ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ رنجيت طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2010۔

  1. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    1۔ ڇا توهان پاڻي جي اندر روئي سگهو ٿا؟

    2۔ ڇا مڇي کي ڪڏهن اُڃ لڳندي آهي؟

    3۔ پکي وڻ تان ڪرندا ڇونه آهن جڏهن اُهي رات جو ننڊ ڪندا آهن۔

    4۔ توهان هڪ مرد ليڊي برڊ کي ڇا چوندا؟

    5۔ بلڊنگ کي بلڊنگ ڇو چيو ويندو آهي جڏهن ته اُها پهريون ئي بلڊ (ٺهيل) هوندي آهي۔؟

    6۔ پئسا وڻ تي ڪونه لٽڪندا آهن ته بئنڪن کي برانچون (شاخون) ڇو هونديون آهن۔؟

    7۔ ڪاٺ کي چپڪائڻ وارو گلو پنهنجي دٻي ٿي ڇونه چنبڙندو آهي؟؟؟

    وس وارن کي گذارش آهي ته هنن سوالن جا جواب ڏين
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    جڏهن کان رنجيت مولائي فقير ٿيو آهي، تڏهن کان سوال ڪرڻ سکي ويو آهي، ڇونه فقيرن جو ڪم ئي آهي سوال ڪرڻ، ڀلا انهن سوالن جي جواب ۾ به ڪجهه ملندو يا بس هروڀرو مٿو هڻجي ۔۔۔ تون مولائي فقير آهين ته اسين به غازي فقير آهيون ۔۔۔ مفت ۾ ڪنهنکي بخار به ڏيون ته جواب ڪيئن ڏينداسون ۔۔۔ باقي ها اسانجا ڪجهه سخي دوست آهن ۔۔۔ جيڪي ڏيڻ ڄاڻن سي ضرور ڏيندا ۔۔۔ وارو ڪيو يارو ۔۔۔ ڏئي وڃ نالي الله جي ۔۔۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    يار رنجيت
    تون به ڪو هڪ سوال ڪر
    تون ته يار لسٽ لڳائي ڇڏي آهي
     
  4. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    ادا وڏا! بس ڇا ڪجي.
    سَنگُ تاري، سَنگُ ٻوڙي، سَنگُ سُڌاري ٿو ڇڏي،
    سَنگُ پنهنجو رنگُ مٽيءَ تي به چاڙهي ٿو ڇڏي.

    ادا جي توهان انهن سوالن جا جواب ڏيندا ته بدلي ۾ ته توهان کي خبر آهي مولائي ماڻهو ڇا ڏيندو. توهان کي ملندو دعائن سان ڀريل ڪٽورو، بس ادا اسان مولائن وٽ اها ئي هڪ شيءَ آهي ڏيڻ لاءِ باقي ته پنهنجو ڪجهه ڪونهي.

    ادا وڏا هڪ واقعو ٿو ياد اچي ته مان سُڪل ماني جي ريڙهي واري جا هوڪا ڏاڍي سُهڻي نموني سان ڏيندو آهيان. هڪ ڀيري لقمان ۾ مان گهٽي ۾ به ايئن پنهنجي موجن ۾ مستان، هاف پينٽ پائي نڪتو هوس. ان وقت مونکي مندر جي ڪم لاءِ ريڙهي گاڏي ڪِرائي تي کڻي اچڻي پئي هئي، سو مان پنهنجي ڌُن ۾ مست هوڪا ڏيندو پئي آيس هڪ مائي ٻاهر نڪتي ۽ چوڻ لڳي ته سُڪل ماني گهڻي ڪلو ٿو وٺي.... تڏهن مون هُن کي چيو ته امان 5 روپيا ڪلو، اڀول پوءِ ته هوءَ شروع جو ٿي ته ڳالهائڻ بند ئي نه ڪري. جڏهن هوءَ سامت ۾ آئي ته مون کيس ٻڌايو ته امان مان ڪو ريڙهي وارو ڪونه آهيان مان ته مندر جي ڪم جي لاءِ هي ريڙهي کنئي آهي ان تي تي مائيءَ چيو نڀاڳا هوڪا جو اهڙا اصلي ٿو ڏين ته ڪير به ڌوڪو کائي ٿي سگهيو....

    بس ادا! جڏهن اهي ساروڻيون ياد اينديون آهن ته اکين مان لقمان جي ڌوٻين واري ٽيوب ويل وانگر پاڻي وهڻ چالو ٿي ويندو آهي جتي هر جُمعي تي ويندا هئاسين. بريانيءَ سان گڏ..... 
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    سهڻل سائين هاڻي ته بس تون پرديسي پکيئڙو ٿي ويو آهين۔۔۔ توسان گڏ اڏرڻ لاءِ وڏا پر کپن۔۔۔ ٻيو ته ٺهيو سوال به اهڙا ڪيئا اٿئي جو جواب اسان جي وس نه آهي۔۔
     
  6. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    جاني! بس مند ورڻ تي پنهنجي ديس به موٽي اينداسين، آهن ته سوال سولا ير باقي الائي ڇو سڀ مُنجهي ويٺا آهيو۔ لڳي ٿو جادوگر سائين کي گذارش ڪرڻي پوندي ته انهن سوالن جا جواب ڏي۔۔۔۔۔۔
     
  7. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    واقعي انهيءَ‌سوالن کي جادوگر پڄي باقي اسان کان ڪم زور آهي۔۔
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    لڳي ٿو توهان جا سوال هاڻي منهنجي روزي به رد ڪندا۔۔۔
    يار ٻيلي ڏاهو ٿي۔۔۔ پاڻ به ماڻهن سان اهڙا سوال ڪري جادوگر سڏائيندا آهيون ۔۔۔
    سوال سريلا آهن ۔۔۔۔ پاڻ ته سائين نثار ناز جي ڳالهه وانگر بينچ تي ٿا بيهي رهون ۔۔۔
    هاڻي توهان ئي جواب ڏيو نه ته لقمان واري ماسي سان توهان جي ٻيهر ملاقات لاءِ دعا گهرندم۔۔۔
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    ڀاء رنجيت توهان جا سوال ته اکيون کولڻ وارا سوال آهن پر يار اسان جو هڪ پاراڻو دوست هوندو هو اهو اهڙن سوالن تي يا اهڙي ڳالهه تي اهيو چوندو هو ته (((اهيا عقل جي دوڙ ڪئي اٿئي يا تو کي اهيا ڳالهه ٻڌل هئي۔)))) سو ادا مان وري توهان کان اهيو پڇندس ته ڇا توهان جي اهيا عقل جي دوڙ آهي يا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ؟؟؟؟؟؟
     
  10. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪجهه مذيدار سوال!!! جواب گهُرجن

    ادا رنجيت جي جواب اٿئي ته هاڻي پاڻ ئي ڏئي ڇڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو