السلام عليڪم دوستو! اميد ته چاق چڱا ڀلا هوندا. بَصَرَ جو نالو ته توهان ٻڌو هوندو! جِي ها اهو بصر جيڪو کاڌي جي شين ۾ ڪم اچي ٿو اُن جون ٻيون به ڪافي خاصيتون آهن! جهڙوڪه ٻهراڙي ۾ ڪنهن کي ڪنڊو لڳندو هو ته ڪنڊي لڳڻ واري جا تي بصر کي گرم ڪري (باھ ۾ پچائي) اُن جا تي ٻڌيندا هئا ته ڪنڊي جو زهر ختم ٿي ويندو هو. اهڙا ٻيا به کوڙ سارا ڏس بصر جي باري ۾ آهن. اڄ آئون توهان کي بصر جي ان خاصيت جي باري ۾ ٻڌايان ٿو جيڪا توهان ٻڌي حيران ٿي ويندا.! مٿي ڏنل عنوان سان توهان کي اها ته خبر پئجي چڪي هوندي ته بصر مٿي جا وار ڇڻڻ کان بچائي ٿو صرف ايترو ئي نه بصر سان گنجي مٿي تي وار به ڦُٽي پون ٿا.! ته هيئن ڪريو : توهان بصر جو رَسُ ڪڍي ان کي مٿي تي لڳائي سگهو ٿا يا وري ان کي ٻين جڙي ٻوٽين ۾ ملائي به استعمال ڪري سگهوٿا. بصر ۾ سلفر ججهي مقدار ۾ ملي ٿو جيڪو کوپڙي تي لڳائڻ سان رت جي روانگي کي بهتر بڻائي ٿو ۽ ان سان ”ڪولجين ٽشوز“ ڪي پيداوار ۾ به اضافو ٿئي ٿو جيڪو وارن جي واڌ ويجهه ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو. توهان جوسر مشين سان بصر جو جوس ڪڍي سگهو ٿا يا وري 4 کان 5 ڪٽيل بصر پاڻي ۾ 10 منٽن تائين اٻاري پاڻي کي ٿڌو ڪري ڇاڻي وٺو ۽ وارن ۾ شيمپو لڳائڻ کان پو استعمال ڪريو. جيڪڏهن توهان بصر جي بو برداشت ڪري سگهو ٿا ته بصر جو رسُ سڄو ڏينهن مٿي ۾ لڳل رهڻ ڏيو جيڪڏهن توهان کي ان سان پريشاني ٿئي ٿي ته توهان هڪ ڪلاڪ تائين لڳائي پو مٿي کي پاڻي سان ڌوئي ڇڏيو! ڪجهه ئي ڏينهن ۾ فرق ظاهر ٿيندو.
ادا عبيدالله ”عبيد“ ٿهيم مهرباني جو اهڙو ٽوٽڪو ڏسيو آهي مونهنجي پاڙي ۾ ته کوڙ سارا کنجا ۽ وار ڇڻيل موجود آهن، توهان انهن جي ڪم واري شي ڏهسي آهي، انهن کي ان نسخي تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪندس ، باقي انشاالله فرق ڏسنداسين مهرباني ڀاه