محمد خان سيال
سينيئر رڪن
Bashir Ahmed Soomro سائين بشير احمد سومريَ پنهنجي تبصري ۾ لکيو آهي: مرین ۽ بگٽین حر تحریڪ کي ڪچلڻ ۾ انگریزن جو ڀرپور ساٿ ڏنو پر پوءِ بہ سنڌين انهن جی ستم کی وساري بلوچ هلچل جی حمایت ڪن ٿا، انهن سنڌين جي دریاهه دليءَ کي سلام آهي ـ
منهنجي خيال ۾ ڳالهه اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي ـ بلوچ دهشتگردن، سنڌين جي انهن احسانن جو بدلو تازو ڏنو آهي جو بي ايل ايف جي بلوچ سربراهه ڊاڪٽرالله نظر، اپريل 2015 دوران تربت (بلوچستان) ۾ 20 سنڌي پورهيتن جا شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري کين بيدردريءَ سان شهيد ڪيو ۽ ليويءَ جي اهلڪارن کي صرف ۽ صرف بلوچ هئڻ جي ناتي سر جيئدان ڏنو ـ ڊاڪٽر الله نظر نه رڳو سنڌين جي شهادت جي ذميداري قبول ڪئي پر ساڳي وقت هن اهو به ارادو ڏيکاريو آهي ته هو وڌيڪ سنڌين ۽ ٻين غير بلوچن کي آئيندي به قتل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ـ ٻيو ته ٺهيو پر ڪنهن به نامياري بلوچ ليڊر، سنڌين جي قاتل ڊاڪٽر الله نظر جو نالو وٺي، ان کي ننديو ڪونهي ـ
بلوچ قومپرست سينيٽر مير حاصل بزنجيَ ته واشنگٽن ۾ ڊان اخبار سان ڳالهائيندي سرائيڪي پورهيتن جي قتل جو ته ذڪر ڪيو پر سنڌي پورهيتن جو ذڪر ڪرڻ به مناسب ڪونه سمجھيو، مذمت ڪرڻ ته پري جي ڳالهه ٿي ـ
پر اها سچائي آهي ته ڪجھه بلوچ دهشتگردن سان ڪجهه سنڌي قومپرستن جي نمڪ حلالي اڃا اتي ختم ڪانه ٿي ٿئي ـ سنڌي قومپرستن جي لنڊن ۾ ڪم ڪندڙ تنظيم ورلڊ سنڌي ڪانگريس جنهن جو سربراهه لکو لکاڻو آهي جيڪو مونکي ملاقات دوران ظاهري طور نهايت ئي نفيس، شريف ۽ پر خلوص شخص لڳو، سو ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪجھه شرارتي سنڌي قومپرستن جي ور چڙهي ويو آهي جو جڏهن کيس چيو ويو ته 20 سنڌي بي گناهه پورهيتن جي شهادت تي آواز بلند ڪر ته هن خاموش رهڻ ئي بهتر سمجھيو پر جڏهن بلوچستان جي آواران آپريشن ۾ سنڌين جا قاتل (ڊاڪٽر آلله نظر جو ڀاءُ ۽ سندس 2 ڀائٽيا وغيره) مارجي ويا ته ورلڊ سنڌي ڪانگريس، حيرت انگيز طور سنڌين جي قاتلن جي مرڻ تي، بلوچن سان گڏجي جنيوا ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ـ
افسوس ته اهي سنڌي قومپرست ۽ ٻيا بلوچ ليڊر ڊاڪٽر الله نظر تي ٿُڪ لعنت نه ٿا ڪن ته هنن بي گناهه سنڌي پورهيتن کي ڇو قتل ڪيو؟ سندن پر اسرار خاموشي يا وري سنڌين جي قاتلن جي حمايت ظاهر ڪري ٿي ته 20 سنڌي پورهيتن جي قتل تي هو ناراض ڪونهن جڏهن ته ڊاڪتر الله نظر جي حرڪتن سبب سنڌي ـ بلوچن جي صدين پراڻن لاڳاپن کي نقصان پهتو آهي ۽ نه ئي اسان جي ڪري جيڪي 20 سنڌي بي گناهه شهيد پورهيتن لاءِ انصاف گھرون ٿا ـ اها سمجھڻ جي ڳالهه آهي ـ