سنڌ سموري سور....!!!!

'سنڌي ادب' فورم ۾ غلام مصطفيٰ جمالي طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2015۔

  1. غلام مصطفيٰ جمالي

    غلام مصطفيٰ جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جولائي 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    اسان جا نيڻ به وڏا اڀاڳا آهن جن کي سواءِ لڙڪن جي ٻيو ڪجهه مليو ئي ناهي ننڊ جنهن شِيءُ جو نالو آهي اها کين نصيب ئي ناهي اسان جا نيڻ به ڪنهن يتيم ٻار جيان معصوم ته گهڻئي آهن پر سندن سنگت سورن سان آهي سندس ساٿي لڙڪ ئي لڙڪ آهن سندس گيت،غزل،نغما نوحن ۾ تبديل ٿي چڪا آهن کين اڀاڳي هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي چڪو آهي سندس منزلون ٻين ماڻي ورتيون آهن اسان جا نيڻ سحرائن جي سفر تي نڪتل آهن سحرا اهي جن تي اڃان ڪوبه بادل ناهي برسيو تتل واري تيز تلوار جيان اسان جي پيرن جي کي زخمي ڪري اسان جي نيڻين جي اڳتي وڌڻ کان جهلي ڇڏيو آهي. ته اوهانکي سحرا جي سفر ۾منزل نصيب نه ٿيندي.. اوهان جون راتيون اوهان جي ڏينهن انهن هي سحرائن ۾ گذريديون جن ته بادل ناهن برسيا جيڪي سحرا سفر جي لائقَ ئي ناهن اوهان سحرائن جا ساٿي آهيو. جڏهن دردن جا نوحا ڳاليون ته سحرا.ئن ۾ محفل مچائجو جئين اهي نوحا ڪير ٻڌي نه وٺي ۽ سندس دل ۾ اوهان لاءِ رحم جي زنجير جڙي نه پوي،،،اوهان جا گيت غزل وايون نظم،سڀ سحرائن کي سڻائڻ جهڙيون آهن جن ۾ ڀلي ڌرتي جو درد،ڳڀي لاءِ تڙپيندڙ يتيم جنهن معصوم جو رڙ ڇو نه هجي جيڪا هن اڌ رات اٿي بک وچان ڪئي هئي،ان ڀيڻ جو ڇو نه هجي جنهن جو ڪونڌر ڪالهه ڪسجي ويو جن جي هٿن تي لال مهندي به نه لاٿي هئي جنهن لاءِ ونواهه جي ويٺل ڪنوار به نه سجائي وئي هئي .جنهن جا موڙ ٻڌڻ کان اڳ مرجهائي جي ويا جن لاءِ نه دهل وڳا نه ئي ڪي شرنايون نه ئي ڪا سيج سجائي وئي، چاهي اهو درد انهي وني جو ڇو نه هجي جنهن جو ور شام مهل چئي ويو ته وني مون لاءِ ماني پچائي رکجان مان اجهو موٽيس پر وني جي مٿان سفيد چني اوڍجي وئي سندس چوڙيون چڪنا چور ڪيو ويون سندس سنيڌ مان سندور کي مٽايو ويو سندس چپن جي سرخي مٿي جي بنديا نڪ جي فلي کي لاٿو.ويو..ڇو.؟ته ور نه موٽيو پر سندس مڙهه ضرور اڱڻ تي ايمبولنس مان لاٿو پئي ويو،،،يا انهن امڙ جي هنجهه جا نونجا ڇو نه هجن جن جو جاني جن پٽ مارجي ويو هجي جنهن لاءِ هن سپنا ڏٺا هئا جنهن جا خواب اوڌرا رهجي ويا انهي ماءُ جي جهولي خالي ٿي وئي جنهن جو جوان جواني ۾ ڪنهن قاتل جي هٿان قتل تي ويو جنهن کيِ ماءُ وڏا جهول ڀري رب کان گهريو هو، رات جنهن پل سڀ لوڪ ستل هوندو هو ته ته پٽ پاسو ورائيندو هو ته ماءُ جي دل ۾ هزارين وهم وسوا پيدا ٿيندا هئا ءُ هو بار بار پڇندي هئي ته پٽ ٺيڪ ته آهين پر اڄ اها کٽ به خالي آهي جنهن تي هو ستل هوندو هو اڄ ماءُ جي جهولي به خالي ٿي چڪي آهي جيڪا جهولي هن جهلي ان ڪونڌر کي گهريو هو .........حقيقتون ته الائي ڪيتريون سامهون آهن پر اسان وٽ هاڻ سهپ کي سگهه ناهي اسان جا هانءُ درد ڀوڳي ڀوڳي بيزار ٿي پيا آهن هاڻ اسان جي اندر جو انسان ڪپڪائڻ لڳو آهي اسان راتين جا راهي ته اڳ ئي هئاسين پر هاڻ سحرائن جي سفر جيتري سگهه ناهي هاڻ اکيون ڪونڌر ڪسجي نٿيون ڏسي سگهن ڀيڻ کان ڀاءُ وني کان ور جدا ٿيندي موت جي منظرن هاڻ سوچ جي لوڇ کي مات ڏئي چڏي آهي،اسان جي سنڌ ڌرتي تي رت جو رانديون ڪربلا ڪهڙا منظر کڻي اچي ڪڙڪيون آهن مورئڙي جي ڪلاچي رت سان هولي جي راند زور کيڏي کيڏي ٿڪي پئي آهي جتي جا جوان جوا،شراب،هيروئين جا آڌي بڻايا وڃن انهن قافلن جا انهن قومن جا اڳواڻ ڪنهن رهزن کان گهٽ ناهن هوندا. ڪلاچي ۾ ڪچي شراب وپرائڻ سبب ويهه ڄڻا مري ويا اخبار ڇپيو اوهان پڙيو ٽي وي ڏيکاريو اوهان ڏٺو بس ڳالهه ختم نئون صبح نئون بحث نوان چهرا نيون ڳاليهون...آخر.ڇو.....؟مان انهي ڇو جو جواب ٿو گهران انهن کان.. جن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿيڻ جو قسم کنيو هو جن ڀٽائي جي بيتن کي آيتون سمجهو آهي جن سچل،سامي، شاهه عنايت قلندر جي ڪوندري هٿ ۾ وجهي وڏا قول قرار ڪيا هئا ۽ سنڌ سان وچن ڪيو هو ته اسان تون مٿان ٿيندڙ هر ظلم ڪندڙ هر ظالم جي سر سسي کان ڌار ڪري ڇڏينداسين.. منهجي ڇو....؟جو جواب ملي يا نه ملي من انهن جي اندر جو انسان نڀاڳي ننڊ مان سجاڳ ٿئي.جيئن سنڌ جي سحرا ساوا ٿي پون ۽ اسان جهڙا مسافر جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي انهي سحرا جي سفر ۾ منزل جي تلاش ۾ نڪتل آهن سي ٿڪ ڀڃن.. پر ها محبتن جا شايد وعده وفا ٿين ها ته مجنون صدين جا سفر نه ڪري ها...مومل اهين نڌنڪي ٿي نه مري ها.سئسي سحرا ۾ قافلا وٺي نه نڪري ها.سهڻي دريا جي ويرن جي وڙ نه چڙهي ها پر شايد اڄ جا وعده به ان سهڻي جي ڪچي دلي جهڙا آهن جيڪي وفا ٿيڻ کان پهرين ڳري ويا جن جي وٽ وجود ته آهي پر کوکلي بدن کان سواءِ کين ڪجهه به ناهي،نه اسان جا سفر کٽندا نه ساهه کي ٿڪ نصيب ٿيندو نه نيڻ لڙڪن کان آجا ٿيندا... پر اسان ڀلي دنيا وارن مان اميدو لاهي ڇڏيو هجن پر الله ۾ آسرو ايڏو آهي جيڏو پاڻ.الله..........اسان ۽ اسان جي اکين کي آس آهي ته سنڌ ضرور پنهجون منزلون ماڻيندي پوءِ پيار امن محبت جي اڌار وٺڻي نه پوندي پيار جا ڀاڪر اسان کي نصيب ٿيندا اسان جا سحرائن جا سفر ضرور ختم ٿيندا اسان جا لڙڪن ڀنل نيڻ نينڊ جو آعوش جي جولهي جي لولي ۾ ضرور سمهندا پر اهو وقت پري ناهي بس اسان هڪ ٻئي کان ڀلي رٺل ڇو نه هجون پر پريت کي جوڙي رکون انهي جو پلاند اسان کان ڇڏائي نه وڃي

