هڪ بيمار شخص پنهنجي ڊاڪٽرکان پڇيو؛ ڊاڪٽرصاحب موت کان پوءِ اڳين جهان يعني هن پاسي ڇا هوندو؟ ڊاڪٽر مريض جي اکين ۾ جهاتي پائيندي قلم کي پنهنجي جڳه تي رکيو ۽ پنهنجيون ٻانهون ٽيبل تي رکي وڏي سڪون سان وراڻيو.... مونکي ناهي خبر! ڇوڊاڪٽرصاحب ڇوناهي خبر؟ مريض پنهنجي پيشانيءَ تي گهنج وجهندي چيو، آئون به مرندس پرمونکي ناهي خبر ته موت جي هن پاسي ڇا هوندو؟ توهين ڪجهه ته ان تي روشني وجهو؟ ان وقت در تي ڀونڪڻ جي آواز سان گڏوگڏ درجي ڪاٺيءَ تي رانبوٽن جي هڻڻ جي آواز به آئي پئي. ڊاڪٽر اٿي در تي ويو۽ جيئن ئي در کوليئين ته هڪ خوبصورت ڪتوخوشي مان هڪ ئي ٽپ سان پنهنجي مالڪ جي ٻانهن ۾ اچي ويٺو. پڇ لوڏيندي پنهنجي خوشيءَ جو اظهارهن ڊاڪٽرسان به ظاهرڪيو. تڏهن هن مريض پنهنجي ڊاڪٽر ۾ هن جي علم، پيشي ۽ مهارت جي لحاظ کان ڪوتاهي محسوس ڪئي ۽ هن ڊاڪٽر کي چيو؛ اوهان ڏٺو ڪتي جو رويو ڪهڙو هو؟ هو هن ڪمري ۾ ڪڏهن ڪونه آيوپوءِ به هو دروازي کلڻ شرط وڏي اعتماد سان کلندو ڪڏندو اندر داخل ٿيو. اوهان کي خبرآهي ڇو؟ ڇوجوهن کي خبرهئي ته هن جو مالڪ هن در پويان هن ڪمري ۾ موجود آهي...... ۽ مان به ! مونکي ڪجهه به خبر ناهي ته زندگيءَ جي هن پار ڇا آهي؟؟؟؟؟؟؟ مگر هڪڙي ته پڪ سوء فيصد اٿم ته منهنجو مالڪ اتي ضرور موجود هوندو ته پوء ڊپ ۽ خوف جي ڪهڙي ڳالهه آهي ..............!
سائين ڳالھ سُٺي آهي پر ان ڪتي جهڙي وفا ته هجي جي ڪتي جيتري مالڪ سان وفا رهي ته ياد ڪو مسئلو نه هوندو پر جي انسان ۾ ڪتي جيتري وفا نه هوندي ته ڪتي کان به بدتر انسان پنهنجي ان مالڪ سان جنهن هن کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آهي اتي ڪهڙو ڪڏي هلندو ته مان مالڪ وٽ آيو آهيون دنيا ۾ ڪو اهڙو ڪتو اوهان ڏٺو آهي جيڪو مالڪ سان نه بلڪه غير سان وفادار هجي.
اوهان بلڪل صحيح آهيو مگر هي آکاڻي هڪ خوبصورت تعلق کي ظاهرڪري ٿي بس ان خالق ۽ مخلوق جورشتو جيڪوهن آدم ۾ پنهنجوروح ڦوڪي شروع ڪيو. باقي ڳالهه آهي وفا جي ته اها جنهن به انسان ۾ آهي ته ايتري آهي جو الله ان مان راضي ٿيووڃي آخرجنت به ته ڀربي ڪه نه !!!!! مولا شاد ۽ آباد رکيو