءَ جي 1972 واري بل ۾ سنڌي ٻولي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهن ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سال 1972 واري بل ۾ چٽيءَ ريت سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ـ ڪٿي به ٻه ـ لساني صوبي جو ذڪر ڪونهي ۽ اهو منهنجو کليو کلايو چئلينج آهي ـ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جيڪا سنڌي قومپرست تنظيم آهي ۽ جي ايم سيد جي پيروڪار آهي تنهن سياسي مقصدن ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي وڪالت ڪنديَ ايڪٽ جي غلط تشريح ڪئي آهي ـ
اردو ته سال 1948 ۾ جناح صاحب کان وٺي قومي ٻولي ڊڪليئر ٿيل آهي ۽ سال 1956 ۽ سال 1962 وارن آئينن ۾ به قومي ٻولي قرار ڏنل آهي ۽ اسڪولن ۾ به لازمي پڙهائي ويندي رهي آهي ـ سنڌ ۾ سنڌي ۽ اردو ٻوليون، تعليم جي لحاظ کان لازمي طور پڙهائڻ جو مقصد اهو هرگز ناهي ته سنڌ ٻه ـ لساني صوبو ڊڪليئر ٿي ويو جڏهن ته ايڪٽ ۾ صرف سنڌي ٻوليءَ لاءَ لکيل آهي ته اها سنڌ جي صوبائي ٻولي هوندي ـ ساڳي ريت بنگال ۾ به قومي ٻوليءَ سبب اردو لازمي پڙهائي ويندي هئي، ڇا ان جو مقصد اهو ٿيو ته بنگال به ٻه ـ لساني صوبو هو؟
افسوس آهي ڪوڙن سنڌي قومپرستن تي، جيڪي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ لاءِ قانوني ۽ آئيني جواز پيش ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائن ـ ساري دنيا ۾ جيڪي به قانون ٺهندا آهن يا معاهدا ٿيندا آهن تن ۾ ڌرتي ڌڻي، اها ڪوشش ڪندا آهن ته ان مان پنهنجي فائدي جون ڳالهيون هٿ ڪن پر سنڌي قومپرست شايد دنيا ۾ اڪيلي مخلوق آهي جيڪا هونئن ته پاڻ کي ڌرتيءَ جي اڪيلي ٺيڪيدار سمجھي ٿي پر ٻولي ايڪٽ جي ٻه لساني صوبي جي ڪوڙي وضاحت ڪري، سنڌ کي آئيني ۽ قانوني طور ورهائڻ جو جواز ڳوليندي رهي ٿي ـ افسوس ته اهي وري مٿان پاڻ کي اڪيلا سنڌ جا ٺيڪيدار به سڏائن ٿا ـ
ياد رهي ته سنڌي ٻوليءَ کي پهريون ڀيرو 1973 جي آئين ۾ اهميت ڏني وئي ۽ اها ڳالهه بيريسٽر ضمير گهمري به ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي جيڪا اهميت سال 1956 ۽ سال 1962 وارن آئينن ۾ ڪونه ڏني وئي هئي، سا 1973 جي آئين ۾ ڏني وئي آهي. سندس چوڻ موجب جيڪڏهن سنڌ چاهي ته ان کي سنڌ جي قومي ٻولي ڊڪليئر ڪري سگھي ٿي ـ
منهنجي خيال ۾ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ جو بهتر موقعو 1956 جو آئين هو جنهن ۾ بنگالين پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائي هئي ۽ ان وقت بنگالين جي مدد سان سولائيءَ سان سنڌي ٻولي به قومي ٻولي بڻائي سگھجي ها پر سائين جي ايم سيد اهڙو قيمتي موقعو هٿان وڃائي ڇڏيوـ
ۡڪوڙا سنڌي قومپرست اهو ٻڌائين ته اهو بل، 62 مان 50 ميمبرن جي اڪثريتي ووٽ سان بحال ٿيو هوجيڪڏهن سنڌ ٻه ـ لساني صوبو ڊڪليئر ٿيل هجي ها ته اردو ڳالهائيندڙ ان بل جي فائدي ۾ ته ضرور ووٽ ڏين ها پر هنن ائين نه ڪيوـ
جيئن ته بل جي بحال ٿيڻ کانپوءِ وڏي پيماني تي لساني هنگاما ٿيا جن تي اردو اخبارن ٻرنديءَ ٿي پيٽرول هارڻ جو ڪم ڪيو ۽ هنگامن ۾ ڪيترا ماڻهو مارجي ويا جنهن ڪري مجبوريءَ وچان وضاحت طور ڊسمبر ۾ ترميمي آرڊيننس جاري ڪيو ويو ته سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي بڻائي وئي آهي، سا قومي ٻولي اردوءَ جي خلاف هرگز ڪونه آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جا خدشا دور ڪيا ويا هئا ـ
مون ترميمي آرڊيننس پڙهيو آهي ان ۾ به ڪٿي ٻه ـ لساني صوبي جا ڳالهه ڪيل ڪانهي جڏهن سنڌ جي سنڌيءَ کي صوبائي ٻولي ڊڪليئر ڪرڻ واري شق برقرار آهي ـ افسوس آهي ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس، لنڊن وارا پنهنجن سياسي مقصدن ۽ لساني تنظيم ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ خاطر ٻه لساني صوبي جو راڳ آلاپي رهيا آهن پر اهو ٻڌائڻ کان قاصرآهن ته سال 1956 ۾ سنڌي ٻوليءَ کي بنگاليءَ سان گڏ قومي ٻولي بڻائڻ جو سونهري موقعو سندن ليڊر جي ايم سيد ڇو زيان ڪيوهو؟
 
