اڄ جو حال اسان تي ....

اڃ جو حال
________________

اسان وٽ حال هيڻو آ پر محبت ۾ هي ٻيڻو آ
چاهت جو چڪر اهڙو ڦرجي ڦوڪ ٿيڻو آ...

اسان وٽ هونش ئي ناهين دل دلبر تي ڪو داهين
قرب ڪين ۾ ناهين ڏس ڏيهن کي ڏيڻو آ....

هلايون ٿا وري هيلا محبت ۾ ٿين ميلا
هجن بس ديد ۾ دلبر محبت ڪين مهڻو آ

ڪريون ٿا يار کي سڏڙا ڳري جي پو ٿين هڏڙا
جي جيئڻ ۾ ٿيون جڏڙا مرڻ کان اڳ مرڻو آ ....

سدان سالڪ رهن سڪ ۾ ائين ئي پيار جي پڪ ۾
ليئو پايون سائين لڪ ۾ ائين ديدار ٿيڻو آ...

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top