• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويهن سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي مرڻ تي، ڪجھہ سنڌي قومپرستن کي ماتليءَ وارا جلاب

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ويهن سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي مرڻ تي، ڪجھہ سنڌي قومپرستن کی ماتلیءَ وارا جلاب ٿي پيا آهن جڏهن ته بلوچستان جي شهر تربت ويجھو 20 سنڌي پورهيتن کي 10 ۽ 11 اپريل 2015 واري رات تي شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري، هڪ لعنتي ۽ منحوس بلوچ ويڙهاڪ ليڊرڊاڪٽر الله نظر ۽ سندس ساٿين (بي ايل ايف) کين بيدرديءَ سان بلوچستان جي شهر تربت ويجھو قتل ڪيو ۽ سندن قتل جي رضاڪاراڻي ذميداري به قبول ڪئي هئي ۽ هيلتائين ان جي ڪابه ترديد ڪانه ڪئي اٿن ـ
تازو آواران (بلوچستان) ۾ آپريشن ڪيو ويو آهي تنهن هيٺ سنڌين جا ڪجهه قاتل جهنم رسيد ٿي ويا آهن جن ۾ ڊاڪٽر الله نظر جو ڀاءُ ۽ سندس ٻه ڀائٽيا به شامل آهن ـ

بيگناهه 20 سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي جهنم رسيد ٿيڻ تي ته انهن سنڌي قوم پرستن کي سک جو ساهه کڻڻ کپي ها پر ڪجھه سنڌي قومپرستن کي اٽلندو ماتليءَ وارا جلاب ٿي پيا آهن. جنيوا ۾ گڏيل قومن جي اداري جي آفيس آڏو جلاوطن بلوچ اڳواڻ براهمداغ بگٽي جي اڳواڻي ۾ تازو ٿيل مظاهري ۾ سنڌي قومپرستن جي لنڊن واري تنظيم، ورلڊ سنڌي ڪانگريس شرڪت ڪئي ـ افسوس ته 20 سنڌي پورهيتن جي قتل تي ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس ڪو مظاهرو ڪونه ڪيو ۽ نه ئي کين ڪو جُھٻو آيو پر 20 سنڌي پورهيتن جي قاتلن جي مرڻ تي، بلوچن سان گڏجي جنيوا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيائون ـ ڇا سنڌي ورلڊ سنڌي ڪانگريس وارن کان ڪو پڇي سگھجي ٿو ته 20 سنڌي پورهيتن جو خون ايڏو سستو آهي جن تي سندن نظر ڪانه ٿي ٻڏي؟
 
اسان ته واويلا ڪئي پر اسان جا باشعور ۽ ساڃهه وند ماڻهو اين جي اوز جي پروگرامن مان واندا ٿين.................
 
اسان ته واويلا ڪئي پر اسان جا باشعور ۽ ساڃهه وند ماڻهو اين جي اوز جي پروگرامن مان واندا ٿين.................
سائين...... ظلم ته ڏسو ته تربت ۾ 20 مسڪين سنڌي پورهيت شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري قتل ڪيا ويا ـ ليوي فورس جي بلوچ اهلڪارن کي سرجيئدان ڏنو ويو ۽ بي ايل ايف جي ڊاڪٽر الله نظران جي ذميداري به کنئي ۽ هيلتائين ڪابه ترديد ڪانه ڪئي اٿس پر بار بار چوڻ جي باوجود ورلڊ سنڌي ڪانگريس، لنڊن وارا انهن بيگناهه سنڌين جي قتل خلاف ڪوبه مظاهرو يا احتجاج ڪونه ڪيو پر جڏهن سنڌي پورهيتن جا ڪجھه قاتل آوارن ۾ تازو آپريشن ۾ ماريا ويا ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس وارا پٽڪا ٻڌي بلوچن سان گڏجي، جنيوا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيائون ـ شايد هو سمجھن ٿا ته سنڌي پورهيتن جو خون سستو آهي ـ اڻ تصديق ٿيل خبرون موجب بلوچ ۽ را وارا اهڙين سنڌي قومپرست تنظيمن جي شايد فنڊنگ ڪن ٿا جنهن ڪري هو سندن نمڪ حلالي ڪرڻ تي مجبورآهن ـ
 
Back
Top