جيڪڏهن ايئن آهي به ته ان تي 1972 کان 1977ع تائين عمل ڪونه ٿيو .... وري به پ پ پ جون حڪومتون آيون پر عمل ڪونه ٿيو .... ڇا صرف ڪتابن ۾ لکڻ سان سڀ ڪجهه ٿي پئي ٿو.
 
سائين....شايد اوهان کي پس منظر جي پوري خبر ڪانهي ـ 7 جولاءِ 1972 تي ٻوليءَ جو بل پاس ٿيڻ کانپوءِ زبردست هنگاما ٿيا جنهن ڪري ساري سنڌ لساني فسادن ۾ ٻري رهي هئي، ڪرفيو به لڳا ـ فسادن دوران مان پاڻ ڪراچيءَ ۾ هوس ۽ ريڊيو پاڪستان نيوز ۽ روزاني هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هوس ـ مون کي ياد آهي ته مان پاڻ پنهنجي رهائش گاهه پي آءِ بي ڪالونيءَ کان ڊينسو هال يعني هلال پاڪستان جي آفيس تائين پنڌ آيو هوس جو ڪرفيو لڳل هو پر اسان وٽ پاس هئي ـ بل تي اردو ڳالهائينڊرن ڪجھه اعتراض اٿاريا هئا ته سنڌي ٻولي وارو بل جيڪڏهن هاڻي کان مڪمل لاڳو ٿيو ته اسان کي جيئن ته سنڌي ٻولي ڪانه ٿي اچي تنهن ڪري اسان سان زيادتي ٿيندي ۽ اسان جا ٻار به پڙهن ٿا جن مان ڪيترن ته سنڌي ٻولي تعليمي ادارن ۾ پڙهي ڪانهي تنهن ڪري سنڌي ٻولي سکڻ لاءِ رعايت ڏني وئي هئي ـ پوٰءِ ترميمي آرڊينس جاري ڪري کين 12 سالن جي جزوي رعايت ڏني وئي هئي پر ياد رکو ته ترميمي آرڊيننس جي باوجود سنڌي ٻولي، سنڌ جي صوبائي ٻولي هئڻ واري شق هر صورت ۾ برقرار هئي ۽ آهي ـ ورلڊ سنڌي ڪانگريس،لنڊن وارا قومپرست رڳو سياسي بنيادن تي انهيءَ سلسلي ۾ ڪوڙي پرچار ڪن ٿا ـ بهرحال ان کانپوءِ جنرل ضياءَالحق، جي ايم سيد چواڻي شريف النفس انسان جي حڪومت 5 جولاءِ 1977 تي آئي، جنهن عملي طور انهيءَ بل تي مڪمل عمل ڪرڻ ڪونه ڏنو ـ هاڻ به ان تي جزوي عمل ٿئي ٿو جڏهن ته ان تي مڪمل عمل ٿيڻ گھرجي ـ
 
Back
Top