پڄايون جي هلڻ هي پنڌ...

پڄايون جي هلڻ هي پنڌ

_________________

پڄايون جي هلڻ هي پنڌ، منزل پير چمندي پو

اها آزاد سڪ ساعت ،مٿان پنهنجي کلندي پو

لڦون ٿياپير هاجنهنجا ،ڪاهيندي وطن واڳون

اهي ها ديس جا دلبر ،سختيون سور سهندي پو

لهي ٿڪ درد ويا ٿي دور، منزل جي مرادن سان

اجهولڙهولهي ويندا ،نه ڏکن جي رات رهندي پو

سڄوديس دهلن سان اٿي ناريون نچي پونديون

اها ساعت سنڀاريان ٿو دل جنهن سان ٺرندي پو

سڄو هي ديس سرهو ٿي ملهارن گيت ڳائيندو

وطن ويڙها وسي پوندا هر پل خوشي هوندي پو


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top