    غلام مصطفيٰ جمالي کڏهرو ضلع بدين

    0333.3737575
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفيٰ جمالي

    غلام مصطفيٰ جمالي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 جولائي 2015
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هي منهنجو مضمون روزاني سنڌ،روزاني اپيل،روزاني نجات،روزاني مهراڻ،روزاني ڪلياڻ،روزاني هلال پاڪستان،روزاني سنڌ گلوب،روزاني پاڪ،روزاني سنڌ ٽائيم،روزاني وفائي سنڌ،روزاني نوائي سنڌ،روزاني سنڌ مهراڻ،روزاني عوامي سنڌ،روزاني تعميرسنڌ ۾ هڪ ئي وقت شايع ٿي چڪو آهي،،،مهربانيون دوستن جون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    تمام بهترين.
    ادا توهان پنهنجون لکڻيون ، ادب جي سيڪشن ۾ رکندا ڪريو.. :)
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سهڻو مضمون ...

    ان ۾ ڪوبه شق ناهي ته سنڌ سورن سان سلهاڙيل آهي .... پر اسان کي ڪجهه ته ڪرڻو پوندو، اسان هاڻي ڪيترا مرثيا ڳائينداسين ۽ پيا ويڻ ڪندا رهنداسين. سچ اهو آهي ته سنڌين کي هڪ نئين قيادت ۽ هڪ نئين جوش جذبي جي ضرورت آهي، پر ان لاء پراڻا ۽ مدي خارج سياستدان ۽ اڳواڻ پاسي تي ڪرڻا پوندا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو