پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري - وسعت الله خان

'لوڪ چوڻيون ۽ پهاڪا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2015۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,886
    ورتل پسنديدگيون:
    27,213
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    پراڻن لفظن جي نئين ڊڪشنري

    وسعت الله خان

    سچ: هڪ افسانوي پکي آهي، جيڪو ڪنهن کي ڏيکاري نٿو ڏئي، پر سڀ ان جي ڳولها ۾ رُلي رهيا آهن.

    ڪوڙ: سچ جي ٻئي رخ کي ”ڪوڙ“ چيو ويندو آهي. پر جيئن ته نج سون مان زيور ٺاهڻ لاءِ ان ۾ ”کوٽ“ ملائڻي پوي ٿي، اهڙي ريت نج ۽ نبار ڪوڙ به اڄڪلهه ڪم نٿو اچي. سچ هجي يا ڪوڙ، اهي نج استعمال ڪرڻ سان قبضي ڪن ٿا. تنهن ڪري ڪوڙ کي سچ ۾ ٿورو ٿورو ملائي، صبح شام استعمال ڪرڻ، چوڻ ۽ ٻڌڻ وارن لاءِ وڌيڪ مفيد ۽ هاضم آهي.

    سياست: ڪڏهن هي سوشل سائنسز جو مضمون هو. هاڻي هي فزڪس، ڪيمسٽري ۽ ميٿس وانگر سائنس جي هڪ شاخ آهي. جهڙي نموني موسيقيءَ جا گهراڻا هوندا آهن، اهڙي ريت سياسي راڳ ۽ فارمولا به سيني به سيني نسل در نسل گهراڻن ۾ منتقل ٿيندا آهن پر ميٿس جي ابتڙ سياست، ڪيمسٽري وانگر لچڪدار مضمون آهي. سياست ۾ ضروري ناهي ته “ٻه واڌو ٻه” چار ئي هجن، وقت، حالتن ۽ ماحول مطابق ٻه ۽ ٻه پنج، پوڻا ٽي يا ٻه واڌو ٻه ٻاويهه به ٿي سگهن ٿا. جيئن سياست ۾ صرف ٻه ۽ ٻه چار ڪرڻ جي خواهش آهي، ان جي لاءِ بهتر آهي ته اهي سياست کان ”نو دو گياره“ ٿي، ڪنهن ڪاليج يا اسڪول ۾ سڌو سڌو ميٿس پڙهائين.

    ترقياتي منصوبا: ان مان مراد اهي اسڪيمون آهن، جيڪي عوامي فائدي جي نالي تي ٺاهيون وينديون آهن. انهن اسڪيمن مان عوام جي ترقي ڀلي ٿئي يا نه به ٿئي پر ٺاهڻ وارا ضرور ترقيءَ جي معراج تي پهچي سگهن ٿا.

    فِي ڪَس آمدني: اهو هڪ اهڙي نشيدار گوريءَ جو نالو آهي، جنهن کي کائيندي ئي محمود و اياز، ڪاري ۽ ڳوري، غريب ۽ امير جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو. ان کي کائيندڙ پٽيوالي کي به لڳندو آهي ته اهو به سڄي سال ۾ ايترا ئي پئسا ڪمائي ٿو، جيترا بل گيٽس ڪمائي ٿو. هر حڪومت بجيٽ جي موقعي تي اهي گوريون وڏي تعداد ۾ تيار ڪري مفت ورهائيندي آهي.

    بجيٽ: هي اهو معمو آهي، جيڪو وچولي طبقي کي سڄي سال تائين مصروف رکڻ لاءِ ايجاد ڪيو ويو آهي، ڇو ته اميرن کي بجيٽ جي ضرورت ڪانهي ۽ غريبن کي به ان جي ضرورت ناهي.

    تجارت: ڪڏهن هن جو مطلب هو پيغمبري پيشو، پر اڄڪلهه اهو صرف پيشو آهي. بلڪ خريدار جي مٿي تي لڳندڙ تيشو آهي. ڪڏهن اها حديث اڪثر ڪري جمعي جي واعظ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندي هئي ته؛ قيامت جي ڏينهن ايماندار تاجر صحابه ڪرام سان گڏ اٿاريو ويندو. پر جڏهن کان تجارت ۽ عقيدي ۾ اتحاد ٿيو آهي ته اهڙي ڳالهه، ڪنهن عالم جي واتان ٻڌندي سال ٿي ويا آهن.

    خارجه پاليسي: اها پاليسي جن جي نالي تي ٺاهي وڃي ٿي، انهن کي ان بابت ٻڌايو نٿو وڃي. جيئن ته اهي ان پاليسي مان ئي خارج هوندا آهن، ان ڪري هن کي ”خارجه پاليسي“ چيو وڃي ٿو.

    داخلا پاليسي: ڪو وقت هو جڏهن اها پاليسي حڪومت ٺاهيندي هئي پر هاڻي صرف تعليمي ادارا ٺاهيندا آهن.

    حب الوطني: اهو هڪ اهڙي جذبي جو نالو آهي، جنهن تحت هر ”وطني“ پاڻ سان محبت ڪري ٿو ۽ ٻين مان توقع رکندو آهي ته اهي وطن سان محبت ڪن. پهرين اهو جذبو خود بخود اُسرندو هو، پر جڏهن کان سرڪار ان کي هنج ورتو آهي، تڏهن کان ماڻهو ان کان بي فڪر ٿي ويا آهن.

    شهادت: ان جي پراڻي معنيٰ آهي؛ گواهي. نئين معنيٰ آهي؛ ڪوڙي گواهي. ڇو ته سچي شهادت جي صورت ۾ گواهيءَ جي ”شهادت“ به ٿي سگهي ٿي. شهادت، حق خاطر سر گهورڻ کي به چئجي ٿو. پر جديد لغت ۾ ان جي تشريح اها آهي ته حق سٺو، پر ان لاءِ ڪو ٻيو مري ته بهتر.

    جمهوريت: اهو هڪ خوشنما ٻوٽو آهي، جنهن کي ٻج جي مرحلي کان وڻ تائين آڻڻ لاءِ، آبادگار کي تمام گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. تڏهن وڃي چئن يا پنجن سالن ۾ اهو وڻ ميوو ڏيڻ شروع ڪندو آهي. پر اهو ايڏو ته لذيذ ميوو آهي، جو اڪثر ڪچو ئي ٽوڙي کاڌو ويندو آهي. جڏهن ته ان جا پن، ٻڪرين، ڳئون ۽ مينهن جي ڪم اچي ويندا آهن.

    اسيمبلي: مختلف ملڪن ۾ ان جا مختلف نالا آهن. ڪٿي اهو لفظ جانورن جي وٿاڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. ڪٿي گونگن ۽ ٻوڙن جي پنچائت کي اسيمبلي چئجي ٿو. ڪٿي اهو چونڊيل نمائندن جي اجتماع جو نالو آهي، ته ڪٿي دنگل جي آکاڙي کي، ته وري ڪٿي مڇي مارڪيٽ کي پيار مان اسيمبلي چئجي ٿو. پاڪستان ۾ اسيمبليءَ کي هر وقت سڀ، ڪجهه نه ڪجهه چوندا رهندا آهن. پر اسيمبلي مسڪين، ڪنهن کي ڪجهه نه چوندي آهي.

    فوج: دنيا جي هڪ ٻن ملڪن کي ڇڏي، اها هر جڳهه تي ملي ٿي. ڪٿي اها ملڪ لاءِ هوندي آهي ته وري ڪٿي ملڪ ان لاءِ هوندو آهي. ٻنهي جو چولي دامن جو ساٿ آهي. ڪٿي چولي اڳيان ته دامن پٺيان ۽ ڪٿي ٻئي هڪ ٻئي جي پٺيان.

    اين جي او: بصر جو هڪ قسم، جيڪو گول گول کلندو ويندو آهي ۽ آخر ۾ هٿ ۾ کل ۽ اکين ۾ پاڻي رهجي ويندو آهي پر ڏسڻ ۾ اهو بصر سٺو لڳندو آهي ۽ ذائقي ۾ به لاجواب آهي. جهڙي ريت ڪافي، چيري ۽ اسٽرا بري جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته انهن کي اولهه مان آڻي اوڀر ۾ پوکيو ويو. اهڙي طرح اين جي اوز جو ٻج به اولهه ۾ تيار ٿيو پر اوڀر جي زمين ان کي خوب راس آئي. آفريڪا، ايشيا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ ان جي پوک وسيع پئماني تي ٿيندي آهي. اهو هڪ لاڀائتو پيداواري فصل آهي. جيڪڏهن زمين گِهميل هجي ته موقعي شناس زميندار سال ۾ ٻه فصل به کڻي سگهي ٿو.

    انصاف: اهو هڪ اهڙي خيالي بستري کي چئجي ٿو، جنهن تي هڪ بيوس ماڻهو مٿو رکندي ئي سمهي پوي ٿو ۽ پوءِ بي انصافيءَ جي سج جي گرم ڪرڻن سان ان جي اک کلي پوي ٿي ۽ اهو پلئه ڇنڊي اٿي بيهي رهي ٿو. جهڙي نموني ٻليءَ کي خواب ۾ ڇيڇڙا نظر ايندا آهن، اهڙي ريت غريب ماڻهوءَ کي اڪثر ڪري انصاف جا خواب نظر ايندا آهن.

    وڪيل: اڳوڻي زماني ۾ دليلن سان مسلح، لفظن جي جادوگر کي وڪيل چوندا هئا. پر اڄ ان جو مطلب آهي؛ اهڙو قانوني ماهر، جيڪو قانون کي لاقانونيت ۽ لاقانونيت کي قانون، ثابت ڪري سگهي. زبان سان گڏوگڏ هٿ به هلائي سگهي. شڪاريءَ سان گڏ ڊوڙي به سگهي ۽ سهي سان به ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺو هجي. وري ٻنهي کان داد ۽ في به وٺي سگهي.

    صحافي: ڪنهن زماني ۾ اهو پکي، اڪثر حقيقتن جي ٻيلن ۽ جهنگلن ۾ ملندو هو. جيئن ته هن جي کل ۽ کنڀ مهانگا وڪامندا هئا، تنهنڪري وقت سان گڏوگڏ وڏن وڏن ڪاروباري ماڻهن ان جي فارمنگ شروع ڪري ڇڏي. پر فارمي صحافين جا پَر جهنگلي صحافين جي مقابلي ۾ ننڍا هوندا آهن ۽ وزن به وڌيڪ هوندو اٿن. ان ڪري اهي تمام وڏي اڏام نٿا ڪري سگهن. تنهنڪري ذهين ڪاروباري ماڻهو، انبن ۽ ڪِينو وانگر، فارمي صحافين جي ڪراس بريڊنگ ۽ گريڊنگ به ڪندا آهن. اي ڪئٽيگري جو پکي سڀ کان گهڻي ڊمانڊ ۾ هجڻ ڪري مهانگو وڪامي ٿو. جڏهن ته بي ۽ سي ڪئٽيگري وارا جتي داڻو پاڻي ملي وڃي، اتي آکيرو ٺاهي وٺندا آهن. هن پکيءَ کي پالتو بنائڻ جون ڪوششون به ڪيون پيون وڃن. پر هيستائين ان ۾ جزوي ڪاميابي ملي سگهي آهي.

    اديب ۽ شاعر: اهڙي ديواني کي چوندا آهن، جيڪو ٻئي کي ديوانو سمجهي. ڪجهه وقت اڳ تائين، انهن ديوانن جا قدردان به وڏي تعداد ۾ هوندا هئا. پر دال روٽيءَ جي چڪرن، ان ديواني کي هوشيار ۽ پرستارن کي ديوانو ڪري ڇڏيو آهي.

    مولوي: ڪلاسيڪي لغت ۾ مولوي اهڙي شخص کي چوندا آهن؛ جيڪو دين جو علم، امانت وانگر صحيح ۽ آسان انداز ۾، عام ماڻهن تائين پهچائي سگهي. ٻين مذهبن ۾ ان کي راهب، پادري، پنڊت، ڀڪشو ۽ رابي به چيو ويندو آهي. پهرين هر مذهب جا مولوي، تعداد ۾ گهٽ پر باعلم ۽ با عمل وڌيڪ هئا. پر هاڻي هائبريڊ ۽ برائلر ٽيڪنالاجي، ڪم آسان ۽ تيز ڪري ڇڏيو آهي.

    اسڪول: پراڻن وقتن ۾ اسڪول کي درس گاهه چوندا هئا. پر جڏهن کان جهالت ”درس“ کي گڏ ڀڄائي کڻي وئي آهي، تڏهن کان اسڪول جي عمارت عالم سازيءَ بدران روبوٽ سازيءَ جي ڪم اچي رهي آهي. اسڪول جو هڪ قسم گهوسٽ اسڪول آهي، جنهن ۾ جن ڀوت پڙهندا آهن. پر هن ۾ به تعليمي معيار، لڳ ڀڳ سِرن ۽ پٿرن سان ٺهيل سرڪاري اسڪول جهڙو ئي هوندو آهي.

    استاد: پهرين اهو نڪمن شاگردن کي مار ڏيندو هو ۽ هاڻي نڪما شاگرد ان کي مار ڏيندا آهن.

    مڱڻهار: سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جي نگهبان کي مڱڻهار چوندا آهن. پر جڏهن کان پيشه ور بازيگرن پنهنجي سياسي فن جي مظاهري عيوض دائري ۾ بيٺل مجموعي جي سامهون رومال ڦهلائي گهور وصول ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي ته ويچارو مڱڻهار سائيڊ تي ٿي ويو آهي.
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,220
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ههههههههه ڪافي حد تائين نه وڻندڙ حقيقت بيان ڪئي وئي آهي !
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سراج بودلو

    سراج بودلو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2015
    تحريرون:
    70
    ورتل پسنديدگيون:
    101
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ليڪچرر ( سنڌ اقراڪاليج بدين)
    ماڳ:
    ڪراچي
    سٽو ا ڪافي ڃاڻ ملي
     
  4. محمد يوسف ڳنڀير

    محمد يوسف ڳنڀير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    بهترين
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو