موت جي در پويان ڇا آهي

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ سيد احسان علي شاهه طرفان آندل موضوعَ ‏22 جولائي 2015۔

  1. سيد احسان علي شاهه

    سيد احسان علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ڪم
    ماڳ:
    حيدرآباد
    هڪ بيمار شخص پنهنجي ڊاڪٽرکان پڇيو؛ ڊاڪٽرصاحب موت کان پوءِ اڳين جهان يعني هن پاسي ڇا هوندو؟
    ڊاڪٽر مريض جي اکين ۾ جهاتي پائيندي قلم کي پنهنجي جڳه تي رکيو ۽ پنهنجيون ٻانهون ٽيبل تي رکي وڏي سڪون سان وراڻيو.... مونکي ناهي خبر!
    ڇوڊاڪٽرصاحب ڇوناهي خبر؟ مريض پنهنجي پيشانيءَ تي گهنج وجهندي چيو، آئون به مرندس پرمونکي ناهي خبر ته موت جي هن پاسي ڇا هوندو؟ توهين ڪجهه ته ان تي روشني وجهو؟
    ان وقت در تي ڀونڪڻ جي آواز سان گڏوگڏ درجي ڪاٺيءَ تي رانبوٽن جي هڻڻ جي آواز به آئي پئي.
    ڊاڪٽر اٿي در تي ويو۽ جيئن ئي در کوليئين ته هڪ خوبصورت ڪتوخوشي مان هڪ ئي ٽپ سان پنهنجي مالڪ جي ٻانهن ۾ اچي ويٺو.
    پڇ لوڏيندي پنهنجي خوشيءَ جو اظهارهن ڊاڪٽرسان به ظاهرڪيو.
    تڏهن هن مريض پنهنجي ڊاڪٽر ۾ هن جي علم، پيشي ۽ مهارت جي لحاظ کان ڪوتاهي محسوس ڪئي ۽ هن ڊاڪٽر کي چيو؛
    اوهان ڏٺو ڪتي جو رويو ڪهڙو هو؟ هو هن ڪمري ۾ ڪڏهن ڪونه آيوپوءِ به هو دروازي کلڻ شرط وڏي اعتماد سان کلندو ڪڏندو اندر داخل ٿيو.
    اوهان کي خبرآهي ڇو؟
    ڇوجوهن کي خبرهئي ته هن جو مالڪ هن در پويان هن ڪمري ۾ موجود آهي......
    ۽
    مان به !
    مونکي ڪجهه به خبر ناهي ته زندگيءَ جي هن پار ڇا آهي؟؟؟؟؟؟؟
    مگر هڪڙي ته پڪ سوء فيصد اٿم ته منهنجو مالڪ اتي ضرور موجود هوندو ته پوء ڊپ ۽ خوف جي ڪهڙي ڳالهه آهي ..............!
    [​IMG]
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏22 جولائي 2015
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. روشن علي رحيمي

    روشن علي رحيمي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    210
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    103
    سائين ڳالھ سُٺي آهي پر ان ڪتي جهڙي وفا ته هجي جي ڪتي جيتري مالڪ سان وفا رهي ته ياد ڪو مسئلو نه هوندو پر جي انسان ۾ ڪتي جيتري وفا نه هوندي ته ڪتي کان به بدتر انسان پنهنجي ان مالڪ سان جنهن هن کي اشرف المخلوقات جو درجو ڏنو آهي اتي ڪهڙو ڪڏي هلندو ته مان مالڪ وٽ آيو آهيون دنيا ۾ ڪو اهڙو ڪتو اوهان ڏٺو آهي جيڪو مالڪ سان نه بلڪه غير سان وفادار هجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سيد احسان علي شاهه

    سيد احسان علي شاهه
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جولائي 2015
    تحريرون:
    18
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سرڪاري ڪم
    ماڳ:
    حيدرآباد
    اوهان بلڪل صحيح آهيو مگر هي آکاڻي هڪ خوبصورت تعلق کي ظاهرڪري ٿي بس ان خالق ۽ مخلوق جورشتو جيڪوهن آدم ۾ پنهنجوروح ڦوڪي شروع ڪيو. باقي ڳالهه آهي وفا جي ته اها جنهن به انسان ۾ آهي ته ايتري آهي جو الله ان مان راضي ٿيووڃي آخرجنت به ته ڀربي ڪه نه !!!!! مولا شاد ۽ آباد رکيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو