• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ خيانٿ، برداشت جوڳي ڪانهي ـ

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
نيويارڪ ۾ رهندڙهڪ سنڌي قومپرست ڊاڪٽرسارنگ انصاريءَ قومي شاعر شيخ اياز جي شاعري يعني: سنڌ ديس جي ڌرتي، تو تي پنهنجو سيس نوايان....۾ ڦير ڦار ڪري، پنهنجي طرفان هڪ سٽ وڌائي ۽ ٻي سٽ ڪڍي، پنهنجي زال ڪونج انصاريءَ جي نالي ۾ فيس بوڪ تي پوسٽنگ ڪئي اٿس ـ سندس شاعري بلڪل بي سُري آهي جيڪا شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ سراسر اڻ فِٽ لڳي ٿي ـ
مان سمجھان ٿو ته شيخ اياز يا ڪنهن ٻئي شاعر جي شاعريءَ ۾، پنهنجي طرفان، هڪ سٽ ڪڍڻ ۽ هڪ سٽ وجھڻ، امانت ۾ خيانت ڪرڻ جي برابر آهي ۽ اهڙي حرڪت ڪنهن به رُخ کان برداشت ڪرڻ جوڳي ڪونهي ـ
اهو رواج هليو ته سڀاڻي شاهه جي شاعريءَ ۾ به ڪاٽ ڪوٽ ڪئي ويندي ۽ پنهنجي پسند موجب واڌ ڪئي ويندي ـ
هونئن به اهو سلسلو هليو ته اڳتي هلي بيهندو ڪونه، تنهن ڪري انهيءَ فتني کي اتي جو اتي مٽيءَ ۾ ملائڻ گھرجي ـ
 
Back
Top